مختصر خبرون

ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ اسان جو فرض آهي ،سعيد احمد جماڻي

بختيار بگٽي، لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻي جي مارڪيٽ ٿاڻي جو ايس ايڇ او سعيد احمد جماڻي گذريل ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ واپارين ۽ شهرين ۽ صحافين سان امن امان جي صورتحال تي غور ويچار ڪندي چيو ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عبدالخالق شيخ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو جاويد احمد جسڪاڻي جي ڏنل هدايتن تي ڪم ڪري رهيا آهيون ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ اسان جو فرض آهي جوان، منشيات ۽ فحاشي براين کي پڻ ٻنجهو ڏئي ڇڏيو آهي جرائم جي جڙ اتائين شروع ٿيندي آهي ڏوهاري ڀلي ڪيڏو به ڏوهاري ڇو نه هجي ان کي پڪڙي ان جي انجام تائين پهچايو وڃي ڪجهه اهڙيون ٽيمون تيار ڪيون ويون آهن جيئن ڏوهارين جي ٽڪاڻن کي مٽائي ڇڏينديون، هن وڌيڪ چيو ته ريشم گلي، شاهي بازار، اصغر بلازه، سريا پڌر، بئنڪ اسڪوائر تي پنهنجا جوان مقرر ڪري ڇڏيا آهن جيڪي ايندڙ ويندڙ شڪي ماڻهن تي نظرثاني ڪري رهيا آهن جيئن منهنجي حد جي صورتحال بهتر ٿي سگهي، ان وڌيڪ چيو ته عوام جو به فرض آهي ته پوليس سان رابطي ۾ هجن ته جيئن گناهگار کي سزا ڏئي ان جي انجام تائين پهچايو وڃي ٻئي پاسي سياسي سماجي ڌرين چيو ته سعيد احمد جماڻي جون محنتون ساراهه جوڳيون آهن سعيد احمد جماڻي جڏهن کان مارڪيٽ ٿاڻي جي چارج سنڀالي آهي ته ڏوهارين خلاف ناصور بڻجي ويو آهي ۽ غريبن مسڪينن جو سهارو بڻيل آهي، جوا، منشيات ۽ فحاشي براين کي پڻ ٻنجون ڏئي ڇڏيو آهي، اسين چئون ٿا ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عبدالخالق شيخ، ايس ايس پي لاڙڪاڻي جاويد احمد جسڪاڻي ۽ ايس ايڇ او سعيد احمد جماڻي جهڙا دلير آفيسر هر جڳهه تي موجود هجن جيئن عوام سک جو ساهه کڻي سگهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button