حيدر آباد

  • جون- 2011 -
    26 جون

    مولا بخش چانڊيو سومر واري ڌينھن سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندو

    وفاقي وزير قانون مولا بخش چانڊيو سڀاڻِي 27 جون 2011 تي صبح 10 وڳي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندو – هائي ڪورٽ بار جي صدر الله بچايو سومري هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته وفاقي وزير سڀاڻي بار جي عهديدارن ۽ ميمبرن جي اينڪسي بلڊنگ سنڌ هائي ڪورٽ جي مين آڊيٽوريم ۾ وفاقي وزي جي اعزاز ۾ منعقد ڪيل هڪ تقريب کي پڻ خطاب ڪندو

    وڌيڪ پڙھو
  • 24 جون

    حيدر آباد ۾ نوجوانن کي موسيقي سکيا لاءِ ھڪ ميوزڪ اڪيڊمي قائم ڪئي وئي آهي

    ڊپٽي ڊائريڪٽر مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو ۽ صوبائي سيڪريٽري ثقافت عبدالعزيز عقيلي ۽ کاتي جي دلچسپي سان شهيد محترمه بينظير ڀٽو يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جي شراڪت سان سنڌي موسيقي کي هٿي وٺرائڻ جي سلسلي ۾ نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ميوزڪ اڪيڊمي قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سنڌي موسيقي جي مختلف ڪورسن جي ڪلاس لڳائڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڳائڻ ، گيت ، غزل ، ڪافي ، ڪلاسيڪي سميت ساز سيکارڻ جهڙوڪ بوئينڊو ، الغوزو، شرنائي ، ڍولڪ ، طبلو، نقارو، هارمونيم ، يڪتارو، چپڙي، ، بينجو، دمبورو ۽ چنگ ، شامل آهن جي حوالي سان سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ڪيترن ئي اخبارن ۾ اشتهار پڻ شايع ڪيا ويا آهن _ هن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌي موسيقي جي 6 مهينن جي سرٽيفڪيٽ واري ڪورس ۾ داخلا لاءِ صلاحيت مند ۽ ڳائپ جو شوق رکندڙ نوجوانن کان درخواستون گهرايون ويون آهن ۽ اهو سرٽيفڪيٽ ڪنهن ڊپلوما کان گهٽ نه هوندو .

    وڌيڪ پڙھو
  • 24 جون

    طارق عالم ابڙو هڪ خوش طبيعت ۽ خوش اخلاق ماڻهو هو، حسن درس جديد شاعري جو حسن هو: ڊاڪٽر فهميده حسين

    سنڌ جي اديبن ، دانشورن ۽ ليکڪن سنڌي ٻولي جي ناليواري ليکڪن ۽ تخليقڪارن طارق عالم ابڙو ، منصور ملڪ ۽ حسن درس کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي انهن ناميارن ۽ اڻملهه موتين جي وڇوڙي کانپوءِ پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهي _ اهڙن خيالن جو اظهار هنن اڄ سنڌي ٻولي اٿارٽي پاران ڊاڪٽر اين اي بلوچ هال ۾ ڪوٺايل تعزيتي ريفرنس ۾ خطاب ڪندي ڪيو _ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌي ٻولي اٿارٽِي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته منصور ملڪ سنڌي ادب کي 11 بهترين ڪتاب ڏنا جن مان 5 شاعري جا آهن جيڪي هميشه اسان کي سندس ياد ڏياريندا رهندا _ هن چيو ته طارق عالم ابڙو بهترين ڪهاڻيڪار ، آرٽسٽ ۽ هڪ خانداني تخليقڪار هو _ هن وڌيڪ چيو ته طارق عالم ابڙو هڪ خوش طبيعت ۽ خوش اخلاق ماڻهو هو جنهن کي پنهنجي فن ۽ سنڌي ادب سان گهڻي دلسچسپي هئي _ حسن درس کي ڀيٽا ڏيندي ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته حسن درس جديد شاعري جو حسن هو، هوشيخ اياز جو تسلسل هو

    وڌيڪ پڙھو
  • 24 جون

    زراعت قومي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي: آفتاب احمد کتري

    ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد آفتاب احمد کتري لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ضلعي ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ ان جي اگهن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي اثرائتي ڪارروائي ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ شهباز هال حيدرآباد ۾ ڀاڻ جي موجودگي کي يقيني بنائڻ جي حوالي سان منعقد ڪيل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ اي ڊي او روينيو ،اي ڊي اوز زراعت ، ڊي او روينيو، سنڌ آبادگار بورڊ ، چيمبر آف زراعت ، فوجي فرٽيلائيزر ، اينگرو ڪيميڪل ۽ ڀاڻ جي ڊيلرن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي .ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد آفتاب احمد کتري چيو ته زراعت قومي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي ۽ ملڪ جي ترقي جو دارو مدار زراعت تي آهي . هن چيو ته ضلعي حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته آبادگارن کي وڌ کان و ڌ کان گهربل سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن ملڪ مان بيروزگاري ۽ غربت جو خاتمو آڻي سگهجي . هن واسطيدار عملدارن کي سختي سان هدايت ڪندي چيو ته ضلعي ۾ آبادگارن کي ڀاڻ ، ٻج ۽ زرعي اوزارن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ سميت بليڪ مارڪيٽنگ ۽سندن جائز شڪايتن جو ازالو ڪيو وڃي

    وڌيڪ پڙھو
  • 24 جون

    سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سوشالاجي جي ليڪچرارن جا نالا پڌرا ڪري ڇڏيا

    سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد جي امتحانن واري ايڊيشنل ڪنٽرول پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ ليڪچرار سوشالاجي (مرد /عورت) بي پي ايس 17 جي خالي آسامين لاءِ جون 2011 ۾ اهل اميدوارن کان ورتل انٽرويو ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب عبدالقادر مشوري، نديم علي خشڪ، فيض رسول (معذور)، محمد عرس همير علي باريجو، عبدالرشيد، گيانچند، نظام الدين اوڍاڻو، غوث بخش، سيد عشرت علي، محمود احمد عثماني ۽ طفيل محمد غوري کي ليڪچرار سوشالاجي (مرد) جي خالي آسامين لاءِ جڏهن ته چاند بيبي سيد، ماروي خان کوسو، مبينا تبسم، تسليم جهان، ڪوثر پروين ۽سلما کي ليڪچرار سوشالاجي(عورت) بي پي ايس 17 جي خالي آسامين لاءِ ڪامياب قرار ڏيندي سندن ڄاڻايل آسامين تي مقرري جي سفارش ڪئي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 24 جون

    سول سوسائٽي ، اين جي اوز ۽ سماجي تنظيمون شھر کي صاف ڪرڻ ڪردار ادا ڪن: کتري

    ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد آفتاب احمد کتري، لاڳايپل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو چوماسي جي امڪاني برساتن کان اڳ شهر جي برسات وارن نالن جي صفائي واري ڪم کي يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻين ته جيئن برسات واري پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ضلعي حڪومت پاران شهر کي خوبصورت بنائڻ لاءِ صفائي واري هفتي جي ڪم جي معائني جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.هن ان موقعي تي سنڌ سيمبلي جو ميمبر وسيم حسين پڻ ساڻس گڏ هو . ضلعي ايڊمنسٽريٽر آفتاب احمد کتري چيو ته ضلعي حڪومت ماڻهن کي صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ جامع منصوبي تي عمل ڪري رهي آهي ته جيئن موجوده گدلاڻ واري ماحول کي ختم ڪري ماڻهن کي صاف سٿرو ماحول فراهم ڪري سگهجي

    وڌيڪ پڙھو
  • 22 جون

    سنڌي لينگويج اٿارٽي طارق عالم ابڙو ، حسن درس ۽ منصور ملڪ جي ياد ۾ هڪ تعزيتي ريفرس منعقد ڪري رھي آھي

    سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ طرفان سنڌي ٻولي جي ناميارن تخليقڪارن طارق عالم ابڙو ، حسن درس ۽ منصور ملڪ جي ياد ۾ هڪ تعزيتي ريفرس سڀاڻي 23 جون 2011 تي شام جو 4 وڳي اٿارٽي جي ڊاڪٽر اين اي بلوچ هال ۾ ڪوٺائي وئي آهي جنهن ۾ عبدالقادر جوڻيجو ، شوڪت حسين شورو ، انعام شيخ ، جامي چانڊيو ، نصير مرزا ، رسول بخش درس ، امر سنڌو ، اسحاق سميجو ۽ ٻيا مرحوم تخليقڪارن جي شخصيتن ۽علمي توڙي ادبي خدمتن تي روشني وجهندا.

    وڌيڪ پڙھو
  • 22 جون

    سڀاڻي کان حيدرآباد ۾ مينگو شو جو آغاز ڪيو ويندو

    حيدرآباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري طرفان سڀاڻي 23 جون کان 25 جون 2011 تائين ايڪسپو سينٽر حيِدرآباد ۾ ”مينگو شو“ جو اهتمام ڪيو ويو آهي جنهن جي افتتاحي تقريب سڀاڻي 23 جون 2011 تي شام جو 6 وڳي ڌاري رکي وئي آهي جنهن ۾ زراعت وارو صوبائي وزير سيد علي نواز شاهه خاص مهمان طور شرڪت ڪندو جڏهن ته ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جو صوبائي صلاحڪار امام الدين شوقين ۽ چيئرمين ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان طارق اقبال پوري ۽ ٻيا پڻ شرڪت ڪندا.

    وڌيڪ پڙھو
  • 22 جون

    اڄ کان حيدر آباد جي کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ ھفتو ملھايو پيو وڃي

    ضلعي حڪومت حيدرآباد طرفان ايندڙ برسات کان اڳ برساتي نالن جي صفائي ، اسپتالن ، قبرستانن اڳيان حد دخلين هٽائڻ ، صفائي ڪرڻ ۽ شهر کي خوبصورت بنائڻ لاءِ اڄ کان 28 جون 2011 تائين صفائي جو هفتو ملهايو پيو وڃي جنهن جو افتتاح اڄ شهباز بلڊنگ حِيدرآباد ۾ ماهيگيري واري صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي ۽ ٻهراڙي جي ترقي واري صوبائي وزير زبير احمدخان ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي متحده قومي موومينٽ جي سنڌ اسيمبلي جا ميمبر وسيم حسين، سهيل يوسف ، ڊي سي او حيدرآباد آفتاب احمد کتري پ پ پ جا اڳواڻ پاشا قاضي ،فياض شاهه ، عبدالجبار، سليم بخاري ، ۽ ٻيا پڻ موجود هئا .ان موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ماهيگيري واري صوبائي وزيرزاهد علي ڀرڳڙي چيو ته اتحادي حڪومت ۾ شامل سموريون ڌريون شهر حيدرآباد جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سنجيدگي سان قدم کڻي رهيون آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 22 جون

    ضلعي حڪومت عوام کي صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ جامع رٿابندي تي عملدرآمد ڪري رهي آهي: آفتاب احمد کتري

    ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد آفتاب احمد کتري چيو آهي ته ضلعي حڪومت عوام کي صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ جامع رٿابندي تي عملدرآمد ڪري رهي آهي ته جيئن ماڻهن کي سندن گهرن جي درن تي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پنهنجي ڪيمپ آفيس ۾ ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ شاهه ڀٽائي اسپتال حيدرآباد ۽ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل هيلٿ سائنس ( لمس ) ڄامشورو جي الحاق جي حوالي سان منقعد ڪيل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪئي _ گڏجاڻي ۾ لمس ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسرڊاڪٽر نوشاد شيخ، ڊين سرجري لمس، ڊين ميڊيسن لمس، ڊائريڪٽر مليريا، اي ڊي او هيلٿ ، ايم ايس شاهه ڀٽائي اسپتال ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن پڻ شرڪت ڪئي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button