خيرپور

حضرت سچل سرمست جو پيغام امن ۽ ڀائيچاري وارو پيغام آهي: ڊي سي او خيرپور

DCO visit Hazrat Sachal Sarmast Dargah
ڊي سي او محمد عباس بلوچ درگاه حضرت سچل سرمست تي ھلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺندي

خيرپور : ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او محمد عباس بلوچ اڱاري ڏينهن حضرت سچل سرمست رح جي درگاهه تي هلندڙ مختلف ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ان موقعي تي درگاهه جي گادي نشين ڊاڪٽر سخي قبول محمد فاروقي ۽ ڊي سي او ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيوته حضرت سچل سرمست جو پيغام امن ۽ ڀائيچاري وارو پيغام آهي جنهن کي عام ڪرڻ جي لاءِ درگاهه جي هر مريد ۽ عقيدتمند تي فرض عائد ٿئي ٿو. ڊي سي او وڌيڪ ٻڌايو ته درگاهه سچل سرمست تي محفلِ سماع ۽ سچل ڪامپليڪس وارو ڪم جلد مڪمل ٿيڻ وارو آهي جڏهن ته جلد ريسٽ هائوس ۽ ملاکڙو اسٽيڊيم جي اسڪيم جو ڪم شروع ڪرايو ويندو. ان موقعي تي ڊي سي او اي ڊي او ورڪس اينڊ سروسز محمد بچل ميمڻ ۽ ڊي او عبدالغفار شيخ کي درگاهه تي هلندڙ ترقياتي ڪمن کي مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي سچل يادگار ڪاميٽي جو سرگرم ميمبر ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ لعل بخش منگي، علي شير مڪول، مظهر علي، روينيو، اوقاف ۽ ورڪس ۽ سروسز کاتي جا عملدار موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button