مختصر خبرون

دادو ۾ هاڻي نون چهرن جي ضروروت آهي، ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب

نويد قريشي، دادو
دادو پي.ايس74 آزاد اميدوار اعجاز ملاح پاران چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ورڪ تيز ڪندي ميمڻ محله ۾ عورتن جي ڪارنر گڏجاڻي ڪئي گڏجياڻين کي خطاب ڪندي اعجاز ملاح.عرفانه ملاح، امر سنڌو چيو ته دادو ۾ هاڻي نون چهرن جي ضروروت آهي. عوام ساڳيا چهرا ڏسي ڏسي بيزار ٿي ويو آهي عوام هاڻي سنڌ دشمن ۽ سنڌ کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي سڃاڻي ورتو آهي عوام هاڻي اهڙن اميدوارن کي ووٽ نه ڪندو عوام هاڻي پي.ايس 74 جي آزاد اميدوار اعجاز ملاح کي ووٽ ڪندو جيڪو عورتن جي حقن کان علاوه دادو جي عوام جي حقن لاءِ ڪوششون وٺندو ان کان اڳ قلندرآباد محله ۾ عورتن جي ووٽ جي اهميت بابت ورڪشاپ ٿيو جهن کي سماج سڌارڪ عورت اڳواڻ عرفانه ملاح،امر سنڌو خطاب ڪندي چيو ته عورت جي ووٽ جي اهميت ڪنهن کي به خبر نه آهي عورتون هاڻي سڄاڳ ٿي ويون آهن هاڻي اهڙي اميدوار کي ووٽ ڏينديون جيڪو عورتن جي حقن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن لاء آواز بلند ڪندو .دادو ۾ اعجاز ملاح بهترين اميدوار آهي عورتن چيو ته دادو جون عورتون پي.ايس74 جي آزاد اميدوار اعجاز ملاح کي ووٽ ڪنديون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button