اليڪشن 2013
-
مئی- 2013 -9 مئی
اليڪشن ۾ عورتن جو وڏو ڪردار هوندو ، بابن خان پنهور
پي.ايس 74 جي آزاد اميدوار بابن خان پنهور، اين.اي 232 جي آزاد اميدوار پرويز ڀرٽ ڪئيمپ آفيس ۾ عورتن کي خطاب ڪندي چيو ته اليڪشن ۾ عورتن جو وڏو ڪردار هوندو عورتون ان اميدوار کي ووٽ ڏين جيڪي عورتن جي حقن ۽ تعليم لاءِ آواز اٿارين اسان ڪامياب ٿي عورتن جي حقن ۽ تعليم جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪنداسين تقريب کي پي.ڊبليو.او جي چئرمين الطاف احمد پنهور ۽ ٻين خطاب ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
9 مئی
دادو ۾ هاڻي نون چهرن جي ضروروت آهي، ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب
دادو پي.ايس74 آزاد اميدوار اعجاز ملاح پاران چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ورڪ تيز ڪندي ميمڻ محله ۾ عورتن جي ڪارنر گڏجاڻي ڪئي گڏجياڻين کي خطاب ڪندي اعجاز ملاح.عرفانه ملاح، امر سنڌو چيو ته دادو ۾ هاڻي نون چهرن جي ضروروت آهي. عوام ساڳيا چهرا ڏسي ڏسي بيزار ٿي ويو آهي عوام هاڻي سنڌ دشمن ۽ سنڌ کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي سڃاڻي ورتو آهي
وڌيڪ پڙھو -
9 مئی
دادو:سياسي ڳالهين تان منهن ماري بعد ھڪ ڄڻو زخمي
نيو بس اسٽاپ وٽ سموسه وڪرو ڪندڙ دڪاندار ۽ اڳوڻي ايم.پي.اي ڪلثوم چانڊيو جي ڀاءُ ضلع ڪائونسل جي چيف آفيسر پرويز چانڊيو وچ ۾ ذاتي منهن ماري کان پوءِ ٻنهي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو سموسن جي دڪان ۾ ڀنڃ ڊاهه کان بعد ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني فائرنگ ۾ پرويزچانڊيو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سول اسپتال دادو ۾ داخل ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
9 مئی
اليڪشن جو پر امن انعقاد تمام گهڻو اهم آهي ۽ ان ڏس ۾ جامع سيڪيورٽي پلان مرتب ڪيو ويو آهي، فياض حسين عباسي
ايندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ سڀ سرڪاري کاتا ۽ سرڪاري عملدار پنهنجو گهربل ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪن ۽ ان ڏس ۾ هڪٻئي سان مربوط رابطو رکيو وڃي _ اهڙي هدايت ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جناب فياض حسين عباسي اڄ هتي پنهنجي آفيس ۾ ضلعي جي اليڪشن ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني
وڌيڪ پڙھو -
9 مئیاليڪشن 2013
ضلعي مٽِياري ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کي پر امن ۽ شفاف بنائڻ لاءِ سمورا گهربل انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن، ڊپٽي ڪمشنر
ڊپٽي ڪمشنر مٽِياري جناب فياض حسين عباسي اڄ پنهنجي آفيس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ضلعي مٽِياري ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کي پر امن ۽ شفاف بنائڻ لاءِ سمورا گهربل انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن جنهن تحت ووٽرن کي تحفظ کان علاوه سڀئي گهربل سهولتون فراهم ٿي سگهنديون .
وڌيڪ پڙھو -
9 مئی
اڳوڻن چونڊيل نمائندن عوام جي ووٽ جي توهين ڪئي، بروھي ڀائر
باڊهه پي ايس 41 ۽ اين اي 205 تي آزاد اميدوار ڀائرن نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي پاران چونڊ مهم جي سلسلي ۾ شهر جي حيدر چوڪ تي جلسو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شهر توڙي آسپاس جي رهواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
9 مئی
پڪا چانگ ۾ پ پ پ جي ريلي سوين ماڻهن جي شرڪت
پڪا چانگ ۾ پ پ پ طرفان ساجد ٻانڀڻ ، فضل شاه ۽ نثار شر جي اڳواڻي ۾ ظفر آباد کان ڪوٽ لالو تائين ريلي سون جي تعداد ۾ ماڻهون شريڪ اڳواڻن جو چوڻ هو ته عوام پ پ پ سان گڏ آهي
وڌيڪ پڙھو -
8 مئیاليڪشن 2013
سنڌ ورهائيندڙ ٻيهر چونڊجي آيا ته هُو ڌرتيءَ تي وار ڪندا، نصرت سحر عباسي
شهدادڪوٽ جي پي ايس 40 تڪ تي فنڪشنل ليگ اميدوار ناهيد واجد کهاوڙ جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ جلسو ڪوٺايو ويو،پارٽي پاران ڪوٽو موٽو چوڪ تي رٿيل جلسي ۾ سوين مردن توڙي عورتن شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
8 مئی
اليڪشن 2013: باڊھ ۾ اميدوارن طرفان پريس ڪانفرنسن ۽ عذرخواھين جو سلسلو جاري
پي ايس 41 جي آزاد اميدوارن عادل الطاف انڙ، سڪندر علي بروهي، اين اي 205 جي آزاد اميدوار نور احمد بروهي پنهنجي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ تڪ جي مختلف شهرن باڊهه، ڏوڪري، نصيرآباد، وڳڻ، لالو رائنڪ ۽ ٻين ڳوٺن جا طوفاني دورا ڪري ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺايون
وڌيڪ پڙھو -
7 مئیحيدر آباد
حيدرآباد: پولنگ عملي اليڪشن هاڻي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ڏنو ويندو، فرسٽ ايڊيشنل سيشن
فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جيڪو اين اي 221 پي ايس 47 ۽ 50 حيدرآباد لاءِ رٽرننگ آفيسر پڻ آهي پڌرو ڪيو آهي ته ڪجهه سببن جي ڪري ڄاڻايل تڪن جي پولنگ عملي کي جيڪو اليڪشن مٽيريل 10 مئي 2013 تي سيشن ڪورٽ بلڊنگ ۾ ملڻو هو، کي هاڻي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ڏنو ويندو
وڌيڪ پڙھو