آرٽيڪل

  • سياسي بالغ نظري

    ملڪي مسئلن جي حل ۽ جمھوريت جي استحڪام جي لاءِ پاڪستاني سياستدانن جيڪو ڪردار ادا ڪيو آھي اھو يقينن ھميشھ ياد رکيو ويندو. دھشتگردي جي خلاف جنگ، معاشي بحران، اندروني ۽ بيروني خطرن جي باوجود پاڪستان ۾ جمھوريت مستحڪم آھي ۽ چونڊيل جمھوري حڪومت جو اقتدار وارو عرصو ساڍن ٽن سالن کان وڌي چڪو آھي، صدر مملڪت آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي چار ڀيرا خطاب ڪري چڪو آھي، جڏھن تھ جمھوري حڪومت چار بجيٽ بھ پيش ڪري چڪي آھي

    وڌيڪ پڙھو
  • سکر جو نوجوان ريل ھيٺان اچي اچي مرڻينگ

    سکر ۾ گهر جو پاڻي ڀريندڙ نوجوان ريل هيٺاڻ اچي مرڻينگ، حالت نازڪ، خبرموجب سکر جي ٿرمل ڪالوني ڀرسان هڪ نوجوان فهد حسين پٽ فياض حسين گهر لاءِ پيئڻ جو پاڻي ڀري ريلوي لائين ٽپي رهيو هو ته سامهون ايندڙ سکر ايڪسپريس اچي وئي ۽ ٽڪر لڳڻ ڪري هو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سول اسپتال سکر داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ ۾ برساتن جا هاڃا ۽ الخدمت جو ڪردار

    ملڪ ۾ جڏهن به انسانيت مٿان ڪا مشڪل گهڙي آئي جماعت اسلامي ۽ ان جي فلاحي اداري رنگ،نسل،پارٽي ۽ مذهب جي مت ڀيدکان مٿاهون ٿي ڪري انسانيت جي خدمت واري جذبي هيٺ مصيبت جي ماريل عوام جي خدمت ڪئي آهي،پوءِ کڻي اهو ڪشمير ۾ زلزلو هجي،ٿر ۾ ڏڪر يا سنڌ ۾ ٻوڏ توڙي برساتون هجن الخدمت جا رضاڪار هميشه اڳ کان اڳرا رهيا آهن.تازو سنڌ خاص طور اترين ضلعن ۾ طوفاني برساتن جي موقعي تي پڻ الخدمت پهرين ڏينهن کان وٺي هيل تائين سرگرم عمل آهي.برسات الله جي طرفان نعمت هوندي آهي پر حڪمرانن جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب انسانن لاءِ اها زحمت بڻجي ويندي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • برسات سبب جانورن جي بچاءِ لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جون ڪوششون

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام سنڌ جي واحد زرعي تدريسي مادرعلمي آهي، جيڪا سنڌ ۾ زرعي تدريس، تحقيق سان گڏ، آبادگارن جي تربيت، بک بدحالي ۽ غربت جي خاتمي بابت منصوبا هلائڻ سان گڏ، دنيا جي تدريسي، تحقيقي ادارن جي تعاون سان مختلف شعبن تي لڳاتار ڪم جاري رکيو پئي اچي، ۽ هتان جا ماهر، تعليمدان ۽ محقق هن اداري جي توسط سان زراعت، لائيواسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالوجي، فوڊ ٽيڪنالوجي، اينيمل پراڊڪٽ ٽيڪنالوجيز، زرعي انجنيئرنگ، فصلن جي پيداوار، آبپاشي،سميت لاتعداد شعبن تي پنهنجي ڳوڙهي تحقيق ڪري سنڌ پرڳڻي ۽ ملڪ لاءِ افرداي قوت ۽ ايجادات وارو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام صوبي جي اڪيلي مادرعلمي آهي، جيڪا هڪ ئي وقت آزاد ڄمون ڪشمير سميت پاڪستان جي ڪيترن علائقن جي شاگردن ۽ ٻاهرين ملڪن جي شاگردن کي تدريسي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته سندس استاد به دنيا جي ڪيترين يونيورسٽين مان تعليم حاصل ڪري رهيا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • سڪرنڊ ۾ الخدمت طرفان طبي ڪيمپ

    الخدمت فائونڊيشن پنجاب جي ڪئمپ ۾ قائم موبائل طبي يونٽ ذريعي سڪرنڊ ۾ ريلوي روڊ تي هڪ طبي ڪئمپ قائم ڪئي وئي جنهن ۾ برسات متاثر سوين ماڻهن کي طبي مشورا ۽ دوائون ڏنيون ويون .ان موقعي تي الخدمت سڪرنڊ جي ٽيم پنجاب جي ايندڙ ٽيم سان معاونت ڪئي .

    وڌيڪ پڙھو
  • قلندر جي نگري

    صدين جي تاريخ رکندڙ سنڌ جو قديم شهرسيوهڻ شريف،جتي لعل قلندر شهبازکانسواءِ ڪيترن ئي اولياء الله جون آخريآرامگاهون آهن،هتي هر روز هر قسم،هر رنگ و نسل جا ماڻھون سڄي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ اچي لعل شهباز قلندر تي حاضري ڀري عقيدت جا گل نڇاور ڪن ٿا جيڪڏهن سيوهڻ شهر کي تاريخ جي آئيني ۾ ڏسجي ته؛ سيوهڻ جو گذشته ماضي ڏسبو ته پڌري پٽ ظاهر ٿيندو ته سنڌو تهذيب جي پراچين کنڊراتي طبقي بعد، سيوهڻ جو درجو اچي ٿو. يعني سنڌ جي موجوده آباد شهرن ۾ سڀ کان قديم سيوهڻ آهي. هن شهر جو ذڪر فارسي قديم تاريخن خواھ تذڪرن جي ڪتابن ۾ آيل آهي. تاريخ سنڌ جي قديم سرچشمي، ”چچنامي“ ۾ ڄاڻايل آهي ته راءِ سهيرس بن ساهسي راءِ جي ڏينهن ۾ سنڌ ملڪ تي چارحڪمران مقرر ٿيل هئا. انهن مان هڪ سيوستان جي ”قصبه“ تي به حاڪم هو، جنهن جي هٿ ۾ ٻڌبه، جنگان، روجھاڻ، ڪوه پايه،ويندي مڪران جي حد تائين ملڪ هو

    وڌيڪ پڙھو
  • سکر پوليس جي نئين روايت ،گرفتار ڪيل جوابدار ايس پي جي چوڻ تي آزاد

    سکر پوليس جي نئين روايت ،گرفتار ڪيل جوابدار ايس پي جي چوڻ تي آزاد، انعام طور جوابدار کي گرفتار ڪندڙ اهلڪات معطل۽ لائين حاضر خبر موجب سکر ايئرپورٽ پوليس ڌاڙي ڪيس ۾ گهربل جوابدار سڪندر شيخ کي سٽي باءِ پاس وٽان گرفتار ڪري ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪيو اطلاع ملڻ کان پوءِ ايس ايس پي سکر ثاقب سلطان ميمڻ جوابدار کي آزاد ڪرائي گرفتار ڪندڙ پوليس سب انسپيڪٽر محمد خان کي معطل ڪندي لائين حاضر ڪري ڇڏيو آهي ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته جوابدار 2 مهينا اڳ پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ مسمات نورجهان شيخ جي گهر ۾ گهڙي ڌاڙو هنيو هو جنهن جي ايف آءِ آر پڻ داخل ٿيڻ بعد جوابدار پوليس کي گهربل هو اطلاع تي کيس پوليس گرفتار ڪري پنهنجي ترقي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي

    وڌيڪ پڙھو
  • تو ڪيئن ٻوڙي سنڌڙي: ستار پيرزادو

    برسات جو پوڻ، بُٺ ڌرتتي ڌرتيءَ جي آس جي پڄاڻي يا ڌرتيءَ جي سپني جي ساڀيا سڏبي آهي. ڌرتيءَ کي ريج ايندو، سندس تتل سينو سيراب ٿيڻ کان پوءِ سک جو ساهه کڻندو آهي، ته فضا ۾ گرميءَ جو پد هيٺ ڪري پوندو آهي ۽ سنڌ جي ڌرتي سائي چهچ شال اوڍيندي آهي جنهن تي ڪي پيلا گل، ڪي گلابي گل، ڪي سفيد، ڪي واڱڻائي ۽ نه ڄاڻ ڪهڙا ڪهڙا کنهنبا کلي پوندا اٿس جو ڌرتيءَ تي انساني نظر پوندي ئي جسم ٺنڊا ٺار ٿي ويندا آهن پر هن موسم جي چؤماسي جي آخر ۾ يعني آگسٽ يا بڊي جي آخري ڏهي کان پوءِ جيڪو برساتن جو سلسلو شروع ٿيو آهي، تنهن کان ته يا خدا پناهه! هن سال جي چؤماسي جي برساتن جو مارو سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ تي ٿيو آهي، جيڪا ڪراچيءَ کان وٺي بدين جي ڇيڙي يعني زيرو پوائنٽ تائين ڦهليل آهي. اها سنڌ جي سموري پٽي قدرتي طور تي جر کارو ۽ سم ۽ ڪلر جھجھو هئڻ ڪري سدائين آلي رهندي آهي. هلڪي قسم جي ماڪ پوڻ سان به گپلو ٿي ويندو آهي ۽ سج جو تکو تاءُ به ان ڌرتيءَ تان اهو پاڻي سڪائي نه سگھندو آهي. ويتر وسي مينهن! پوءِ ته رات ۽ ڏينهن…

    وڌيڪ پڙھو
  • قومي اعزاز

    رياست جي طرفان نمايان خدمتن تي قومي اعزاز ڏيڻ غير معمولي ڳالھھ آھي ۽ نھ ئي اھو پھريون ڀيرو ٿيو آھي، دنيا جو ھر ملڪ مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتن جو مظاھرو ڪرڻ تي پنھنجي شھرين جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ۽ کين مختلف طرح سان عزت ۽ احترام ڏئي ٿو ۽ ان جي ذريعي رياست جي وقار ۽ استحڪام جي لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. آمريڪا، برطانيا، جرمني، چين، روس ۽ جاپان سميت سمورا ترقي يافتا ۽ سمورا ترقي پذير ملڪ پنھنجي انھن شھرين کي قومي اعزاز ڏين ٿا، جن ڪنھن بھ شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون ھجن ۽ ملڪ وقوم جو وقار بلند ڪيو ھجي. پاڪستان کي بھ ان مان ڪا استثنيٰ ناھي. 14 آگسٽ جي موقعي تي حڪومت جي طرفان مختلف نمايان شخصيتن کي معمول موجب اعزاز ڏنا ويا آھن. گذريل سال بھ اعزاز ڏنا ويا ھئا. ان روايت تي عمل ڪيو ويو ھو ۽ ان کان پھريان بھ ائين ئي ٿيندو ھو.

    وڌيڪ پڙھو
  • برسات، بدين ضلعي ۾ ٿيل بربادي ۽ لاتعلق بڻيل سرڪار

    هاڻي ته اهي سمورا فصل پاڻي هيٺ اچي ٻڏي ويا آهن، جن جي پوکڻ مهل لاڙ جي هارين اهو ضرور سوچيو هوندو ته هيلوڪي فصل مان زميندار جو قرض به لاهبو، نياڻي به اٿاربي ۽ اڪيلي پٽ جو وڏو وهانءُ به ڪبو، مگر اکڙين جي پنبڻين ۾ کڻي گهمندڙ اهڙا خواب سندن گذريل ٽن ڏينهن جي برسات ٽوڙي ڇڏيا. لاڙ جي پٽي، گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اهڙين قدرتي آفتن کي منهن ڏيندي آئي آهي، سو هنن پڊن تي هيلوڪا مينهن ڪا نئين ڳالهه ناهن. 1964ع جو طوفان، 1974ع جي ٻوڏ، 1979ع جي ٻوڏ، 1994ع جي ٻوڏ، 1999ع جو طوفان، 2003ع جي ٻوڏ جي ڪري هي علائقا هر چوٿين پنجين سال ڪنهن نه ڪنهن مصيبت کي منهن ڏيندا آيا آهن، مگر هيلوڪي برسات هن علائقي واسين جي اندازي کان به وڌيڪ ٿي آهي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button