اسلام آباد
-
مئی- 2012 -25 مئی
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر وزيراعظم جي نااهلي بابت ريفرنس نه موڪلڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وزيراعظم جي نااهلي بابت ريفرنس اليڪشن ڪميشن کي نه موڪلڻ جو به فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وزيراعظم جي حق ۾ فيصلو ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم جي نااهلي جو ڪو سوال پيدا نه ٿو ٿئي
وڌيڪ پڙھو -
23 مئی
پاڪستان ۽ ترڪي پاران هڪ معاهدي، مفاهمت جي 5 ياداشتن ۽ ٻن پروٽوڪولن تي صحيحون
پاڪستان ۽ ترڪي هتي ڪالهه اڱاري ڏينهن هڪ معاهدي، مفاهمت جي 5 ياداشتن ۽ ٻن پروٽوڪولن تي صحيحون ڪيون آهن. صحيحن واري تقريب وزيراعظم هائوس ۾ ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ ترڪ وزيراعظم رجب طيب ايردوان به شرڪت ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
23 مئی
نون صوبن سان ملڪ ٽٽي ويندو;نواز ليگ
مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته 18هين ترميم جي ڪميٽي ۾ چيو ويو هو ته صوبن جو معاملو وڏو بارود آهي، ان کي نه ڇيڙيو وڃي، ان سان ملڪ ٽٽي ويندو، پر تنهن هوندي به پ پ حڪومت نون صوبن جي معاملي کي اڀاريو.
وڌيڪ پڙھو -
23 مئی
پ پ کي نون صوبن جو شوشو نه ڇڏڻ گهرجي ها; عاصمه جهانگير
پ پ کي نون صوبن جو شوشو نه ڇڏڻ گهرجي ها، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پ پ جي اها هڪ وڏي ڪاميابي آهي ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو هو ته اسٽيبلشمينٽ لاءِ نرم يا گرم ٿي آئيني مدو مڪمل ڪري رهي آهي
وڌيڪ پڙھو -
20 مئی
پاڪستان ۾ ٽوئيٽر جي سروس بلاڪ
ٽوئيٽر تي نبي پاڪ صلي الله عليه و آله وسلم جي حوالي سان توھيز آمين مواد جي ڪري پاڪستان ۾ پي ٽي اي اڻ ڄاتل مدي تائين پابندي ھڻي ڇڏي آھي۔
وڌيڪ پڙھو -
19 مئی
توهين عدالت ڪيس جي فيصلي تي اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو منهنجي ليگل ٽيم ڪندي; وزيراعظم
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته موجوده حڪومت پنهنجي پنجين ۽ تاريخي بجيٽ ۾ توانائي بحران تي ضابطو آڻڻ، هڪ لک نون روزگار جي فراهمي ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سميت ٻين منصوبن جي ذريعي عوام کي رليف ڏيندي، جڏهن ته ايندڙ بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو ويندو.
وڌيڪ پڙھو -
19 مئی
صدرپارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 21 مئي جو طلب ڪري ورتو
صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 21 مئي جي شام پنجين وڳي طلب ڪري ورتو آهي، جنهن کي ترڪ وزيراعظم رجب طيب اردگان خطاب ڪندو. صدر وزيراعظم جي ايڊوائيس تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪيو آهي. ترڪ وزيراعظم پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دور ڪندو. ان کان اڳ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني کي سندس ترڪي جي گذريل دوري دوران ترڪ پارليامينٽ کي خطاب لاءِ مدعو ڪيو ويو هو
وڌيڪ پڙھو -
19 مئی
نيٽو سپلاءِ جي بحالي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي;حنا رباني
پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته نيٽو سپلاءِ جي بحالي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، ان جي پٺيان ڪو به ڳجهو معاهدو نه ڪيو ويو آهي، اڄ به خواهش آهي ته آمريڪا سلاله چيڪ پوسٽ حملي تي پاڪستان کان معافي وٺي، هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته صدر آصف زرداري کي شڪاگو ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ملڻ ان جو ثبوت آهي ته اڃا نيٽو جي سپلاءِ بحال ناهي ڪئي وئي، جيڪا پارليامينٽ جي قرارداد موجب بحال ڪئي ويندي. شڪاگو ڪانفرنس پاڪستان لاءِ اهميت رکي ٿي، نيٽو سپلاءِ بحال ڪرڻ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، نيٽو سپلاءِ جي بحالي کي رڳو آمريڪا سان لاڳاپن جي سلسلي ۾ نه ڏٺو وڃي، ڳالهيون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نيٽو سپلاءِ بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو
وڌيڪ پڙھو -
9 مئی
26 اپريل کانپوءِ وزيراعظم نااهل ٿي ويو آهي:قانوني ماهر
اڳوڻي چيف جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي چيو اهي ته وزيراعظم 26 اپريل تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نااهل ٿي ويو آهي، هاڻي سندس برطانوي دوري جي ڪا به قانوني حيثيت نه هوندي، نه وري هو حڪومتي سطح تي ڪو معاهدو ڪري سگهي ٿو
وڌيڪ پڙھو -
9 مئی
آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي پيو:جنرل خالد رباني
ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل خالد رباني چيو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي رهيو آهي، هڪ آمريڪي خابرو ايجنسي کي انٽرويو ڏيندي ليفٽيننٽ جنرل خالد رباني چيو ته آمريڪا پاران افغان عسڪريت پسندن سان ڳالهين جي ڪوشش جي موجودگي ۾ پاڪستان مان اها اميد نه رکڻ گهرجي ته سرحد پار هن طرف سمورن هٿياربند گروپن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پاڪستان طرف آڱر کڻڻ جو مطلب الزام ٻئي تي مڙهڻ آهي، آمريڪا پاڻ افغانستان کي طالبان کان پاڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو، اتي اڃا به طالبان جو تعداد هزارن ۾ آهي، هن اتر وزيرستان ۾ حافظ گل بهادر گروپ سان گڏ امن معاهدي جو دفاع ڪندي چيو ته هن وقت اهو ڪا به مشڪل پيدا ڪندي نظر نٿو اچي
وڌيڪ پڙھو