اسلام آباد

قومي ادارن کي تقسيم ڪرڻ جي سازش ملڪي مفاد ۾ نه هوندي: آرمي چيف

Kayani راولپنڊي: آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني چيو آهي ته پاڪستان لاءِ عسڪري امداد بجاءِ اقتصادي امداد وڌيڪ ضروري آهي. آرمي چيف جنرلاشفاق پرويز ڪياني چيو ته حڪومت کي سفارش ڪئي آهي ته فوجي امداد عام ماڻهن جي بهتري لاءِ استعمال ڪئي وڃي. هن چيو ته اتر وزيرستان ۾ آپريشن بابت فوج جامع سوچ ويچار ڪري رهي آهي. اتر وزيرستان ۾ ڪنهن دٻاءُ تي مخصوص وقت ۾ آپريشن نه ڪيو ويندو. آپريشن جي نوعيت ۽ وقت جو سياسي اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويندو. اها ڳالهه هن ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي صدارت ۾ 139 هون ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ داخلي سيڪيورٽي، دهشتگردي تعلق بريفنگ ڏني وئي. ڪانفرنس ۾ آمريڪا سان گڏ ملٽري ٽو ملٽري رابطن تي به بريفنگ ڏني وئي. جڏهن ته ڪانفرنس ۾ ميڊيا جي ڪردار تي پڻ بريفنگ بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪماندر ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري قوم کي متحد ٿيڻو پوندو جڏهن ته قومي ادارن جي ورهاست ڪوشش قومي مفادن ۾ نه هوندي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته آمريڪا سان لاڳاپا ۽ ايبٽ آباد واقعي ۽ پارلياماني قرارداد جي روشني ۾ نئين سر ڏٺو ويندو. جڏهن ته آمريڪا سان گڏ لاڳاپن ۾ عوامي امنگن کي نظر ۾ رکيو ويندو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ايف سي ۽ جديد هٿيارن جي تربيت کان علاوه تربيتي تعوان طلب نه ڪيو. ايف سي ۽ نئين هٿيارن جي تبريت جي لاءِ تعاون به ختم ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته پاڪ فوج جو گذريل 10 سالن دوران صرف 1.4 ارب ڊالر مليا، پاڪ فضائيا ۽ بحريا کي ان کان به گهٽ رقم ملي. آمريڪا پاران 13 کان 15 ارب ڊالر پاڪ فوج کي ڏيڻ بابت ڳالهه غلط آهي. اتحادي سپورٽ فنڊ ۾ 13 بدران 6.8 ارب ڊالر حڪومت کي مليا. اتحادي سپورٽ فنڊ کي 6 ابر ڊالر حڪومت پاڪستان بجيٽ لاءِ استعمال ڪيا.آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ٻين ادارن مان آئين موجب تعاون ڪيو ويندو. جڏهن ته پاڪستان ۾ آمريڪي فوجي دستن جي تعداد ۾ به گهٽتائي ڪئي وئي آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته داخلي صورتحال سڀ کان اهم جز آهي ان کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. جڏهن ته ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ عزم ڪيو ويو ته پاڪستان جي مستقبل کي محفو بڻايو ويندو. شهيدن جي امن مشن کي ڪامياب ڪيو ويندو. مخصوص سياسي جماعتن کي ترجيح ڏيڻ بدران جمهوري نظام جي حمايت جاري رکي ويندي. مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button