اليڪشن 2013ڪشمور

پ پ پ پاران ڪشمور ضلعي جي اميدوارن جو اعلان

ڪشمور: ڪشمور ضلعي ۾ پ پ پ طرفان ٽڪيٽن جي ورھاست تان پيدا ٿيل صورتحال کان پوءِ پ پ پ جي اعليٰ قيادت جو ھڪ ام اجلاس نئون ديرو ھائوس ۾ ٿي گذريو جنھن جي صدارت اڳوڻي ايم اين اي فريال ٽالپور ۽ خورشيد شاھ ڪئي، جنھن ۾ پ پ پ ڪشمور ضلعي جي اھم اڳواڻن سردار سليم جان مزاري، ميرھزار خان بجاراڻي، گل محمد جکراڻي،احسان مزاري، غالب ڊومڪي، عابد سندراڻي، ڪشمور ضلعي جو جنرل سيڪريٽري ميراسرار کوس ۽ ڊاڪٽر فدا ميراڻي شريڪ ٿيا، جنھن ۾ پارٽي جي نامزد اميدوارن جو اعلان ڪيو ويو.اين اي 210 تي گل محمد جکراڻي، پي ايس 18 تي احسان مزاري،، پي ايس 17 تي عابد سندراڻي جو اعلان ڪيو ويو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button