سکر

منھنجي پٽ کي بچايو ،غريب عورت جي دانھن

Jailسکر(رپورٽ:عمر سومرو) سکر جي علائقي مائيڪرو ڪالوني جي رهواسڻ غريب 0 7 سالن جي عورت مسمات زينب اوٺو دانهيندي ٻڌايو ته جيل اندر منهنجي پٽ جي زندگي کي خطرو آهي. ۽ جيل اندر تشدد ڪرڻ بعد کولي ۾ بند ڪيو ويو آهي. جتي زندگي کي سخت خطرو اٿس ۽ بيمار ٿي پيو آهي. سينٽرل جيل ۾ 8 هزار روپيا رشوت گهري وئي هئي رشوت نه ڏيڻ تي روزانو تشدد بعد کولي اندر بند ڪيو پيو وڃي. ان کان اڳ به جيل پوليس منهنجي پٽ کي قتل ڪري چڪي آهي ۽ منهنجي قتل ٿيل پٽ جي صدمي ۾ منهنجو ٻيو پٽ فوت ٿي ويو جڏهن ته جيل پوليس کي قتل معاف نه ڪرڻ تي پوليس منهنجي ٽئين پٽ کي ڌاڙيلن جو ساٿاري ڏياري سزا ڏياري جيل موڪليو ويو آهي. هن چيو ته 2 1 سال اڳ ڳاڙهي موري ويجهو فيض واه وٽ منهنجي پٽ بخشڻ اوٺو کي ٽيڪسي سميت اغوا ڪري وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پوليس جو انسپڪٽر ۽ هڪ ڌاڙيل مارجي ويا ۽ منهنجو پٽ ٽيڪسي ڊرائيور هو. اهو ٽيڪسي وٽ بيٺو هو ته پوليس مارجي ويل ڌاڙيل وارو اسلحو منهنجي پٽ جي پويان لاهي ڌاڙيلن جو ساٿاري ڏياري ڇڏيو ۽ مان پوليس وٽ چڪر ڪاٽيندي رهيس ته منهنجو پٽ اغوا ٿي ويو آهي مگر پوليس منهنجو ڪيس وغيره داخل ڪرڻ کان انڪار ڪندي رهندو منهنجي پٽ کي ڌاڙيل بڻائي ڇڏيو ۽ منهنجي گرفتار ڪيل پٽ کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت جي جج 5 2 سال عمر قيد ۽ ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي ۽ منهنجو پٽ سينٽرل جيل ون ۾ 2 1 سال کان سزا ڀوڳي رهيو آهي. سينٽرل جيل ون ۾ جماندار محمد علي چنو منهنجي پٽ بخشڻ کان 8 هزار روپيا رشوت طلب ڪئي اسين غريب ۽ ٻن ويلن جو پيٽ مشڪل آهي ته 8 هزار روپيا رشوت نه ڏيڻ ڪري منهنجي پٽ کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ ان کي کولي ۾ بند ڪيو ويو آهي جتي هو سخت بيمار ٿي پيو جتي کيس زندگي کي خطرو آهي. هن چيوته غربت سبب مان پنهنجي پٽ جي جان بچائڻ لاءِ هن وقت تائين وڪيل به نه ڪري سگهي آهيان جيڪڏهن منهنجي پٽ کي ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميوار جيل پوليس هوندي.هن چيو ته سزا ڪاٽيندڙ پٽ جو ڏوهه صرف اهو آهي ته ان پنهنجي ڀاءُ جي قاتل اڳوڻي جيلر ميجر کوسو کي معاف نه ڪيو هن چيو ته 5 1 سال اڳ اسان جي زمين تي هڪڙا برادري قبضو ڪيو هو جنهن ۾ ٻنهي برادرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو هو جنهن ۾ منهنجي وڏي پٽ گلزار اوٺو کي سزا لڳي هئي ۽ جيل ۾ سزا ڪاٽڻ دوران اڳوڻي جيلر ميجر کوسو منهنجي پٽ تي روزانو تشدد ڪندو رهندو هو ۽ تشدد ڪري منهنجي پٽ کي قتل ڪيو ويو جنهن ۾ منهنجو ٻيو پٽ محبوب اوٺو ڀاءُ جي صدمي ۾ فوت ٿي ويو. ۽ قتل کي خودڪشي جو رنگ ڏنو ويو ۽ جيل جي ڊاڪٽر به ڪوڙي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي هئي جنهن بعد اسان جي احتجاج بعد آءِ جي جيلز پاران ڪميٽي ٺاهي وئي هئي جنهن سڄي ڪيس جي تحقيقات ڪري ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪرايو ته قتل ثابت ٿيو جنهن بعد ميجر کوسو سميت ڪجهه اهلڪار معطل ٿيا هئا ۽ اسان کي قتل معاف ڪرڻ لاءِ چيو ويو اسان جي انڪار ڪرڻ بعد ڪجهه عرصي کان پوءِ پوليس منهنجي پٽ کي ڌاڙيلن جو ساٿاري قرار ڏئي ۽ ان جي پويان اسلحو ڏيکاري منهنجي بي گناهه پٽ کي عمر قيد ۽ ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي آهي. هن چيو ته منهنجي بي گناهه پٽ جنهن کي ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي آهي انهن جي پيٽ پالڻ لاءِ ٽيڪسي ڊرائيور آهي. آخر ۾ صدر، وزير اعظم ۽ چيف جسٽس کي مطالبو ڪندي چيو آهي ته منهنجي پٽ مٿان ڪوڙو ڪيس مڙهڻ جي تحقيات ڪرائي وڃي ۽ جيل اندر رشوت نه ڏيڻ تي تشدد ڪندڙ اهلڪار خلاف قدم کنيو وڃي ۽ منهنجي پٽ جي جان بچائي آزاد ڪيو وڃي ۽ مون کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button