فن ۽ فنڪار
-
سنڌ جو اربيلو راڳي ڀڳت ڪنورام رت ۾ رنگجي ويو !
سنڌ سونھاري ڀاڳين ڀري ڌرتي جنهن ھميشه اھڙا امر ڪردار پنهنجي چڪي مٽي مان پيدا ڪيا جيڪي ڌرتي آمڙ سان نيھن نڀايو آهي انھن منجھان سريلو راڳي ڀڳت ڪنورام پڻ ھڪ آهي
وڌيڪ پڙھو -
منھنجي مئي کانپوء مٺڙا منھنجون ڳالھيون ساريندين، علي محمد اڏيرائي وڇڙي ويو
سنڌ جو مشهور ڪيسٽي دنيا جو شاعر علي محمد اڏيرائي هميشه لاء وڇڙي ويو، ڪيترو ئي عرصو فالج ۽ مختلف بيمارين سان جنگ ڪندڙ مشهور شاعر نيٺ زندگي جي جنگ گھارو شھر ۾ پنھنجي گھر ۾ هارائي ويٺو
وڌيڪ پڙھو -
مڪلي: سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ضلعي ٺٽي جو اجلاس پريس ڪلب ٿي گذريو
سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ضلعي ٺٽي جو اجلاس پريس ڪلب مڪلي ۾ ضلعي ٺٽي جي صدر علي اڪبر دلواڻي جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ مختلف اڳواڻن ڪارڪنن، فنڪارن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
علڻ فقير جي وڇوڙي کي 20 سال ٿي ويا، ثقافت کاتي کيس وساري ڇڏيو
ٽڙي پوندا ٽاريئين جڏهن ڳاڙها گل الو ميان تڏهن ملنداسين جهڙا سريلا آلاپ ڏيندڙ ،سنڌ جي البيلي راڳي علڻ فقير جي وڇوڙي کي 20 سال وهامي ويا، ثقافت کاتي کيس وساري ڇڏيو .
وڌيڪ پڙھو -
اڄ جو ڪلاڪار مهيش لالواڻي
مهيش لالواڻي سنڌي ڳائڻو آهي، جيڪو سنڌي ۾ گيت ۽ ڀڄن ڳائيندو آهي. هي مڇ بلوچستان جو رهاڪو آهي، هن مڇ ڪاليج کان ايف ايس سي جي تعليم حاصل ڪئي آهي. راڳ ڳائڻ سندس شوق آهي ۽ هي سنڌي گيت ۽ سنڌي ۾ ڀڄن ڳائيندو آهي. سندس ميوزڪ ڪمپني مهيش لالواڻي ميوزڪ جي نالي سان آهي.
وڌيڪ پڙھو -
ڪوٽڙي ڪبير: صوفي بزرگ حضرت سخي الهيار جي سالانوعرس مبارڪ شروع ٿي ويو
سنڌ جي صوفي بزرگ حضرت سخي الهيار جي ٽن ڏينهن واري سالانو عرس مبارڪ شروع ٿي ويو آهي جتي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عقيدتمندن ۽ زائرين جو وڏو انگ درگاه تي عرس مبارڪ جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ پهتل آهي
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ جو نالي وارو ڪلاسيڪل راڳي گجڻ فقير اوڏ لاڏاڻو ڪري ويو
سنڌ جو نالي وارو ڪلاسيڪل راڳي گجڻ فقير اوڏ ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد 75 سالن جي ڄمار ۾ حيدر آباد جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
وڌيڪ پڙھو -
دپيڪا پدوڪون به هالي ووڊ ۾ جوهر ڏيکاريندڙ ڀارتي اسٽارز جي فهرست ۾ شامل
ممبئي: بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پدوڪون هالي ووڊ ۾ جوهر ڏيکاريندڙ ڀارتي اسٽارز جي فهرست ۾ شامل ٿيڻ واري آهي، ڀارتي ميڊيا مطابق دپيڪا پدوڪون اشارو ڏنو آهي ته هوءَ هالي ووڊ اداڪار ون ڊيزل جي ايندڙ فلم ۾ ڪم ڪندي، دپيڪا پدوڪون سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي هالي ووڊ اداڪار ون ڊيزل سان گڏ نڪتل تصويرون به اپ لوڊ ڪيون آهن، جنهن جي بيڪ گرائونڊ تي فلم جو نالو به لکيل آهي، واضح هجي ته ان کان پهرين پريانڪا چوپڙا، ايشوريا رائي بچن، عرفان خان، انيل ڪپور ۽ ٻيا ڪيترائي ڀارتي اداڪار هالي ووڊ ۾ ڪم ڪري چڪا آهن.
وڌيڪ پڙھو -
سرمد سنڌي سنڌ جي نوجوان نسل ۾ شعور پيدا ڪيو، ورسي ۾ خطاب
سرمد سنڌي سنڌ جو ڀلوڙ راڳي هو، جنهن پنهنجي آواز وسيلي سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪرڻ سان گڏوگڏ درد وند دلين جي ترجماني پڻ ڪئي، سندس آواز کيس امر بڻائي ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
مشهور راڳي غلام علي سنديلو لاڏاڻو ڪري ويو
سنڌ جو مشهور راڳي غلام علي سنديلو ڦڦڙن ۾ ڪينسر هجڻ بعد لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ 52 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنازي نماز ۾ سوين ماڻهن جي شرڪت، زندگي ۾ ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا
وڌيڪ پڙھو