آرٽيڪل

سياسي بالغ نظري

ليکڪ: موسيٰ رضا
Siasatملڪي مسئلن جي حل ۽ جمھوريت جي استحڪام جي لاءِ پاڪستاني سياستدانن جيڪو ڪردار ادا ڪيو آھي اھو يقينن ھميشھ ياد رکيو ويندو. دھشتگردي جي خلاف جنگ، معاشي بحران، اندروني ۽ بيروني خطرن جي باوجود پاڪستان ۾ جمھوريت مستحڪم آھي ۽ چونڊيل جمھوري حڪومت جو اقتدار وارو عرصو ساڍن ٽن سالن کان وڌي چڪو آھي، صدر مملڪت آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي چار ڀيرا خطاب ڪري چڪو آھي، جڏھن تھ جمھوري حڪومت چار بجيٽ بھ پيش ڪري چڪي آھي، ان جو ڪريڊٽ جيڪڏھن شھيد راڻي محترمھ بينظير ڀٽو جي شروع ڪيل قومي اتفاق راءِ جي پاليسي ڏانھن وڃي ٿو تھ ٻئي پاسي سياسي پارٽيون ۽ سياستدان بھ بجا طور تي ساراھھ جا مستحق آھن. ايم ڪيو ايم سنڌ جي شھري علائقن ۾ عوام جي ھڪ موثر نمائندا سياسي پارٽي آھي، جمھوريت دشمن قوتون ھميشھ خاص ڪري سنڌ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ محاذ آرائي جي ڪوششن کي ھوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون ۽ ٻنھي پارٽين جي وچ ۾ اختلاف جي ذريعي جمھوريت کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو جيڪو سلسلو ڪجھھ عرصو پھريان شروع ڪيو ويو ھو ان جا ڪافي ھدف ھئا، ھڪ ھدف تھ پاڪستاني معيشت کي نقصان پھچائڻ ۽ عوام ۾ عدم تحفظ جو ماحول پيدا ڪرڻ ھو، جڏھن تھ ٻيو ھدف سياسي پارٽين ۾ اختلافن کي پوائنٽ آف نو ريٽرن تي پھچائڻ ھو، پاڪستان پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي اعليٰ قيادت ملڪ دشمن قوتن جي سازشن کي بروقت سمجھي ورتو ۽ سمورين سياسي پارٽين ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي دھشتگردن ۽ سياسي پارٽين ۾ لڪي ويٺل ٽارگيٽ ڪلرز جي خلاف بلا امتياز ڪاروائي جو مينڊيٽ ڏئي ڇڏيو، اھڙي طرح مختصر عرصي ۾ ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو بند ٿي ويو ۽ امن امان جي صورتحال معمول تي اچي وئي. ھن وقت بھ ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شرپسندن جي خلاف بلا امتياز ڪاروائي جاري آھي ۽ ٽارگيٽ ڪلرز پڪڙيا پيا وڃن. پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ اک ٻوٽ جي انھيءَ راند ۾ ٻنھي سياسي پارٽين جي اعليٰ قيادت حقيقي مسئلي جي نزاڪت ۽ حساسيت کان بھ چٽي ريت واقف آھي. ايم ڪيو ايم جي سربراھھ الطاف حسين جي مينڊيٽ سان بابر غوري ۽ رضا ھارون وفاقي گادي واري شھر ۾ پھچي اعليٰ حڪومتي حڪام سان ملاقاتون ڪيون ۽ اھا تمام خوشگوار ڳالھھ آھي تھ سنڌ جي ٻنھي وڏين سياسي پارٽين ۾ مضبوط لاڳاپن جون راھون ھموار ٿي ويون آھن ۽ ايم ڪيو ايم ٻيھر حڪومت ۾ شامل ٿي وئي آھي. اھڙي طرح وفاقي حڪومت کي اقليت جو شڪار ڪرڻ واري سوچ رکندڙ قوتن کي شرمندگي کان سواءِ ڪجھھ حاصل نھ ٿيو. ھٿياربند فوج جي سپريم ڪمانڊر جي طور تي صدر آصف علي زرداري دھشتگردي جي خلاف جنگ ۽ اعليٰ آمريڪي حڪام جي ڌمڪين جي جواب ۾ جيڪو رد عمل ظاھر ڪيو ان مان ھڪ ڳالھھ تھ واضح ٿي وئي آھي تھ اولھھ قوتون ھاڻي پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت جي خاتمي جي لاءِ ڪافي ڏٺل ۽ اڻ ڏٺل قدم کڻي رھيون آھن. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏھن اولھھ قوتن جي خلاف بيھڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي تھ ان کي بھ ھڪ منظم پروگرام تحت رستي تان ھٽايو ويو ھو، پر ھن ڀيري صورتحال ڪافي مختلف آھي. سياسي ۽ عسڪري قوتون ھڪجھڙي سوچ سان ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ جون خواھشمند آھن، ان جي لاءِ اھڙي ڪنھن بھ سازش جي ڪاميابيءَ جو امڪان نھ آھي، جنھن جي ذريعي پاڪستان ۾ جمھوريت کي نقصان پھچائي سگھجي.
جمعيت علماءِ اسلام جي سربراھھ مولانا فضل الرحمان جي ھن ڏينھن صدر مملڪت آصف علي زرداري سان جيڪا ملاقات ٿي، ان جا مثبت نتيجا بھ ملڪ ۾ جمھوريت جي استحڪام جي لاءِ ڪافي خوشي جوڳا آھن ۽ اھا ملاقات انھن قوتن کي بھ ھڪ موثر جواب آھي جيڪي سياسي پارٽين ۾ اختلاف پوائنٽ آف نو ريٽرن تائين پھچائڻ چاھن ٿيون. جيتري قدر نون ليگ جي طرفان لوڊ شيڊنگ جي خلاف پوري پنجاب ۾ احتجاج، ھڙتالن، باھين جي پروگرام جو تعلق آھي تھ اھا نون ليگ جي سياسي مجبوري سمجھي سگھجي ٿي ٻيو ڪجھھ نھ ۽ ھونءَ بھ حڪومت جي فوري قدمن سان لوڊ شيڊنگ جي دورانيي ۾ 5 کان 6 ڪلاڪن جي گھٽتائي اچي چڪي آھي، نيشنل گرڊ ۾ 4 ھزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي شامل ٿي چڪي آھي، اھڙي ريت لوڊ شيڊنگ جي آڙ ۾ حڪومت کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ جون ڪوششون پنھنجي پھرين مرحلي ۾ ئي ناڪامي جو شڪار ٿي ويون آھن، نھ لوڊ شيڊنگ ٿيندي ۽ نھ ئي احتجاج ۽ ھنگامن جو پروگرام ڪامياب ٿيندو. قاف ليگ جي وفاقي ڪابينا ۾ شامل وزيرن پنھنجي پارٽي جي سربراھھ چوڌري شجاعت حسين کي استعيفيٰ ڏني ۽ ان ۾ بھ لوڊ شيڊنگ جو جواز بڻايو ويو، چوڌري شجاعت حسين ۽ صدر مملڪت آصف علي زرداري جي جيڪا ملاقات ٿي ان ۾ قاف ليگ جي وزيرن جي استعيفائن جو معاملو بھ طئي ٿي ويو ۽ قاف ليگ جا وزير حڪومت ۾ شامل ٿي ويا…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button