اليڪشن 2013شهدادڪوٽ

پ پ واران ماڻهن کان مرڪون ئي کسي ورتيون، ميرغيبي خان مغيري

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، شهدادڪوٽ

ميرغيبي خان مغيري
ميرغيبي خان مغيري
مسلم ليگ (ن) جي پي ايس 40 شهدادڪوٽ جي اميدوار ميرغيبي خان مغيري شهدادڪوٽ ۽ قبو سعيد خان جي مختلف ڳوٺن جو دؤرو ڪيو ۽ برادرين جي چڱن مڙسن سان ملاقاتون ڪري حمايت حاصل ڪري ورتي آهي،شهدادڪوٽ جي ڳوٺ يارمحمد بروهي ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي جي صدر مير غلام مرتضيٰ مغيري پاران ڪوٺايل ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي مير غيبي خان مغيري چيو ته پيپلز پارٽي وارن عوام لاءِ ڪو به رستو نه ڇڏيو.لوڊ شيڊنگ،ڪرپشن،مهانگائي،بيروزگاري ۽ بدامني ذريعي ملڪ کي ڪچليو ويو،هن چيو ته هاڻي عوام بيدار ٿي ويو آهي،هاڻ جاگيردارن سرمائيدارن کي رد ڪري عوام هڏ ڏوڪي ۽ انسان دوست ماڻهن کي ايوانن ۾ آڻڻ چاهي ٿو، غيبي خان مغيري جو چوڻ هو ته پ پ واران ماڻهن کان مرڪون ئي کسي ورتيون آهن، عوام انهن ماڻهن کي پنهنجي تڏن تي اچڻ به برداشت نه ٿو ڪري، هن چيو ته پيپلز پارٽي وارن جا آزاريل ماڻهون هنن جي ڀرپور آجيان ڪندي پ پ وارن جا سور ساري روئي پون ٿا، هن چيو ته هُو نواز ليگ جي پليٽ فارم کان چونڊجي اچي سندن سمورا ڏک ختم ڪندو، گڏجاڻي دؤران شهري ايڪشن ڪاميٽي جي صدر غلام مرتضيٰ مغيري برادريءَ ۽ دوستن سميت (ن) ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪندي مير غيبي خان مغيري جي حمايت جو اعلان ڪيو،ان کان اڳ غيبي خان مغيريءَ جو شاندار استقبال ڪندي مٿس گل ورکا ڪيا ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button