سکر

  • جون- 2011 -
    4 جون

    پرويز مشرف آمريڪا جي حمايت ڪري عالم اسلام جي پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو : مولانا فضل الرحمان

    )جي يو آءِ جي مرڪزي امير ۽ قومي ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آمريڪا نائن اليون جو ڊرامو رچائي ڪري دهشتگرديءَ جي آڙ ۾ مسلمانن خلاف صليبي جنگ شروع ڪري فوجي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف آمريڪا جي حمايت ڪري عالم اسلام جي پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو آهي. ۽ موجوده جمهوري حڪومت به صليبي ڇرو ڪڍڻ بجاءِ ان کي وڌيڪ اندر ڪري رهي آهي. تاريخ انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. مولانا فضل الرحمان اهڙن خيالن جو اظهار جي يو آءِ ضلع سکر جي رهنمائن مولانا عبدالقيوم، مولانا محمد صالح انڍهڙ، مولانا عبدالحق مهر ۽ مولانا عبيداللہ ڀٽو سان ٽيلي فون تي ڳالهيون ڪندي ڪيو

    وڌيڪ پڙھو
  • 4 جون

    ڪنڌرا کان روهڙي روڊ جو ڪم گذريل چئن سالن ۾ مڪمل ٿي نه سگهيو

    سکر(بيورورپورٽ)ڪنڌرا کان روهڙي روڊ جو ڪم گذريل چئن سالن ۾ مڪمل ٿي نه سگهي. علائقي جا هزارين ماڻهو سخت پريشان روڊس کاتي جي عملدارن جي نااهلي ۽ ٺيڪيدارن جي لاپرواهيءَ جي ڪري اٺن ڪروڙن کان وڌيڪ لاڳت واري روڊ جو ڪم سست رفتاري ، ناقص ميٽريل جي استعمال سان ٿيڻ ڪري عوام سخت پريشان آهي هتان جي سياسي، سماجي تنظيمن طرفان روڊس کاتي جي عملدارن ۽ ٺيڪيدارن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 4 جون

    غنويٰ ڀٽو جي 8 4 سالگرهه جتوئي هائوس بچل شاهه مياڻي سکر ۾ ملهائي ويئي

    سکر(بيورورپورٽ) پ پ يوٿ سپاف (شهيد ڀٽو) ضلعي سکر طرفان پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو جي 8 4 سالگرهه جتوئي هائوس بچل شاهه مياڻي سکر ۾ ملهائي ويئي. سالگرهه تقريب ۾ مرڪزي ڪلچرل ونگ پ پ (شهيد ڀٽو) نيڪ محمد ڪورائي پ پ شهيد ڀٽو ضلعي سکر سينئر نائب صدر دين محمد ڪورائي يوٿ (شهيد ڀٽو) مرڪزي سينيئر نائب صدر دلمراد جتوئي، محمد عيدن جتوئي، پرويز انڍهڙ، ياسين احمد، علي مراد مهر، توفيق احمد، ظهير احمد، محسن شيخ، ڪاشف علي مستوئي، نذير احمد ارشد ڪٽپر ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته غنويٰ ڀٽو ذهين بهادر سياستدان ۽ پنهنجي ملڪ جي غريب عوام سان محبت ڪندڙ رهبر آهي. هن قائد شهيد مير مرتضيٰ سان شهادت کان پوءِ پارٽي ۽ هن ملڪ لاءِ پنهنجي جان وقف ڪري ڇڏي آهي. محترمه غنويٰ ڀٽو پاڪستان جي واحد ليڊر آهي. جنهن هن ملڪ جي عوام جي خلاف ڪيل هر فيصلي جو سڀ کان پهريان آواز اٿاريو آهي. ۽ هن ڀٽو خاندان پاران سياست جي پيروي ڪندي مزاحمتي سياست ڪئي ۽ ڪنهن به ظالم يا آمر جي اڳيان نه جهڪي ۽ ڪنهن به جڳهه تي عوام جي حقن تي سودو نه ڪيو.

    وڌيڪ پڙھو
  • 3 جون

    جسقم طرفان مظاھرو

    سکر(بيورورپورٽ)جسقم طرفان سکر جي نساسڪ عملدارن طرفان ملازمن کي برطرف ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي جسقم ڪارڪنن ڪنڌرا پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪري نساسڪ عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. علامتي بک هڙتال تي ويٺل ڪارڪنن اضغر ٻرڙو، جهانگير ٻرڙو، حميد سومرو ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته برطرف ڪيل ملازمن کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي

    وڌيڪ پڙھو
  • 3 جون

    چيف انجنيئر سکر بئراج ليفٽ بئنڪ ريجن مختلف ضلعن جي ايگزيڪيوٽو انجنيئرن فلڊ ايمرجسني دوران فوڪل پرسن مقرر

    سکر: چيف انجنيئر سکر بئراج ليفٽ بئنڪ ريجن آغا اعجاز احمد خان سکر بئراج ليفٽ بئنڪ ريجن ۾ سال 2011 لاءِ مختلف ضلعن جي ايگزيڪيوٽو انجنيئرن کي پنهنجي اصل ذميوارين سان گڏ فلڊ ايمرجسني دوران فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي. تفصيل مطابق ِآفتاب احمد کوسو ايگزيڪيوٽو انجنيئر بئراج ڊويزن سکر آفيس فون نمبر 5612432-071 رهائش فون نمبر 9310205-071 کي سکر ضلع لاء، نثار احمد لغاري ايگزيڪيوٽو انجنيئر ايريگيشن ويسٽ ڊويزن خيرپور، آفيس فون نمبر 9280143-0243 کي ضلعي خيرپور لاءِ، حبيب الله ميمڻ ايگزيڪيوٽو انجنيئر روهڙي ڊويزن مورو آفيس فون نمبر 410457-0242 رهائش فون نمبر 412044-0242 کي ضلع نوشهروفيروز لاء ، سعيد احمد جاگيراڻي ايگزيڪيوٽو انجنيئر داد ڊويزن نواب شاهه فون نمبر 9370223-0241 رهائش فون نمبر 9370222-0241 کي شهيد بينظير آباد لاءِ ۽ اعجاز احمد قريشي ايگزيڪيوٽو انجنيئر هالا ڊويزن هالا آفيس فون نمبر 200238-0229 کي ضلع مٽياري لاءِ ترتيبوار فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 3 جون

    سلطان شاهه ڪالوني جي رهواسڻ بيوه عورت مسمات نجمه انصاف لاءِ ٻاڏائيندي

    )روهڙي جي علائقي سلطان شاهه ڪالوني جي رهواسڻ بيوه عورت مسمات نجمه پنهنجي پٽ عديل سان گڏجي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ شبانه جي شادي ميرپور ماٿيلو ۾ نائچ برادري جي نوجوان دوست محمد عرف عامر سان ٿي منهنجي ڄاٽي پنهنجي حصي جي زمين پنهنجي زال شبانه جي نالي تي ڪئي ته منهنجي ڌيءَ جي ساهرن منهنجي ڄاٽي ۽ ڌيءَ جي جان جا دشمن بڻجي چڪا آهن. ۽ ٻئي جان بچائي هتي پناه ورتي آهي. جنهن کان پوءِ اهي ماڻهو اسان جي جان جا به ويري بڻجي چڪا آهن. ۽ اسان جي گهر اچي ڪري سنگين ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. ان سلسلي ۾ ڊي پي او سميت ٻين پوليس آفيسرن کي آگاهه ڪيو آهي پر ڪو به آفيسر اسان جي دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ڪو نه آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 3 جون

    منھنجي پٽ کي بچايو ،غريب عورت جي دانھن

    سکر(رپورٽ:عمر سومرو) سکر جي علائقي مائيڪرو ڪالوني جي رهواسڻ غريب 0 7 سالن جي عورت مسمات زينب اوٺو دانهيندي ٻڌايو ته جيل اندر منهنجي پٽ جي زندگي کي خطرو آهي. ۽ جيل اندر تشدد ڪرڻ بعد کولي ۾ بند ڪيو ويو آهي. جتي زندگي کي سخت خطرو اٿس ۽ بيمار ٿي پيو آهي. سينٽرل جيل ۾ 8 هزار روپيا رشوت گهري وئي هئي رشوت نه ڏيڻ تي روزانو تشدد بعد کولي اندر بند ڪيو پيو وڃي. ان کان اڳ به جيل پوليس منهنجي پٽ کي قتل ڪري چڪي آهي ۽ منهنجي قتل ٿيل پٽ جي صدمي ۾ منهنجو ٻيو پٽ فوت ٿي ويو جڏهن ته جيل پوليس کي قتل معاف نه ڪرڻ تي پوليس منهنجي ٽئين پٽ کي ڌاڙيلن جو ساٿاري ڏياري سزا ڏياري جيل موڪليو ويو آهي. هن چيو ته 2 1 سال اڳ ڳاڙهي موري ويجهو فيض واه وٽ منهنجي پٽ بخشڻ اوٺو کي ٽيڪسي سميت اغوا ڪري وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پوليس جو انسپڪٽر ۽ هڪ ڌاڙيل مارجي ويا ۽ منهنجو پٽ ٽيڪسي ڊرائيور هو. اهو ٽيڪسي وٽ بيٺو هو ته پوليس مارجي ويل ڌاڙيل وارو اسلحو منهنجي پٽ جي پويان…

    وڌيڪ پڙھو
  • 3 جون

    گهر شماريءَ ۾ ڊيوٽي ڪندڙ کي معاوضو اڃان تائين نه ملي سگھيو

    سکر(بيورورپورٽ)گهر شماريءَ ۾ ڊيوٽي ڪندڙ استادن کي هڪ مهينو گذرڻ باوجود معاوضو نه ملي سگهيو جنهن ڪري تعلقي روهڙي جا 0 0 1 کان وڌيڪ استاد معاوضو نه ملڻ سبب سخت پريشان آهن. ان سلسلي ۾ پرائمري استادن شهمير ٻرڙو، ٺارو خان ۽ عبدالخالق تنيو ، غلام رسول، دوست علي منگي، الطاف قرشي ۽ ٻين مطالبو ڪيو آهي ته کين جلد معاوضو ڏنو وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 3 جون

    بندر وال جي رهائشي ماڻهن کي مجبوري جي حالت ۾ بي گھر ڪرڻو پئي ٿو: نعمان اسلام شيخ

    )ريلوي جي پارليماني سيڪريٽري نعمان اسلام شيخ چيو آهي ته بندر وال جي رهائشي ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ نه ٿا چاهيون مگر 0 1 لک شهرين جي مفاد جي خاطر مشڪل حالتن ۾ اهڙو فيصلو ڪرڻو پيو آهي. تاجر ۽ شهري بندر وال وارو علائقو خالي ڪرائڻ لاءِ تعاون ڪن ماضي ۾ سکر جي نالي تي اربين روپيا حاصل ڪندڙن هن شهر لاءِ جهالت کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي. جنهن جي ڪري سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو شهر موهن جو دڙو جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. اڄ شهر ۾ جيڪي ترقياتي ڪم هلي رهيا آهن ان سان شهري تبديلي محسوس ڪندا، اهڙن خيالن جو اظهار سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڪيو. هن چيو ته پراڻي بس اسٽينڊ تي 6 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان فيملي پارڪ ٺاهيو پيو وڃي

    وڌيڪ پڙھو
  • 3 جون

    بندر وال خالي ڪرائڻ خلاف مردن ، عورتن ۽ ٻارن جو مظاھرو

    حڪومت پاران بندر وال خالي ڪرائڻ ۽ طاقت جي استعمال بعد بندر وال جي سوين مردن، عورتن ۽ ٻارن پاران نٽهڻ اس ۾ هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي بندر وال کان شروع ٿي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي سعيد سرهندي روڊ تي پهتي جتي احتجاجي مظاهرو ڪندي بندر وال جا رهائشي سراپا احتجاج بڻجي ويا. ۽ انتظاميه ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندي رهائشي چيو ته اسان پنهنجن جانين جو نذرانو ڏئي ڇڏينداسون مگر بندر وال خالي ڪو نه ڪنداسون، جڏهن ته حڪومت پاران اسان کي بندر وال خالي ڪرڻ لاءِ متبادل جڳهه ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو مگر حڪومت پاران واعدي تان پاڻ ڦري ويا آهن هنن چيو ته اسان گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ويٺا آهيون. هتان جا چونڊيل نمائنده ووٽ وٺڻ ايندا آهن ته اسان سان وڏا وڏا واعده ڪري ويندا آهن.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button