پير جو ڳوٺ
-
جون- 2012 -29 جون
جتوئي، ڪلوڙ ۽ ناريجا تڪرار جو نبيرو اڄ راڻيپور ۾ ٿيندو
ڪنگري جي ڪچي ۾ 22 کان وڌيڪ جانيون ڳڙڪائيندڙ جتوئي، ڪلوڙ ۽ ناريجا تڪرار جو نبيرو اڄ راڻيپور ۾ ٿيندو، رپورٽ موجب، ڪنگري جي ڪچي جھلي ڪلواڙي ۽ فيض محمد ٻنڊو واري علائقي ۾ جتوئي، ڪلوڙ ۽ ناريجا برادري جي ڌرين ۾ 4 هزار ايڪڙ زمين جي مالڪي تان هلندڙ خوني تڪرار جنهن ۾ 22 انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن
وڌيڪ پڙھو -
29 جون
مڊل اسڪول جو هيڊماستر ڪاري ڪامڻ وگهي فوت
پيرڳوٺ لڳ مڊل اسڪول جو هيڊماستر ڪاري ڪامڻ وگهي فوت، گهر ۾ ڪهرام، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ مگرجي ۾ مگرجي مڊل اسڪول جو هيڊ ماستر 45 ساله امام بخش راهوجو (سانگري) ڪاري ڪامڻ وگهي فوت ٿي ويو
وڌيڪ پڙھو -
29 جون
پ پ مخالف گيلاني بعد زرداري جي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، پ پ اڳواڻ
اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم عبدالسلام ٿهيم جي فرزند ۽ نئين چونڊيل ايم پي اي شاهد علي خان ٿهيم ۽ پ پ اڳواڻ سيد حسين علي شاهه چيو ته پ پ مخالف اڳوڻي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني بعد هينئر صدر آصف علي زرداري جي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
27 جون
گسٽا ۽ پ ٽ الف ڪنگري جي اڳواڻن ۽ سوين شاگردن پاران سول اسپتال جي عملي خلاف احتجاجي مظاهرو
گسٽا ۽ پ ٽ الف ڪنگري جي اڳواڻن ۽ سوين شاگردن پاران سول اسپتال جي عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري شهر ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي مقصود مهيسر، نور نبي شاهه، مير عبدالستار ٽالپر، غلام سرور ڪانهر، عبدالسميع مڱريو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ريلي شهر جي مختلف چوراهن کان ٿيندر پريس ڪلب وٽي پهتي
وڌيڪ پڙھو -
27 جون
پيراميڊيڪل عملي پاران ايم ايس تي تشدد خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ
پيرڳوٺ ۾ سول اسپتال جي ڊاڪٽرن توڙي پيراميڊيڪل عملي پاران ايم ايس تي تشدد خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ، احتجاجي ريلي، ڌرڻو، فوت ٿيل نينگر جي وارثن مٿان ڪيس داخل
وڌيڪ پڙھو -
20 جون
ڪراچي مان اغوا ٿيل ناري جي اغوا جو 5 ڄڻن تي ڪيس داخل
5 ڏينهن اڳ ڪراچي مان اغوا ڪيل ڪنگري واسڻ ناري جي اغوا جو 5 ڄڻن تي ڪيس داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي، مڙس پاران پٽينش پڻ داخل ڪرائي وئي
وڌيڪ پڙھو -
20 جون
پير جو ڳوٺ: ذوالفقار آباد رٿا ڪنهن به صورت ۾ منظور ناھي، جسقم
پيرڳوٺ ۾ جسقم پاران ذوالفقار آباد رٿا ۽ جسقم ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي جنرل بس اسٽينڊ وٽ ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي جسقم ضلعي صدر امجد مهيسر، علي عثمان ميمڻ، مير حسن بوزدار، بشير مهيسر، نعيم انصاري، ابوبڪر راشدي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا
وڌيڪ پڙھو -
12 جون
پير جو ڳوٺ: ڪارنھن جي الزام ھيٺ ھڪ شخص قتل
ڪنگري لڳ ڀاڻيجي زال سان ڪارنهن الزام هيٺ مامي کي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي قتل ڪري ڇڏيو، زال مرڻينگ، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل، جوابدار فرار، علائقي ۾ ڏهڪاءُ
وڌيڪ پڙھو -
10 جون
مجتبيٰ راشدي جي ياد ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ڪوارٽر فائيل ميراڻي ينگ اسٽار کٽي ورتو
پيرڳوٺ ” مجتبيٰ راشدي“ جي ياد ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ڪوارٽر فائيل ميراڻي ينگ اسٽار کٽي ورتو، فائنل مقابلو جمع ڏينهن ٿيندو، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ ۾ ناليواري دانشور ۽ قومرپست اڳواڻ مرحوم مجتيبيٰ راشدي جي ياد ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ڪوارٽر فائيل ميراڻي ينگ اسٽار ۽ گهمرا اليون اسٽار ۾ ٿي گذريو
وڌيڪ پڙھو -
10 جون
شهيد سورهيه بادشاهه جي ياد ۾ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪئي وئي
المخدوم ڪرڪيٽ ڪلب پريالوءِ پاران شهيد سورهيه بادشاهه جي ياد ۾ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ علائقي جي 12 کان وڌيڪ ٽيمن حصو ورتو ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ المخدود ڪرڪيٽ ڪلب پريالوءِ ۽ الحيدري ڪرڪيٽ ڪلب پيرڳوٺ وچم ٿي گذري
وڌيڪ پڙھو