مختصر خبرون

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ رکيل پرچا ملتوي

بختيار بگٽي، لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو: پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو جناب اسدالله مهر پڌرو ڪيو آهي ته لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل ائنڊ هيلٿ سائنس ڄامشورو اعلان ڪيو آهي ته سرجري 2 ۽ ميڊيسن 2 ايم بي بي ايس فائنل جي 10 سيمسٽر ريگيولر امتحان 2012 جيڪي 7 ڊسمبر 2012 تي ٿيڻا هئا انهن کي بائيڪاٽ جي ڪري ملتوي ڪيو ويو هو ۽ اهي هينئر 7 فيبروري 2013 تي خميس ڏينهن چانڊڪاميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ورتا ويندا. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جناب اسدالله ابڙو جي اڳواڻي ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي ملهائڻ جي لاءِ سڀاڻي 5 فيبروري تي صبح جو 09 وڳي گورنمينٽ پائلٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو کان هڪ ريلي ڪڍي ويندي جيڪا شهر جي مختلف روٽن کان ٿيندي لاڙڪاڻو پريس ڪلب وٽ اختتام پزير ٿيندي جنهن ۾ پريس جي سڀني دوستن ۽ عام ماڻهن کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button