راڻي پور
-
اکتوبر- 2020 -14 اکتوبرراڻي پور
راڻي پور: رورل ھيلٿ سينٽر جي اسٽاف پاران ھڙتال جاري
رورل ھيلٿ سينٽر راڻيپور جي ڊاڪٽرن۽ پيرا ميڊڪ جي عملي پاران ڪرونارسڪ الائونس نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ ھڙتال جاري رکي۔
وڌيڪ پڙھو -
ستمبر- 2020 -20 ستمبرراڻي پور
راڻيپور: ڪرونا وائرس کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ سان ئي شڪست ڏئي سگھجي ٿي، پرنسپال سچل سرسمت ڪاليج
ڪرونا وائرس جو خطرو اڃان محسوس ڪيون پيا ، هر ممڪن ڪوشش ڪري ڪرونا وائرس کي عبرت ناڪ شڪست ڏينداسين
وڌيڪ پڙھو -
جولائی- 2020 -30 جولائیشاھ عبداللطيف يونيورسٽي
راڻي پور: شاھ عبدالطيف يونيورسٽي ۾ آن لائين وائواز زباني انٽرويو ورتو ويو
شاھ عبدالطيف يونيورسٽي ۾ آن لائين وائواز زباني انٽرويو ورتو ويو جنھن ۾ سوشل سائنس جو ڊين آف فيڪلٽي پروفيسر ڊاڪٽر امداد سھتو ۽ ٻين آن لائين ايم فل جي زباني تحقيقي ڪيل ڪم جي متعلق پڇيو
وڌيڪ پڙھو -
جولائی- 2011 -22 جولائی
هر سال وانگر حضرت سچل سرمست جي سالياني عرس جي مختلف تقريبن ڀرپور ملهايو ويندو: ڊپٽي ڪمشنر
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ درازا ۾ سنڌ جي صوفي بزرگ ۽ شاعر حضرت سچل سرمست رح جي رمضان 14 تاريخ تي منعقد ٿيندڙ 190 عرس جي مختلف تقريبن جي انعقاد جي حوالي سان سچل يادگار ڪاميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪئي. گڏجاڻي ۾ سچل يادگار ڪاميٽي جي لعل بخش منگي، غلام قاسم جسڪاڻي، ايس پي غلام اڪبر وڳڻ، ضلعي جي مختلف تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرس، مختيارڪارن، سگهڙ ۽ ملهه ايسوسيئشن جي اڳواڻن عبدالقادر ميتلو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڊي سي گڏجاڻي ۾ ٻُڌايو ته هر سال وانگر حضرت سچل سرمست جي سالياني عرس جي مختلف تقريبن ڀرپور ملهايو ويندو جڏهن عرس جي تقريبن جو افتتاح سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڪندو. هن ٻُڌايو ته موجوده حڪومت پاران گذريل ٻن ٽن سالن کان درگاهه تي مختلف ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن
وڌيڪ پڙھو -
مئی- 2011 -3 مئی
حضرت سچل سرمست جو پيغام امن ۽ ڀائيچاري وارو پيغام آهي: ڊي سي او خيرپور
خيرپور : ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او محمد عباس بلوچ اڱاري ڏينهن حضرت سچل سرمست رح جي درگاهه تي هلندڙ مختلف ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ان موقعي تي درگاهه جي گادي نشين ڊاڪٽر سخي قبول محمد فاروقي ۽ ڊي سي او ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيوته حضرت سچل سرمست جو پيغام امن ۽ ڀائيچاري وارو پيغام آهي جنهن کي عام ڪرڻ جي لاءِ درگاهه جي هر مريد ۽ عقيدتمند تي فرض عائد ٿئي ٿو.
وڌيڪ پڙھو