اليڪشن 2013
-
11 مئي نواز ليگ جي فتح جو ڏينهن ثابت ٿيندو، امداد حسين چولياڻي
پي ايس 41 تي نواز ليگ جي اميدوار امداد حسين چولياڻي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڪالهه ڳوٺ روشن مغيري، ڳوٺ ڪمالپور، ڳوٺ سائين داد کوکر ۽ باڊهه جي مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين ۽ عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي چيو ته 11 مئي نواز ليگ جي فتح جو ڏينهن ثابت ٿيندو، هن چيو ته پ پ وارن گذريل 5 سالن دوران عوام کي بيروزگاري، مهانگائي، بدامني ۽ لوڊشيڊنگ جهڙا تحفا ڏنا
وڌيڪ پڙھو -
بروھي ڀائرن اچونڊ مھم تيز ڪري ڇڏي
اين اي 205 ۽ پي ايس 41 جي آزاد اميدوار ڀائرن نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي پنهنجي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيو آهن، ڪالهه ڳوٺ درگاهه شريف، ڀٽي ڳوٺ، ڳوٺ علي مراد چانڊيو، ڳوٺ خير محمد جهتيال، وڏي وهڻي ۽ ٻين ڳوٺن جا طوفاني دورا ڪري مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي اميدوار ڀائرن نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي چيو ته عوام کرن ۽ کوٽن کي پرکي چڪو آهي
وڌيڪ پڙھو -
ڏھرڪي ۾ گھر گھر ووٽ جي اھميت جي آگاھي ڏني پئي وڃي، الک ويلفيئر ايسوسيشن اڳواڻ
الک ويلفيئر ايسوسيشن ضلع گهوٽڪي جي اڳواڻن شبيرگبول ۽ عامررسول ڏهرڪي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سٽيزنس وائيس فار فري اينڊ پيس فل اليڪشن پروجيڪٽ تحت اسان جي ٽيمن ضلع گهوٽڪي جي 39 پولنگ اسٽيشن جي 5 هزار خاندانن جي ويهه هزار کان مٿي ماڻهن کي گهر گهر وڃي ووٽ جي اهميت ۽ ووٽ ڏيڻ بابت آگاهي ڏني آهي
وڌيڪ پڙھو -
مورو:جتوئي ڀائرن کان پڇڻ گهرجي ته انهن ڪامياب ٿي عوام کي ڇا ڏنو، پ پ اڳواڻ
اين اي 211 جي اميدوار ذوالفقار علي بهڻ، پي ايس 23 جي اميدوار فيروزا خان جمالي پنهنجي اليڪشن مهم روڪ تيز ڪري ڇڏي ان سلسلي ۾ مورو شهر جي لطيف ڪالوني ۾ اڪرم آرائين پاران هڪ جلسي عام جو بندوبست ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
مورو: پ پ جو پراڻو جيالو اين پي پي ۾ شامل، پ پ وارن وٽ قدر ناھي
پ پ جو تعلقي صدر ۽ پي ايس 23 جو آزاد اميدوار حاجي خان ڀٽي جي پارٽي مان ڳوڙھن سان الوداع، اين پي پي اڳواڻ ۽ پي ايس 23 جي اميدوار مسرور احمد جتوئي جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو، چيئرمين نيشنل پيپلز پارٽي غلام مرتضا جتوئي تي اعتماد ڪندي اين پي پي ۾ شامل،
وڌيڪ پڙھو -
باڊھ: سنڌ جو عوام چونڊن ۾ ڪوڙا نعرا هڻندڙن کي ووٽ هر گز نه ڪندو، بروھي ڀائر
پي ايس 41 ۽ اين اي 205 تي آزاد اميدوار ڀائرن نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي سيهڙ، يارو لاکير، ويهڙ، سامٽيا، وڳڻ، لالو رائنڪ، نصيرآباد، باڊهه، وڏي وهڻي، ننڍي وهڻي، نئون ڳوٺ، ٻاٻوري، بٺ شاخ، سائين داد جوڻيجو، ۽ ٻين ڳوٺن جو دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ته پ پ پنهنجي 5 سالن جي حڪومت ۾ سنڌ کي تباهه ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
ٽنڊو محمد خان ۾ اميدوارن ۽ عوام جي وچ ۾ کلي ڪچهري منقعد ڪرائي ويئي
سماجي تنظيم انڊس فيوچر فائونڊيشن پاران ايندڙ الڪيشن 2013 جي سلسلي ۾ اميدوارن ۽ عوام جي وچ ۾ کلي ڪچهري منقعد ڪرائي ويئي، آفيسر ڪلب ٽندو محمد خان ۾ منقعد ڪيل کلي ڪچهري ۾ مختلف تڪن جي اميدوارن سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ، سول سوسائٽي جي نمائندن ، وڪيلن ، صحافين ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
پ پ جا موجوده اڳواڻ ڀٽو جي نظريي تان هٽي ويا آھن، ڊاڪٽر صفدر عباسي
ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت کان پوءِ بينظير ڀٽو پارٽي کي زندهه رکيو شهيد راڻي جي وڇوڙي بعد پ پ جا موجوده اڳواڻ ڀٽو جي نظريي تان هٽي ويا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار اين اي 205 جي آزاد اميدوار اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي باڊهه ۾ رٽائرڊ ڊي جي هيلٿ سنڌ ڊاڪٽر غلام سرور چنه پاران سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
پ پ واران ماڻهن کان مرڪون ئي کسي ورتيون، ميرغيبي خان مغيري
مسلم ليگ (ن) جي پي ايس 40 شهدادڪوٽ جي اميدوار ميرغيبي خان مغيري شهدادڪوٽ ۽ قبو سعيد خان جي مختلف ڳوٺن جو دؤرو ڪيو ۽ برادرين جي چڱن مڙسن سان ملاقاتون ڪري حمايت حاصل ڪري ورتي آهي
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: پي پي جي 12 ڪارڪنن پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
اين اي 216 ، پي ايس 33 ۽ 31 جي پولنگ اسٽيشنن تي سياسي بنيادن تي عملو مقرر ڪرڻ واري عمل خلاف ٻڌايل تڪن جي پي پي ورڪرن ۽ ووٽرن فقير سبز علي هيسباڻي، عاشق راڄپر، عبدالقيوم راڄپر جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي شاهه جي مشين اسٽاپ وٽ احتجاجي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي سخت احتجاج ڪيو
وڌيڪ پڙھو