اسلام آباد

آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي پيو:جنرل خالد رباني

General Rabbaniاسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل خالد رباني چيو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي رهيو آهي، هڪ آمريڪي خابرو ايجنسي کي انٽرويو ڏيندي ليفٽيننٽ جنرل خالد رباني چيو ته آمريڪا پاران افغان عسڪريت پسندن سان ڳالهين جي ڪوشش جي موجودگي ۾ پاڪستان مان اها اميد نه رکڻ گهرجي ته سرحد پار هن طرف سمورن هٿياربند گروپن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پاڪستان طرف آڱر کڻڻ جو مطلب الزام ٻئي تي مڙهڻ آهي، آمريڪا پاڻ افغانستان کي طالبان کان پاڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو، اتي اڃا به طالبان جو تعداد هزارن ۾ آهي، هن اتر وزيرستان ۾ حافظ گل بهادر گروپ سان گڏ امن معاهدي جو دفاع ڪندي چيو ته هن وقت اهو ڪا به مشڪل پيدا ڪندي نظر نٿو اچي، جڏهن ته نيٽو ۽ آمريڪا افغانستان ۾ عسڪريت پسندن سان ڳالهيون ڪري سگهن ٿا ته پوءِ پاڪستان لاءِ هتي ائين ڪرڻ منع ته ناهي، جنرل خالد رباني ٻڌايو ته اتر وزيرستان ۾ عسڪريت پسندن خلاف ڪارروائي ٿيندي، ڇو ته اهو واحد علائقو آهي جنهن کي اڃا تائين ڪليئر ناهي ڪيو ويو ۽ ائين جلد ٿيندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button