اسلام آباد
-
جون- 2011 -14 جون
ستين اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ صوبن کي 7 سئو ارب رپيا منتقل ڪيا آهن:حفيظ شيخ
ناڻي واري وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ لاءِ حڪومت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. . اهڙو اظهار هن لارمس ڪاليج گهوڙا گلي مري جي 150 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي 20 رپين جي يادگار سڪي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي هر شهري کي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته موجوده حڪومت شهرين جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. نوجوان نسل کي فني تعليم جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن ته جيئن اهي معاشري جا ڪارگر شهري بڻجي سگهن. ميڊيا سان خاص ڳالهه بولهه ڪندي هن ٻڌايو ته ستين اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ انهن لاءِ حڪومت 700 ارب رپيا صوبن کي منتقل ڪري ڇڏيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
13 جون
اسلام آباد جي سيڪٽر آءِ ايٽ ۾ آپگھاتي حملو، ھڪ شخض مارضي ويو
اسلام آباد: اسلام آباد جي سيڪٽر آءِ ايٽ ۾ مرڪز ۾ واقعي ھڪ بينڪ جي سامھون ڌماڪي جي نتيجي ۾ حملو ڪندڙ مارجي جڏھن ته گارڊ جام شهادت نوش ڪيو. بي ايس ايس پي ان ڳالھھ جي تصديق ڪري ڇڏي آھي ته حملو آپگھاتي ھيو. آپگھاتي حملو ڪندڙ بينڪ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر سيڪيورٽي گارڊ حملو ڪندڙ کي روڪڻ جي ڪئي ۽ حملي ڪندڙ ڌماڪو ڪري ڇڏيو. ڌماڪو ايترو ته شديد ھئو جو بينڪ جي سامھون وارو حصو ۾ دٻجي ويو جڏھن ته ويجھو بيٺل گاڏين کي نقصان پھتو ۽ شيشا ٽٽي ويا . ريسڪيو ذريعن سيڪيورٽي گارڊ جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪري ڄڏي
وڌيڪ پڙھو -
13 جون
اسلام آباد ۾ بم ڌماڪو، 3 ڄڻا زخمي
وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي ڀر واري علائقي بهار ڪهو ويجهو ڌماڪي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آچر تي ٻنپهرن جو ڏسو صفحو3 نمبر64 ملپور ۾ ڌماڪي کان پوءِ امدادي ڪارڪن، بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ پوليس علائقي ۾پهچي وئي.ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ٽن مان ٻن ماڻهن جي سڃاڻپ 16 سالن جي ظفر احمد ۽ 35 سالن جي وحيد طور ٿي جن کي مقامي اسپتال داخل ڪرايو ويو.تفصيل مطابق آچر تي سيڪريٽريٽ ٿاڻي جي علائقي مل پور ويجهو مري روڊ جي ڪناري تي نصب بم ڦاٽڻ سبب ڀرسان گذرندڙ سفيد رنگ جي ڪرولا ايڪس لائي ڪار نمبر جي 470 جيڪ قمر عباس نالي شخي هلائي رهيو هو اونڌي ٿي پئي جنهن سبب ڊرائيور زخمي ٿي پيو جڏهن ته موٽر سائيڪل سوار ظفر اقبال ۽ سندس پٽ صغير پڻ زخمي ٿيا جن کي علاج لاءِ اسپتال پهچايو ويو
وڌيڪ پڙھو -
12 جون
پوري دنيا وانگر مسيحي برادري پاڪستان ۾ اڄ عيد نزول ملھائي رھي آھي
اڄ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ مسيحي برادري روح القدس جي نزول جي عيد ملھائي رھي آھي جنھن کي عيد پينتاڪوس جي نالي سان ڄاتو ويندو آھي. ھي ڏينھن مسيحي مذھب جي اعتبار کان ڪليسا جي آغاز جو ڏينھن آھي. ان عيد سان گڏوگڏ مسيحي برادري فصلي شڪرگزاري جو ڏينھن ملھائيندي آھي ۽ گرجا گھرن کي خاص طرح اناج، ميون ۽ سبزين سان سجايو ويندو آھي. ان حوالي سان سڀ کان وڏو اجتماع پنجاب جي صوبائي گاديءَ واري ھنڌ لاھور جي ڪيٿيڊرل چرچ ۾ ٿيو جنھن ۾ ملڪي سالميت ۽ ترقيءَ لاءِ خاص دعائون گھريون ويون
وڌيڪ پڙھو -
11 جون
پاڪستان ۽ افغانستان پاران خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ جو عزم
پاڪستان ۽ افغانستان جي قيادت خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي فروغ لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي ۽ پن بجلي، مواصلات، مالياتي شعبي، صحت ۽ تعليم سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. گهڻ ملڪي منصوبن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ، سفارتي پاسپورٽ رکندڙ ماڻهن لاءِ ويزا جو شرط ختم ڪرڻ، منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان مشاورت جو عمل تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ٻنهي ملڪن جي قيادت پائيدار امن، سلامتي ۽ استحڪام، دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي جي لعنت جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ واري عزم کي ورجائيندي افغانستان ۾ امن ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ ان ڏس ۾ سهولتن جي فراهمي لاءِ گڏيل ڪميشن جوڙڻ لاءِ طريقيڪار طئي ڪرڻ تي اطمينان ظاهر ڪيو آهي. ٻنهي ملڪن عوامي سطح تي رابطا ۽ واپاري سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ گڏيل قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي 12 جون کان عمل شروع ٿي ويندو. وچ ايشيائي رياستن جي ان ۾ شموليت لاءِ ڳالهيون شروع ڪيون وينديون
وڌيڪ پڙھو -
11 جون
قومي ادارن کي تقسيم ڪرڻ جي سازش ملڪي مفاد ۾ نه هوندي: آرمي چيف
آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني چيو آهي ته پاڪستان لاءِ عسڪري امداد بجاءِ اقتصادي امداد وڌيڪ ضروري آهي. آرمي چيف جنرلاشفاق پرويز ڪياني چيو ته حڪومت کي سفارش ڪئي آهي ته فوجي امداد عام ماڻهن جي بهتري لاءِ استعمال ڪئي وڃي. هن چيو ته اتر وزيرستان ۾ آپريشن بابت فوج جامع سوچ ويچار ڪري رهي آهي. اتر وزيرستان ۾ ڪنهن دٻاءُ تي مخصوص وقت ۾ آپريشن نه ڪيو ويندو. آپريشن جي نوعيت ۽ وقت جو سياسي اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويندو. اها ڳالهه هن ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي صدارت ۾ 139 هون ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ داخلي سيڪيورٽي، دهشتگردي تعلق بريفنگ ڏني وئي. ڪانفرنس ۾ آمريڪا سان گڏ ملٽري ٽو ملٽري رابطن تي به بريفنگ ڏني وئي. جڏهن ته ڪانفرنس ۾ ميڊيا جي ڪردار تي پڻ بريفنگ بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪماندر ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري قوم کي متحد ٿيڻو پوندو
وڌيڪ پڙھو -
11 جون
سپريم ڪورٽ ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، 30 ڏينهن ۾ فيصلو ٻڌايو ويندو:چيف جسٽس
سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ رينجرس هٿان نوجوان جي مارجڻ واري واقعي تي سنڌ جي آءِ جي ۽ ڊائريڪٽر جنرل رينجرز کي ٽن ڏينهن ۾ عهدن تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. واقعي جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي سلطان خواجه مقرر 7 ڏينهن ۾ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته رينجرز کي گولي هلائڻ جو اختيار ناهي. اها ٽارگيٽ ڪلنگ کي روڪڻ بدران پاڻ قتل ڪري رهي آهي. ڪالهه سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ چيف جسٽس افتخار چوڌري جي سربراهي ۾ ڪراچي ۾ رينجرز هٿان نوجوان سرفراز شاهه جي مارجڻ واري واقعي جي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي. ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري حڪم ڏنو ته سنڌ جي آءِ جي فياض لغاري ۽ ڊي جي رينجرز سنڌ کي 3 ڏينهن ۾ پنهنجي عهدن تان هٽايو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
11 جون
قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ صحافين جو واڪ آئوٽ، چيئرمين طرفان زاهد کوکر ۽ عبدالسلام کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي رولنگ
صحافين ڪراچي ۾ رينجرز هٿان نوجوان مارجڻ ۽ پيش ايندڙ واقعي جي وڊيو ٺاهيندڙ ڪئميرامين کي ملندڙ ڌمڪين خلاف سينيٽ جي پريس گيلري مان احتجاجن واڪ آئوٽ ڪيو. ڪالهه جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ بجيٽ تي بحث دوران پريس گيلري ۾ ويٺل صحافين واڪ آئوٽ ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جهانگير بدر، امتياز صفدر وڙائچ ۽ صحت جي وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪرائي واڪ آئوٽ ختم ڪرايو. صحافين مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ رينجرز هٿان مارجندڙ نوجوان جي رپورٽنگ ڪندڙ سينيئر صحافي زاهد کوکر، ڪئميرامين عبدالسلام سومرو ۽ خروٽ آباد واقعي جي وڊيو ٺاهيندڙ ڪئميرامين جمال ترڪئي کي تحفظ فراهم ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
11 جون
خورشيد شاهه نواز ليگ جو ماڻهو آهي(تهمينا دولتانه) منهنجي جان ڇڏ: خورشيد شاهه
مسلم ليگ (ن) جي ميمبر تهمينه دولتانه سيد خورشيد شاهه کي پنهنجي پارٽي جو ماڻهو قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو آهي ته سيد خورشيد شاهه ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي، ان کي اسان حڪومت جو نه پر پنهنجو ميمبر سمجهون ٿا. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث دوران مسلم ليگ (ن) جي ميمبر تهمينه دولتانه حڪومتي ميمبرن ۽ وزيرن لاءِ دلچسپ ڳالهيون ڪندي رهي. بجيٽ تي تقرير دوران تهمينه دولتانه بار بار وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه جو نالو کنيو ۽ ان سان مخاطب ٿيندي رهي. تهمينه دولتانه چيو ته سيد خورشيد شاهه ڏاڍو سٺو انسان آهي
وڌيڪ پڙھو -
10 جون
صدر آصف علي زرداري ۽ افغان صدر حامد ڪرزئي جي وچ ۾ دهشتگردي، ٻطرفي راهداري معاهدي، خطي جي امن ۽ ٻطرفي لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه
صدر آصف علي زرداري پاڪ افغان ٻطرفي راهداري واپار معاهدي کي وچ ايشيائي رياستن سان ٽه ڌري راهداري واپار معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان خطي جي ترقي لاءِ نئين دور جي شروعات ٿيندي، ٻنهي ملڪن کي شدت پسندي ۽ دهشتگردي کي گڏجي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن جمعي ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ افغان صدر حامد ڪرزئي سان ون ٽو ون ۽ بعد ۾ ٻنهي صدرن جي سربراهي ۾ وفدن جي سطح تي ٿيل ملاقات دوران ڪيو. وفدن جي سطح تي ڳالهين ۾ افغانستان پاران اعليٰ امن ڪائونسل جو چيئرمين برهان الدين رباني، پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ظلمي رسول، دفاعي وزير جنرل عبدالرحيم وردڪ، گهرو وزير بسم الله محمدي، توانائي جو وزير محمد اسماعيل خان، واپار جو وزير انوارالحق احدي، تعليم جو وزير ڊاڪٽر فاروق وردڪ ۽ افغانستان جو سفير محمد عمر دائودزئي شامل هئا. جڏهن ته پاڪستاني وفد ۾ صنعتن ۽ پيداوار، دفاعي پيداوار، واپار، گهرو، ناڻي، پاڻي ۽ بجلي ۽ سيفران جا وزير شامل هئا. پاڪستاني وفد ۾ اعليٰ عملدار پڻ شامل هئا.
وڌيڪ پڙھو