سکر
-
فروری- 2013 -10 فروری
پيپلز پارٽي پراڻن ڪارڪن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو، ديدار علي ڏهر
پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪن ديدار علي ڏهر چيو آهي ته سکر جي چونڊيل نمائندن پراڻن ڪارڪنن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪرڻ جي باوجودپيپلز پارٽي وارن رابطو نه ڪيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
10 فروری
جماعت اسلامي پاران سکر پريس ڪلب جي آڏو بک هڙتال
جماعت اسلامي سکر ضلعي پاران ڪراچي ۾ نئي تڪ بندين ۽ووٽر لسٽن جي درستگي نه ٿيڻ جي خلاف جماعت اسلامي پاران سکر پريس ڪلب جي آڏو بک هڙتال ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
10 فروری
چونڊيل نمائندن جو ايندڙ چونڊن ۾ گهرن جو گهيراءُ ڪنداسين، شڪيل احمد شيخ
سنڌ دوست اتحاد پارٽي سکر سٽيءَ جي صدر شڪيل احمد شيخ چيو آهي ته سکر جي چونڊيل نمائندن جو ايندڙ چونڊن ۾ انهن جي گهرن جو گهيراءُ ڪنداسين، ۽ ڌرڻا هڻداسين، ۽ انهن کان پنجن سالن جو حساب ڪتاب وٺنداسين
وڌيڪ پڙھو -
10 فروری
جسمم حقيقي آزادي پسند، محب وطن ۽ انقلابي تنظيم ۽ تحريڪ آھي، اڳواڻ
جسمم ضلعي سکر طرفان ضلعي صدر لالا سهيل پٺاڻ، آڪاش ڀٽي جي قيادت ۾ پراڻي سکر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙن مظلوم، محڪوم ۽ آزادي پسندن قومن جي حمايت ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
10 فروری
پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اڃان آرڊر جي اوسئيڙي ۾
سنڌ يونيورسٽي مان 2008 ۾ پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪرڻ وارن اميدوارن کي آفرليٽر نه ملڻ ۽ رشوت جي گهر کان تنگ اچي ڪري سکر پريس ڪلب جي آ ڏو انڌو، منڊو ۽ ٽنڊو ٿي ماڻهن کان خير خيرات گهرندي پني ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
9 فروری
ڪالا باغ ڊيم هڪ صوبي جو معاملو نه سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، راجا ظفر الحق
پاڪستان مسلم ليگ ن جو چيئرمين راجا ظفر الحق چيو آهي ته اميد آهي ته عدالت اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ وڌيڪ وقت نه وٺندي ته جيئن اليڪشن شيڊول متاثر نه ٿي، اسان جي دعا آهي ته اهڙو فيصلو ٿي جو سڄي قوم لاءِ بهتر هجي
وڌيڪ پڙھو -
8 فروری
عمران خان ۽ طاهر القادري کانپوءِ هاڻي اسان کي ٽئين جو انتظار آهي، نواز شريف
مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف چيو آهي ته عمران خان ۽ طاهر القادري کانپوءِ هاڻي اسان کي ٽئين جو انتظار آهي، صدر زرداري مون وٽ اچي رهيو آهي، ان جومون کي علم ڪونهي توهان ٻڌائي رهيا آهيو
وڌيڪ پڙھو -
8 فروری
گرفتار پوليس اهلڪارن کي ايس ايس پي معافي ڏئي ڇڏي
ه ڏينهن لاڪ اپ ۾ رهڻ بعد گرفتار پوليس اهلڪارن کي ايس ايس پي معافي ڏئي ڇڏي خبرموجب سکر جي ايس ايس پي سيد پير محمد شاهه شهر ۾ موٽر سائيڪلن جي شروع ٿيندڙ ڦرن ۽ چوري جي وارداتن کان پوءِ شهرين جي شڪايت تي سکر سي سيڪشن ٿاڻي جي وڏي منشي شعبان چاچڙ،سب انسپيڪٽر دائود مهر،اي ايس آءِ غلام مهدي شر ۽ اي ايس آءِ محمد خان چانگ سميت 5 اهلڪارن کي شهر جي بي سيڪشن ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
6 فروری
پيءُ جي مار کان ڀڳل ٻار پنجن سالن کان غائب
پنج سال اڳ پيءُ جي مار کان ڊڄي ڪري گهر کان ڀڳل سکر جي علائقي جناح چوڪ جو رهواسي سلمان احمد اڃان تائين گهر ناهي پهتو، ان جو والد محمد اسلم شمسي پٽ جي تلاش جي لاءِ سکر پريس ڪلب پهچي ويو
وڌيڪ پڙھو -
6 فروری
5 سالن ۾ روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿي سگھيو
سکر جي احمد نگر ۽ شهباز ڪالوني ۾ ٺيڪيدار 5 سالن ۾ 3 مرتبه روڊ تي پٿر اڇلائي غائب ٿي ويو آهي، جنهن سبب علائقي واسي ٺيڪيدار ۽ انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو
وڌيڪ پڙھو