آرٽيڪل

قومي اعزاز

ليکڪ: موسيٰ رضا
zardari gilani 14aug APP 543رياست جي طرفان نمايان خدمتن تي قومي اعزاز ڏيڻ غير معمولي ڳالھھ آھي ۽ نھ ئي اھو پھريون ڀيرو ٿيو آھي، دنيا جو ھر ملڪ مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتن جو مظاھرو ڪرڻ تي پنھنجي شھرين جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ۽ کين مختلف طرح سان عزت ۽ احترام ڏئي ٿو ۽ ان جي ذريعي رياست جي وقار ۽ استحڪام جي لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. آمريڪا، برطانيا، جرمني، چين، روس ۽ جاپان سميت سمورا ترقي يافتا ۽ سمورا ترقي پذير ملڪ پنھنجي انھن شھرين کي قومي اعزاز ڏين ٿا، جن ڪنھن بھ شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون ھجن ۽ ملڪ وقوم جو وقار بلند ڪيو ھجي. پاڪستان کي بھ ان مان ڪا استثنيٰ ناھي. 14 آگسٽ جي موقعي تي حڪومت جي طرفان مختلف نمايان شخصيتن کي معمول موجب اعزاز ڏنا ويا آھن. گذريل سال بھ اعزاز ڏنا ويا ھئا. ان روايت تي عمل ڪيو ويو ھو ۽ ان کان پھريان بھ ائين ئي ٿيندو ھو. پاڪستان اھڙن ملڪن ۾ جتي جمھوريت مشڪل سان بحال ٿي ھجي ۽ بتدريج مستحڪم ٿي رھي ھجي اُتي غير آئيني ۽ غير قانوني حڪومتن ۾ چور دروازن مان اقتدار جي غلامِ گردشن ۾ زندھھ رھڻ جا عادي عنصر جمھوريت کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ڪو موقعو ھٿان وڃڻ نٿا ڏين ۽ جمھوري حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ھن ڀيري بھ قومي اعزاز جي فراھمي کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جن سياسي شخصيتن کي نمايان خدمتن تي اعزاز ڏنا ويا آھن، انھن تي تنقيد ڪرڻ ان لحاظ کان بھ صحيح ناھي تھ اِھي اعزاز ھڪ طئي ٿيل طريقيڪار تحت ڏنا ويندا آھن ۽ ھر حڪومت جڏھن بھ ڪنھن شخصيت کي ڪو قومي اعزاز ڏئي ٿي تھ اھو اصل ۾ ان جي خدمتن کي ساراھيو وڃي ٿو. ميدانِ جنگ ۾ جڏھن بھ ڪو سپاھي ملڪ وقوم جي حفاظت جي لاءِ جرئت ۽ بھادريءَ جو مظاھرو ڪري ٿو تھ ان کي اعزاز ڏنو وڃي ٿو، ان جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي ٿي، پنھنجي جان قربان ڪري ڇڏيندڙن کي نشانِ حيدر جھڙو قومي وقار جي علامت اعزاز ڏنو وڃي ٿو. راندين، تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي، فن، زراعت ۽ زندگي جي ھر شعبي ۾ جيڪو بھ ملڪ وقوم جو وقار بلند ڪندو اھو قومي اعزاز جو مستحق ھوندو آھي، سياسي شخصيتن کي جمھوريت جي لاءِ جدوجھد ۽ انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ انھن جي خدمتن تي اعزاز ڏنو وڃڻ خود آئين ۽ قانون جي تحفظ ۽ جمھوريت جي استحڪام جي لاءِ ضروري ھوندو آھي، اھڙي ريت عوام کي حقيقتن کان آگاھھ ڪرڻ تي ميڊيا جي نمايان شخصيتن کي قومي اعزاز ڏيڻ خود ميڊيا جي ترقي ۽ ملڪ وقوم کي حقيقتن کان آگاھھ ڪرڻ جي لاءِ ضروري ھوندو آھي. ان تي تنقيد ڪرڻ ۽ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جي ڪوشش ملڪ وقوم سان محض زيادتي چورائي سگھي ٿي. جمھوريت جي بحالي لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جي جدوجھد ۽ ڪوششن کان ڪوبھ انڪار نٿو ڪري سگھي، عوام کي ان جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پارٽي جي باني چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو پنھنجي جان قربان ڪئي، ان جي عدالتي قتل جو معاملو ھن ڏينھن سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ھيٺ آھي، پارٽي جي شريڪ چيئرپرسن ۽ اسلامڪ دنيا جي پھرين عورت وزيراعظم شھيد محترمھ بينظير ڀٽو کي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ ھڪ گندي سازش جي ذريعي شھيد ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمھ بينظير ڀٽو کي دنيا جي ڪيترين ئي تنظيمن، ادارن ۽ رياستن سندن شھادت کان پوءِ سندن خدمتن جي اعتراف ۾ اعزاز ڏنا.
پاڪستان پيپلزپارٽي جون اھي نمايان شخصيتون جن آمراڻا حڪومتن جي خلاف جدوجھد ڪئي، جمھوريت جي بحاليءَ جي لاءِ پنھنجو ڏينھن ۽ رات قربان ڪيا، عوام کي انھن جا حق ڏيارڻ جي لاءِ عدليا جي بحالي جي لاءِ تحرير وتقرير جي آزادي جي لاءِ جاکوڙيو انھن جي خدمتن کي ساراھڻ خود رياست جي پنھنجي مفاد ۾ ھوندو آھي ۽ ان معاملي کي سياست جي وَر چاڙھڻ حُب الوطني نٿو چورائي. فرحت ا ž ž ¦ بابر جي پوري زندگي پاڪستان ۾ جمھوريت جي بحاليءَ ۽ استحڪام جي لاءِ ڪم ڪندي گذري آھي. آمراڻا حڪومتن ۾ کيس رياستي ظلمن جو منھن ڪرڻو پيو ۽ ھميشھ بھادريءَ سان پنھنجي جاءِ تي پھاڙ وانگر بيٺو رھيو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سربراھھ محترمھ فرزانا راجا جي سياسي زندگي جدوجھد سان لکيل آھي. پاڪستان ۾ جمھوريت جي بحاليءَ لاءِ اھا بھ ھميشھ پنھنجي اڳواڻ محترمھ بينظير ڀٽو سان مضبوط قدمن سان بيٺي رھي. پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير کي ھڪ جنوني اسلام آباد ۾ موت جي وادي ۾ اُڇلي ڇڏيو. ھن ھڪ غريب مسيحي عورت کي آئين ۽ قانون تحت ان جو حق ڏيارڻ جي لاءِ آواز بلند ڪيو، سلمان تاثير حقيقي معنائن ۾ ھڪ ارب پتي ھو، ھو جيڪڏھن چاھي ھا تھ خاموشي سان پنھنجي گورنرشپ ۽ پنھنجن اربين رپين جي اثاثن مان لطف اندوز ٿي سگھيو پئي پر ھن ھڪ لاچار عورت جي لاءِ آواز بلند ڪيو ۽ پنھنجي جان قربان ڪري ڇڏي، کيس اعزاز ڏيڻ سندس خدمتن جو اعتراف آھي. حڪومت جن نمايان سياسي شخصيتن کي قومي اعزاز ڏنا آھن، اھا ھڪ صحتمند روايت آھي، مستقبل ۾ ان روايت تي عملدرآمد جي ذريعي سياسي شخصيتن جي خدمتن کي ساراھڻ جو موقعو ملندو. پاڪستان اھڙن ملڪن ۾ جتي آمراڻا حڪومتن ۾ جمھوريت جي لاءِ جدوجھد ڪندڙ سمورن ڏوھن جا قصوروار سمجھا وڃن ٿا، اُتي سياسي رھنمائن کي ساراھڻ ڪافي قوتن کي اک ۾ ڪنڊي وانگر چڀجي ٿو، سڀاڻي ڪا حڪومت قومي اسيمبلي ۾ قائد حزب اختلاف ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي سربراھھ چوڌري نثار علي خان کي سندس سياسي خدمتن جي بنا تي اعزاز ڏيندي، جاويد ھاشمي، خواجا سعد رفيق، احسن اقبال جھڙن رھنمائن جي سياسي خدمتن کي بھ ساراھيو ويندو. قومي اعزاز جي فراھمي جھڙي معاملي کي تنقيد جو نشانو نھ بڻائڻ گھرجي، تنقيد جيڪڏھن بھتري جي لاءِ ھجي تھ ملڪ وقوم جي لاءِ بھتر ھوندي آھي، پر تنقيد جيڪڏھن براءِ تنقيد ھجي تھ اھا محض بدنيتي چورائيندي ۽ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ کان علاوھ ان کي ٻيو ڪجھھ نھ چيو ويندو. گذريل سال بھ نمايان شخصيتن کي اعزاز ڏنا ويا ھئا، ھن سال نھ ڄاڻي ڇو چانھھ جي ڪوپ ۾ طوفان اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جنرل ضياءَ الحق، جنرل پرويز مشرف ۽ ان کان بھ پھريان جڏھن جنرل ايوب خان جي دور ۾ "حُسن ڪارڪردگي” جا تمغا ڏنا ويندا ھئا ان وقت تھ ڪنھن جي منھن مان لفظ بھ نھ نڪرندو ھو…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button