اليڪشن 2013
-
اپریل- 2013 -3 اپریل
اليڪشن جا اميدوار پگهر هاڻن، پيري اگهاڙين، ڳوٺاڻن کي ٻٽا ڀاڪر پائين ٿا
هر موسم جو پنهنجو مزو هوندو آهي پر اليڪشن جي آمد به بهار جي مند جيان آهي چونڊن جو اعلان ٿيندي ئي ايترا ته اميدوار ظاهر ٿي پيا آهن، جيئن وسڪاري کان پوءِ ٿر ۾ کنڀيون ،وڏيرڪيون لينڊ ڪروزرس ۽ پيجارو گاڏيون اڳ جيڪي وي آءِ پي روڊن تي بنا بريڪ گھمندي نظر اينديون هيون
وڌيڪ پڙھو -
2 اپریل
باڊهه:بند پيل پرائمري اسڪول کولرائڻ لاءِ ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو
باڊهه ڀرسان ڳوٺ ٻنڍي ۾ بند پيل پرائمري اسڪول کولرائڻ لاءِ ڳوٺاڻن باڊهه شهر پهچي ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن دوست محمد، اصغر ساريو، امتياز علي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جو پرائمري اسڪول گذريل ڪيتري ئي عرصي کان وٺي بند پيل آهي
وڌيڪ پڙھو -
2 اپریلاليڪشن 2013
ڪشمور: اين اي 210 جي 38 مان 36 اميدوارن جا فام بحال
اين اي 210 جي 38 مان 36 اميدوارن جا فام بحال ٿي چڪا آھن، جنھن ۾ مزاري گروپ جي احسان مزاري، عبد الرئوف کوسو، پ پ پ جي گل محمد جکراڻي، اسرار احمد کوسو، محمد خان کوسو، آزاد اميدوار نريش ڪمار، فنڪشنل مسلم ليگ جي اقرار جکراڻي، اصغر بجاراڻي سميت ٻين اميدوارن جا فارم بحال ويا آھن.
وڌيڪ پڙھو -
2 اپریل
عوام روايتي اميدوارن کي 11 مئي تي عبرتناڪ شڪست ڏئي، نثار احمد ڀنڀرو
پي ايس 33 جي آزاد اميدوار نالي واري قانوندان نثار احمد ڀنڀرو چونڊ سرگرميون شروع ڪندي رسول آباد يوسي جي مختلف ڳوٺن بچل ڀنڀرو، ڳوٺ ٽانوري، ڳوٺ ٿيٻا، موٿپارجا ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
1 اپریل
وحيده شاھ کي پ پ پاران ٽڪيٽ نه ملي، جيالن جو مظاھرو
ٽنڊو محمد خان پي ايس 53 تڪ تي پ پ سان تعلق رکندڙ اميدوار بيهي رهيا، پ پ ٽڪيٽ اعجاز شاهه کي ملي ويئي، اعجاز شاهه جي حامين جون مٺايون، مشهور اوليائن تي چادرون، وحيده شاهه جي حامين جو حيدرآباد بدين روڊ تي مظاهرو، ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون
وڌيڪ پڙھو -
1 اپریلاليڪشن 2013
پ پ پ پاران ڪشمور ضلعي جي اميدوارن جو اعلان
ڪشمور ضلعي ۾ پ پ پ طرفان ٽڪيٽن جي ورھاست تان پيدا ٿيل صورتحال کان پوءِ پ پ پ جي اعليٰ قيادت جو ھڪ ام اجلاس نئون ديرو ھائوس ۾ ٿي گذريو جنھن جي صدارت اڳوڻي ايم اين اي فريال ٽالپور ۽ خورشيد شاھ ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
مارچ- 2013 -31 مارچ
بروھي ڀائرن پاران چونڊن ۾ آزاد اميدوارن جي حيثيت ۾ حصو وٺڻ جو اعلان
لاڙڪاڻي ضلعي جي اين اي 205، پي ايس 35 ۽ پي ايس 41 تي آزاد اميدوارن جي حثيت سان چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ڀائرن نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي سوين گاڏين جي جلوس ۾ لاڙڪاڻي وڃي نامزدگي فارم جمع ڪرايا
وڌيڪ پڙھو -
31 مارچ
اقليتي برادري جو اڳواڻ رميش ڪمار بي-ايم ايندڙ عام چونڊن جي ميدان ۾
ضلع گهوٽڪي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڏهرڪي جي نوجوان صحافي،سماجي اڳواڻ،انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ۽ اقليتي برادري جي اڳواڻ رميش ڪمار بي-ايم ايندڙ عام چونڊن ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
31 مارچ
فنڪشنل ليگ پاران پير ڪاظم علي شاهه کي پارٽي ٽڪيٽ ملڻ جي خوشي ۾ ريلي
اين اي 217 تي فنڪشنل ليگ پاران پير ڪاظم علي شاهه کي پارٽي ٽڪيٽ ملڻ جي خوشي ۾ فنڪشنل ليگ جي ڪارڪنن تعلقي صدر سيد عباس علي شاهه لڪياري، عزيز احمد سهتو، انيس احمد نوحاڻي جي اڳواڻي ۾ پنجهٽي چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مٺائي تقسيم ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
30 مارچ
وس آهر پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي خدمت ڪئي، مسرور احمد خان جتوئي
نيشنل پيپلز پارٽي جو اهم اجلاس نوان جتوئي ۾ جتوئي هائوس تي اڳوڻي ايم پي اي مسرور احمد خان جتوئي ۽ ايم پي اي عارف مصطفى جتوئي جي صدارت ۾ ٿي گذريو
وڌيڪ پڙھو