سکر

پرويز مشرف آمريڪا جي حمايت ڪري عالم اسلام جي پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو : مولانا فضل الرحمان

Maulana Fazl ur Rehmanسکر(بيورورپورٽ)جي يو آءِ جي مرڪزي امير ۽ قومي ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آمريڪا نائن اليون جو ڊرامو رچائي ڪري دهشتگرديءَ جي آڙ ۾ مسلمانن خلاف صليبي جنگ شروع ڪري فوجي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف آمريڪا جي حمايت ڪري عالم اسلام جي پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو آهي. ۽ موجوده جمهوري حڪومت به صليبي ڇرو ڪڍڻ بجاءِ ان کي وڌيڪ اندر ڪري رهي آهي. تاريخ انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. مولانا فضل الرحمان اهڙن خيالن جو اظهار جي يو آءِ ضلع سکر جي رهنمائن مولانا عبدالقيوم، مولانا محمد صالح انڍهڙ، مولانا عبدالحق مهر ۽ مولانا عبيداللہ ڀٽو سان ٽيلي فون تي ڳالهيون ڪندي ڪيو هن چيو ته نام نهاد آمريڪي جنگ عالم اسلام ۽ پاڪستان جي مفادن تي ڪاري ضرب ثابت ٿي آهي. مگر عاقبت جا انڌا حڪمران 8 سال جنگي تباهه ڪارين مان سبق حاصل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. هن چيو ته هن جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان پاڪستان جو ٿيو آهي قومي يڪجهتي ، امن امان ۽ معيشت تباهه ٿي رهي آهي ملڪي سلامتي سنگين خطرن ۾ آهي ۽ حالتون ڏينهون ڏينهن بدتر ٿينديون پيون وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button