رانديون

مجتبيٰ راشدي جي ياد ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ڪوارٽر فائيل ميراڻي ينگ اسٽار کٽي ورتو

رپورٽ: اصغر ملاح، پير جو ڳوٺ


Pir Goth Cricketپيرڳوٺ ” مجتبيٰ راشدي“ جي ياد ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ڪوارٽر فائيل ميراڻي ينگ اسٽار کٽي ورتو، فائنل مقابلو جمع ڏينهن ٿيندو، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ ۾ ناليواري دانشور ۽ قومرپست اڳواڻ مرحوم مجتيبيٰ راشدي جي ياد ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ڪوارٽر فائيل ميراڻي ينگ اسٽار ۽ گهمرا اليون اسٽار ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ ميراڻي ينگ اسٽار پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 15 اوورن ۾ مخالف ٽيم کي 140 اوورن جو ٽارگيٽ ڏنوجنهن ۾ گهمرا اليون اسٽار 99 اسڪور ٺاهي ميراڻي اليون هٿان شڪست کائي وئي، جڏهن ته مين آف دي ميچ ونر ٽيم جي نديم عباسي کي ڏنو ويو جنهن 78 اسڪور ٺاهي ٽيم کي فتح ڏياري، هوڏانهن بسيٽ بالر جو ايوارڊ امام بخش مڱريو کي ڏنو ويو جنهن 4 وڪيٽون وٺي ٽيم کي سوڀ ڏياري جڏهن ته ونر ٽيم جي ڪپتان شاهد ميراڻي کي ميڊل توڙي شيلد ڏنو ويو، ٻئي طرف ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ جمع ڏينهن 14 جون تي کيڏيو ويندو. ياد رهي ته مجتبي شاهه راشدي جي ياد ۾ ڪرايل هن ٽورمينٽ ۾ خيرپور ضلعي جي 20 کان وڌيڪ ٽيمن حصو ورتو آهي جنهن ۾ مقابلا هلندڙ آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button