تعليم ۽ نئين ٽھي
-
اکتوبر- 2013 -22 اکتوبر
سکر تعليمي بورڊ نائين ڪلاس جي امتحان جي نتيجي جو اعلان ڪري ڇڏيو
ثانوي و اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ سکر جي امتحانن واري ڪنٽرولر سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ پارٽ ون (ڪلاس نائين) جي سائنس ۽ جنرل گروپس جي ساليانو امتحان 2013 جي نتيجي جو اعلان ڪيو آهي. جنهن مطابق نائين جماعت سائنس گروپ ۾ 49636 اميدوار رجسٽرڊ ٿيا
وڌيڪ پڙھو -
14 اکتوبر
سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسيلرن جي ڪميٽي جو اهم اجلاس ڄامشورو ۾ ٿي گذريو
سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسيلرن جي ڪميٽي جو اهم اجلاس گذريل ڏينهن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر نذير اي مغل جي صدارت هيٺ وي سي هائوس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽيز ترميمي بل 2013 تي تفصيلي غور ويچار ڪندي سفارشون تيار ڪيون ويون
وڌيڪ پڙھو -
14 اکتوبر
استاد معاشري جو نهايت قابل احترام فرد آهي، ڊاڪٽر نذير اي مغل
سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نذير اي مغل ٽيچرز ڊي جي موقعي تي استادن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته استاد معاشري جو نهايت قابل احترام فرد آهي
وڌيڪ پڙھو -
3 اکتوبر
مهراڻ يونيورسٽي نئين سال 2014ع جي جوڙيل داخلا پاليسي خلاف جساف جو مظاھرو
مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ نئين سال 2014ع جي جوڙيل داخلا پاليسي خلاف جساف مرڪز جي سڏ تي سنڌ، مهراڻ يونيورسٽين جي شاگردن سنڌيونيورسٽي کان ريلي ڪڍي نعريبازي ڪندي مختلف ڊپارٽمينٽن جو گشت ڪندي ريلي ڄامشورو شهر پهتي
وڌيڪ پڙھو -
3 اکتوبر
سکر: مئٽر جو سپليمينٽري امتحان 21 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو
ثانوي و اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ سکر جي امتحانن واري ڪنٽرولر اعلان ڪيو آهي ته سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ پارٽ ٽو(ڪلاس ڏهين) جي ڪيميسٽري، بائيولاجي، فزڪس، فوڊ اينڊ نيوٽريشن ۽ ڪلاٿنگ اينڊ ٽيڪسٽائل مضمونن جا سپليمينٽري پريڪٽيڪل امتحان 21 آڪٽوبر کان شروع ٿيندا
وڌيڪ پڙھو -
ستمبر- 2013 -28 ستمبر
ڪتاب پڙهڻ وارا ئي ليڊر ٿيندا آهن، نثار کھڙو
سنڌ جو سينيئر صوبائي وزير تعليم نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ڪتاب پڙهڻ وارا ئي ليڊر ٿيندا آهن ۽ آئي بي اي جا شاگرد خوش قسمت آهن جيڪي نثار احمد صديقي جي رهنمائي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن طالب علم قوم جو مستقبل آهن
وڌيڪ پڙھو -
مئی- 2013 -29 مئی
لطيف يونيورسٽي جي انتظاميه يونيورسٽي جي اندر هٿ سان جهيڙا ڪرائي تعليم کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿي، جسمم
جسمم جي مرڪزي اڳواڻ خالد احمد شر ، ڊويزنل آرگنائيزر نورالله تنيو چيو آهي ته لطيف يونيورسٽي جي انتظاميه يونيورسٽي جي اندر هٿ سان جهيڙا ڪرائي تعليم کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿي شاگردن کي پاڻ ۾ ويڙهائي پنهنجا مقصد ۽ يونيورسٽي جو ماحول خراب ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي پر يونيورسٽي انتظاميه جي سڀني سازشن کي ناڪام بڻايو ويندو.
وڌيڪ پڙھو -
17 مئی
مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي خيرپور ڪئمپس ۾ بي.اي جا سيمسٽر امتحان شروع
مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي خيرپور ڪئمپس ۾ بي.اي جا سيمسٽر امتحان شروع، ڪئمپس جي پرو وائس چانسلر انجنيئر غلام سرور ڪنڌر پاران سول انجنيئرنگ،ميڪنيڪل انجنيئرنگ،اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۽ پيٽروليم ۽ نيچرل گئس انجنيئرنگ شعبن ۾ امتحاني بلاڪن جو دورو ڪيو.پرو وائس چانسلر شاگردن کان امتحاني انتظامن بابت معلومات ورتي
وڌيڪ پڙھو -
17 مئی
دادو: يارهين ۽ ٻارهين جي سالياني امتحان دوران ڪاپي جي ڌم
يارهين ۽ ٻارهين جي سالياني امتحان دوران ڪاپي جي ڌم رهي ضلع انتظاميان پاران قلم 144 لاگو هئڻ باوجود فوٽو اسٽيٽ جا دڪان کليل رهيا ۽ انتظاميان ڪاپي روڪرائڻ ۾ ناڪام رهي امتحاني سينٽرن ۾ سواليا پيپر نه پهتو جنهن سبب استادن بليڪ بورڊ تي سوال لکياجنهن کي ڏسي شاگردن جواب لکيا جڏهن ته امتحان دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب شاگرد سخت پريشان ٿيا
وڌيڪ پڙھو -
7 مئی
علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جا امتحانن جو آغاز ٿي چڪو آھي، ڪنٽرولر
علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد جي امتحانن واري ڪنٽرولر ڊاڪٽر حامد خان نيازي اعلان ڪيو آهي ته سيميسٽر سرءُ 2012 ميٽرڪ، ايف اي، ايف اي سي، ڊپلوما ان ايجوڪيشن، بي اي، بي ايس (سي ايس)، بي ايس (مائڪرو بائيولاجي ۽ ڪيمسٽري پروگرام جي امتحانن جو آغاز ٿي چڪو آهي ۽ سمورن اميدوارن کي ٽپال ذريعي سِلپ، ڊيٽ شيٽ ۽ رول نمبر موڪليا ويا آهن.
وڌيڪ پڙھو