سکر

ڪالا باغ ڊيم هڪ صوبي جو معاملو نه سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، راجا ظفر الحق

عمر سومرو، سکر

سکر: راجا ظفر الحق ميڊيا سان ڳالھائيندي
سکر: راجا ظفر الحق ميڊيا سان ڳالھائيندي
پاڪستان مسلم ليگ ن جو چيئرمين راجا ظفر الحق چيو آهي ته اميد آهي ته عدالت اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ وڌيڪ وقت نه وٺندي ته جيئن اليڪشن شيڊول متاثر نه ٿي، اسان جي دعا آهي ته اهڙو فيصلو ٿي جو سڄي قوم لاءِ بهتر هجي، سکر ۾ تنظيم فڪر و نظر جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه راجا ظفر الحق چيو ته اسان جي دعا آهي ته عدالت اهڙو فيصلو ڏي جيڪو سڄي قوم لاءِ بهتر هجي ۽ اليڪشن ڪميشن شفاف اليڪشن ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي، ان جو چوڻ هو ته اهڙيون تمام پارٽيون جنهن جواليڪشن لاءِ هوم ورڪ پورو نه آهي ۽ انهن وٽ اميدوار موجود نه آهن اهي چونڊون ملتوي ڪرائڻ چاهين ٿيون، هن وڌيڪ چيو ته ڪالا باغ ڊيم هڪ صوبي جو معاملو نه سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، ان ۾ عوام جي مرضي ڏسڻ گهرجي، ڪالا باغ ڊيم جي اشو کي مڪمل طور ختم ڪرڻ يا نه ڪرڻ ٽيڪنيڪل معاملو آهي جڏهن ته پير سائين پاڳاري حيدرآباد جي جلسي جي دوران ڪالا باغ ڊيم جي پوري هسٽري بيان ڪئي هئي، جنهن ۾ کلي ڪري ٻڌايو ويو هيو ته ڪالا باغ ڊيم جي ابتدا ڪٿان ۽ ڪنهن ڪئي ان موقعي تي خواجا جليل احمد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button