رانديون

شهيد سورهيه بادشاهه جي ياد ۾ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪئي وئي

cricket equipmentپير جو ڳوٺ (رپورٽر) المخدوم ڪرڪيٽ ڪلب پريالوءِ پاران شهيد سورهيه بادشاهه جي ياد ۾ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ علائقي جي 12 کان وڌيڪ ٽيمن حصو ورتو ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ المخدود ڪرڪيٽ ڪلب پريالوءِ ۽ الحيدري ڪرڪيٽ ڪلب پيرڳوٺ وچم ٿي گذري فائنل ميچ ۾ پهريان ٽاس کٽي بيٽنگ ڪندي المخدوم ڪرڪيٽ ڪلب پريالوءِ مقرر 12 اوورن ۾ الحيدري پيرڳوٺ ڪلب کي 112 جو ٽارگيٽ ڏنو جوابي بيٽنگ ۾ الحيدري ڪرڪيٽ ڪلب 100 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي جڏهن ته ٽورنامينٽ تقريب جو مهمان خان پير پاڳاري جو فرزند سيد عمر مصطفيٰ شاهه راشدي ۽ اڳوڻو تعلقي ناظم خيرپور طاهر امتياز ڦلپوٽو هئا. فائنل بعد مهمان خاص المخدوم ٽيم جي ڪپتان سيد جمن شاهه کي ونر ٽرافي ڏني ۽ جڏهن ته رنر ٽيم جي ڪپتان شام لعل کي پڻ ٽرافي ڏني وئي. جڏهن ته نديم سومرو کي ٽورنامينٽ جو بيسٽ بالر، اسد الله ميراڻي ٽورنامينٽ جو بيسٽ بيٽسمين جو ايوارڊ ڏنو ويو. هوڏانهن بيسٽ آرگنائيزي جو ايوارڊ تقي شاهه کي ڏنو ويو. ٽورنامينٽ تقريب ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي پريالوءِ جو چيئرمين غلام شبير نوحاڻي، حاجي ميرل فقير ناريجو، انعام الله مهيسر، مير صوبدار سعيد سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button