مختصر خبرون

گرفتار پوليس اهلڪارن کي ايس ايس پي معافي ڏئي ڇڏي

سکر (بيورورپورٽ)ٻه ڏينهن لاڪ اپ ۾ رهڻ بعد گرفتار پوليس اهلڪارن کي ايس ايس پي معافي ڏئي ڇڏي خبرموجب سکر جي ايس ايس پي سيد پير محمد شاهه شهر ۾ موٽر سائيڪلن جي شروع ٿيندڙ ڦرن ۽ چوري جي وارداتن کان پوءِ شهرين جي شڪايت تي سکر سي سيڪشن ٿاڻي جي وڏي منشي شعبان چاچڙ،سب انسپيڪٽر دائود مهر،اي ايس آءِ غلام مهدي شر ۽ اي ايس آءِ محمد خان چانگ سميت 5 اهلڪارن کي شهر جي بي سيڪشن ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو آهي ٻه ڏينهن گذرڻ بعد سندن پاران معافي ۽ حلف نامون جمع ڪرائڻ کان پوءِ ايس ايس پي کين معافي ڏئي آزاد ڪرائي ڇڏيو جنهن هنن لکيو آهي ته هو اهڙو ڪوبه عمل نه ڪندا جنهن سان پوليس کاتو بدنام ٿئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button