تعليم ۽ نئين ٽھي

علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جا امتحانن جو آغاز ٿي چڪو آھي، ڪنٽرولر

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر

علامه اقبال اوپن يونيورسٽي
علامه اقبال اوپن يونيورسٽي
علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد جي امتحانن واري ڪنٽرولر ڊاڪٽر حامد خان نيازي اعلان ڪيو آهي ته سيميسٽر سرءُ 2012 ميٽرڪ، ايف اي، ايف اي سي، ڊپلوما ان ايجوڪيشن، بي اي، بي ايس (سي ايس)، بي ايس (مائڪرو بائيولاجي ۽ ڪيمسٽري پروگرام جي امتحانن جو آغاز ٿي چڪو آهي ۽ سمورن اميدوارن کي ٽپال ذريعي سِلپ، ڊيٽ شيٽ ۽ رول نمبر موڪليا ويا آهن. جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي رول نمبر سِلپ نه ملي سگهي آهي ته هو پنهنجي شهر ۾ يونيورسٽي جي ريجنل آفيس يا وري امتحانن جي ڊپٽي ڪنٽرولر عابد حسين ستي جي فون نمبر 9250051، 9057648-051 تي رابطو ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته شاگردن جي سهولت لاءِ رول نمبر، سِلپ ۽ ڊيٽ شيٽ يونيورسٽي جي ويب سائيٽ www.aiou.edu.pk تي پڻ جاري ڪئي ويئي آهي. امتحانن جي ڪنٽرولر ڊاڪٽر حامد خان نيازي وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي جي سيمسٽر سرءُ 2012 ۾ پيش ڪيل پي جي ڊي، ايم اي ۽ ايم ايس سي پروگرامز جا فائنل امتحان 22 مئي 2013 کان سڄي ملڪ ۾ شروع ٿيندا. سمورن اميدوارن کي رول نمبر، سِلپ ۽ ڊيٽ شيٽ جاري ڪئي ويئي آهي جڏهن ته مٿي ڄاڻايل ويب سائيٽ کان به حاصل ڪري سگهجي ٿو. امتحانن جي ڪنٽرولر اميدوارن کي سِلپ تي لکيل هدايتن تي عمل ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي ۽ سمورا اميدوار پنهنجو نادرا وارو قومي شناختي ڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي اچڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button