اليڪشن 2013ھنڱورجا

ھنڱورجا: پي پي جي 12 ڪارڪنن پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

ھنڱورجا: پي پي جي 12 ڪارڪنن سڀاڻي پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
ھنڱورجا: پي پي جي 12 ڪارڪنن سڀاڻي پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
اين اي 216 ، پي ايس 33 ۽ 31 جي پولنگ اسٽيشنن تي سياسي بنيادن تي عملو مقرر ڪرڻ واري عمل خلاف ٻڌايل تڪن جي پي پي ورڪرن ۽ ووٽرن فقير سبز علي هيسباڻي، عاشق راڄپر، عبدالقيوم راڄپر جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي شاهه جي مشين اسٽاپ وٽ احتجاجي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي سخت احتجاج ڪيو مظاهرين قومي شاهراهه جي ٻنھي پاسن تي شاميانا هڻي ويهي رهيا جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان هزارين گاڏين جون قطارون لڳي ويون مڇريل مظاهرين سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا ۽ انهن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته 11 مئي تي ٿيندڙ چونڊن ۾ هڪ سازش تحت پي پي اميدوار کي هارائڻ جو منصوبو هاڻي کان ئي جوڙيو ويو آهي جنهن ۾ پولنگ عملو مخالف اميدوار جي مرضي موجب مقرر ڪيو ويو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي اسان جو هي احتجاج پولنگ عملي کي هٽائڻ تائين جاري رهندو.
قومي شاهراهه تي پي پي ڪارڪنن ۽ پي پي جي ووٽرن جي پاران شاهه جي مشين تي لڳل ڌرڻ سبب شاهه جي مشين بس اسٽاپ جي مڙني هوٽلن تي سڄو ڏينهن تمام گهڻي رش لڳل رهي جڏهن ته ڌرڻي جي ميزباني ڪندڙ پي پي اڳواڻ عاشق راڄپر پاران ڌرڻي ۾ شامل سمورن ماڻهن لاءِ کاڌي پيتي جا انتظامات ڪيل هئا. جڏهن ته شاهه جي مشين اسٽاپ تي سمورو ڪاروبار بند رهيو جڏهن ته هوٽلون کليل رهيو. جڏهن ته سخت ۽ شديد گرمي ۽ نٽهن اس تي ڌرڻو هڻي ويٺل ماڻهن لاءِ ٿڌي پاڻي ۽ شربت جون سبيلون لڳايو ويو.
قومي شاهراهه تي لڳل پي پي ڪارڪنن جي لڳل ڌرڻي کي ختم ڪرائڻ توڙي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ صبح کان شام تائين ڪوبه انتظامي عملدار نه پهتو جنهن ڪري ڪارڪن سڄو ڏينهن وقفي وقفي سان شديد نعريبازي ڪندا رهيا.
قومي شاهراهه تي شاهه جي مشين تي لڳل ڌرڻي سبب سڄو ڏينهن ٽريفڪ بلاڪ رهي جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري مختلف ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز ڌرڻي واري هنڌ کان ٻاهر پري پري بيٺل رهيا ۽ وائرليس ذريعي ڌرڻي جي پل پل جي صورتحال کان اعلي اختارين کي آگاهه ڪندا رهيا.
قومي شاهراهه تي لڳل ڌرڻي ۾ پي پي سان تعلق رکندڙ چئني تعلقن نارو، فيض گنج ، ٺري ميرواهه ۽ صوڀوديرو تعلقي جا پارٽي عهديدار ڪارڪن پڻ موجود رهيا ۽ ڌرڻ واري هنڌ ايڪوسائونڊ تي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بلاول ڀٽو زرداري جون رڪارڊ ڪيل تقريرون ٽيپ رڪارڊر تي وڏي آواز ۾ هلنديون رهيون ۽ وقفي وقفي سان پي پي جا ڪارڪن ۽ جيالا تقريرون ڪندا رهيا. ان دوران پي پي جي 12 ڪارڪنن سڀاڻي پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button