ڪالم

  • جون- 2011 -
    1 جون

    صدر جو خطاب

    ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آھي تھ سمورا رياستي ادارا پنھنجي آئيني حدن ۾ رھن، پارليامينٽ جا اختيار ڪنھن کي بھ غصب ڪرڻ نھ ڏينداسين. پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ سياسي پارٽين جو ھڪٻئي کي چيلينج ڪرڻ غير جمھوري طرز عمل آھي، چونڊن ۾ ڌانڌلي جي خدشي کي ھميشھ جي لاءِ ختم ڪري ڇڏيو آھي، عسڪريت پسندي جي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي پاڪستان جي امن استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ ضروري آھي، تباھھ ٿيل معيشت حڪومت کي ورثي ۾ ملي آھي، حڪومتي قدمن سان ملڪي معيشت ۾ بھتري جا آثار نظر اچي رھيا آھن. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي لڳاتار چوٿين سال خطاب ڪندڙ پاڪستان جي پھرين چونڊيل صدر توانائي جي گھر ج ۽ پھچ ۾ عدم توازن جي خاتمي اندروني ۽ بيروني قرضن ۾ گھٽتائي، ٽيڪسن جي دائريڪار ۾ واڌ، سرڪاري ادارن جي نئين جوڙجڪ ۽ معاشي مسئلن جي حل جي لاءِ پنج نڪاتي ايجنڊي تي اتفاق ر اءِ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي ڳالھائڻ جي دعوت ڏني آھي. صدر چيو تھ سمورا فيصلا گڏجي ڪيا وڃن، قومي اتحاد ۽ يڪجھتي جي ذميواري سياسي قيادت تي پوي ٿي، قوم کي ونڊڻ ڪنھن جي مفاد ۾ نھ آھي، ان سان نھ صرف جمھوريت ڪمزور ٿئي ٿي…

    وڌيڪ پڙھو
  • 1 جون

    نقصان

    ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا دھشتگردي جي خلاف جنگ ۾ دنيا جي ڪنھن بھ ملڪ کان وڌيڪ پاڪستان قربانيون ڏنيون آھن، پاڪستان جا شھري ۽ ٻھراڙي علائقا دھشتگردن، عسڪريت پسندن ۽ انتھاپسندن جي خلاف جاري مھم جي ڪري يڪسان طور تي متاثر ٿيا آھن. 53 ھزار کان وڌيڪ پاڪستانين ان جنگ ۾ پنھنجون جانيون قربان ڪيون آھن ۽ ھزارين زخمي ۽ معذور ٿيا آھن، پاڪستاني معيشت کي دھشتگردي جي خاتمي لاءِ واڌو بوج کڻڻو پيو آھي، ملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيدار ھتي سيڙپ جي لاءِ تيار نھ آھن، توانائي جي بحران ۽ امن امان جي صورتحال جي ڪري صنعتي عمل بھ بري ريت متاثر ٿيو آھي، پرپوءِ خيبر پختونخواھھ ۽ قبائلي علائقن دھشتگردي جي خلاف جنگ جي ڪري سڀ کان وڌيڪ نقصان سَٺا آھن. جاني نقصان کان علاوھ مالي نقصان بھ بي پناھھ ٿيو آھي، بيشمار ڪارخانا، گھر ۽ ڪاروبار تباھھ ٿيا، انفراسٽرڪچر، پلن، رستن، بجلي ۽ گئس جي تنصيبات کي نقصان پھتو، صرف قبائلي علائقن ۾ ٿيل نقصان جو جائزو ورتو وڃي تھ خبر پوي ٿي تھ فاٽا ۾ دھشتگردن جي ڪري ڪافي گھر ۽ جائيداد تباھھ ۽ برباد ٿي آھي. عسڪريت پسندن جي خلاف آپريشن اڃا جاري آھي، سوات ۽ مالاڪنڊ ڊويزن وانگر نقصانن جو جائزو بھ ورتو پيو…

    وڌيڪ پڙھو
  • 1 جون

    جدلياتي ماديت مختصر تعارف

    عبدالنبي سوهو انسان هميشه کان ان ڪائنات کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو آيو آهي جيڪا سندس مشاهدي ۾ اچي ٿي. ڪائنات جي ماهيت ۽ جڙت کي جانچڻ لا؛ جيڪي ڪوششون يا ڪاوشون ڪيون ويون آهن تن جي نتيجي ۾ مختلف نظريا، فلسفا وجود ۾ آيا آهن. جدلياتي ماديت به انسان جي انهي فڪري ارتقا جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي، جنهن ۾ هن وسيح ڪائناتي وجود ۽ خود پنهنجي وجود کي ۽ ان جي رازن کي پروڙڻ ۽ پرکڻ جو سفر شروع ڪيو. جدلياتي فڪر جي باري ۾ اينگلس چوندو هو ته “جدليات فطرت، سماج ۽ انساني فڪر جي حرڪت ۽ ترقي جي عام اصولن جي سائنس آهي”. اينگلس جي هي مختصر سٽ جدلياتي فڪر جي جامع تشريح آهي. ان مان لڳي ٿو ته جدليات جي معني ئي آهي تبديلي، حرڪت ۽ ترقي. ان جو مطلب هي ٿيو ته جدليات ڪائنات يا وجود کي مسلسل حرڪت ۽ تبديلي جي نقطه نظر سان ڏسي ٿي. ياد رهي ته ان جي ابتڙ به هڪ فڪر آهي جيڪو سموري وايومنڊل جو هڪ بيٺل ۽ جامد تصور پيش ڪري ٿو . اهڙي مابعد الطبعياتي فڪر جي نظر ۾ هي ڪائنات ۽ ان جا قانون ازل کان هئا ۽ رهندا آيا آهن اهي مطلق آهن…

    وڌيڪ پڙھو
  • مئی- 2011 -
    20 مئی

    پاڪستان جي تبديل ٿيندڙ سياسي صورتحال ۽ عوام جو ڇا ٿيندو؟

    جاويد پيرزادو پاڪستان جي قيام کي 36 سال گذري چڪا ؛ھن، جڏھن تھ 1947ع جي آزادي کان وٺي ھن وقت تائين ملڪ جي اندر ڪافي سياسي ۽ ٻيا بحران اچي چڪا ؛ھن، جنھن دوران ڪافي سياستدان پنھنجون وفاداريون تبديل ڪري پنھنجن سياسي پارڱين ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي ھئي، جڏھن تھ شھيد محترمھ بينظير ڀڱو جي 27 ڊسمبر2007 تي شھادت کانپوءِ ملڪ جي سياسي صورتحال ڪجھھ ٻي طريقي سان ھلي پئي ۽ پ پ پ جي حڪومت کي قائم ٿيندي 3 سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو ؛ھي، جڏھن تھ وفاقي حڪومت ۾پ پ پ جي اتحادين جي ٻن سالن دوران ڱوڙ ڦوڙ ڪافي دفعا سامھون ؛ئي ؛ھي، تازو مسلم ليگ ق جو پ پ پ جي وفاقي حڪومت ۾ اتحاد ٿيڻ ۽ ايم ڪيو ايم واپس وفاق ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت ۾ بھ اتحادين جو شامل ٿيڻ ۽ تبديلي اچڻ جا امڪان ؛ھن، تازو ڪجھھ مھينن کان ملڪي صورتحال ڪجھھ ٻي طريقي سان نظر پئي اچي، جنھن جا مثال ريمنڊ ڊيوس کي ؛زاد ڪرڻ، ايبڱ ؛باد ؛پريشن ۾ اساما بن لادن کي مارڻ، ؛مريڪي سينيڱر جان ڪيري جو پاڪستان جو دورو، جڏھن تھ ان سموري معاملن جو بار عوام تي پئجي رھيو ؛ھي ۽ ملڪ سميت سنڌ…

    وڌيڪ پڙھو
  • اپریل- 2011 -
    11 اپریل

    قيادت جو فرض

    ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا پاڪستان جي سياسي قيادت عالمي ڪرڪيٽ ڪپ جي پاڪ ڀارت سيمي فائنل ميچ جي دوران ٻنھي ملڪن جي عوام ۾ جنگي جنون پيدا ڪرڻ جي ڪوششن کي وڏي ڏاھپ ۽ تحمل سان ناڪام بڻايو آھي. وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ڀارتي وزيراعظم منموھن سنگھھ جي ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ واري دعوت قبول ڪري پاڪستان جي ان عزم جو ارادو ڪيو جنھن تحت خطي ۾ امن استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ پاڪستان پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ ھميشھ تيار رھي ٿو، ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ ميچ صرف ھڪ راند ھئي ٻيو ڪجھھ نھ پر روايتي حريف ملڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ ان ميچ سان ٻنھي پاسن جي عوام جا جذبا جڙيل ھئا، انھن جذبن مان فائدو ورتو پئي ويو ۽ پنھنجي ))پروڊڪٽس(( وڪرو ڪرڻ جي لاءِ ھڪ مخصوص رنگ ڍنگ سان ماحول قائم ڪيو پيو وڃي، پاڪستان جي سياسي قيادت ان ماحول کي ناڪام بڻائڻ ۽ ٻنھي پاسن جي عوام جي جذبن کي ٿڌو ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. ميڊيا جي ذريعي جيڪو ماحول قائم ڪيو ويو ھو ان ماحول ۾ يقينن ھارڻ واري ملڪ ۾ سوڳ جي ڪيفيت پيدا ٿيڻي ھئي ۽ کٽندڙ ملڪ ۾ جشن ٿيڻو ھو ۽ اھي ٻئي ڪم ٿيا…

    وڌيڪ پڙھو
  • 10 اپریل

    ضلعي سکر ۾ ٽي بي کان بچاءَلاءِ ورتل اپاءَ

    (تحرير غوث محمد پٺاڻ ) سکر شھر ھڪ پراڻو تاريخي شھر ؛ھي. ھن جو شمار سنڌ جي ٽئين نمبر وڏن شھرن ۾ ٿئي ٿو. ھن وقت سکر ضلعي جي ؛بادي تقريبن، ا ڪروڙ 72 لک 9 ھزار .71 تي مشتمل ؛ھي. جڏھن تھ ھي ضلعو 5 تعلقن ۽ 64 يوسين تي مشتمل ؛ھي. ھن جي ؛بادي تمام تيزي سان وڌي رھي ؛ھي. ھن ضلعي ۾ سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسپتالون موجود ؛ھن سکر ۾ ميڊيڪل ڪاليج ٺھڻ کان پوءِ خانگي اسپتالن ۾ سٺن ڊاڪٽرن جي بھ ڪمي پوري ٿي.جيڪي ماڻھون علاج خاطر پنھنجن مريضن کي ڪراچي ۽ حيدر؛باد موڪلڻ کي ترجيح ڏيندا ھئا. انھن پنھنجي پنھنجي حيثيت ؛ھر سکر جي سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسپاتالن کي اھميت ڏيڻ شروع ڪئي.اڪثر ٻھراڙي ۽ شھري ؛بادي جي غريب ماڻھن جو لاڙو سرڪاري اسپتالن ڏانھن تمام گھڻو ؛ھي.سرڪاري اسپتالن ۾ رش سبب اسپتال انتظاميھ جي گھڻن ڪوششن وٺڻ جي باوجود مريضن جي سار سنڀار ۽ صفائي جي نظام بحال رکڻ ۾ گھڻيون مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون.سرڪاري طور تي گھڻين بيمارين جي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مفت علاج جون سھولتون فراھم ڪيون وڃن ٿيون.جن ۾اين جي اوز بھ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ٿيون.انھن مرضن ۾ ٽي بي پڻ شامل ؛ھي. ٽي بي ھڪ پکڙجندڙ…

    وڌيڪ پڙھو
  • 10 اپریل

    ايوان صدر ۾ سويٽ ھوم جي معززين جي آجيان

    لکيڪ: موسيٰ رضا ڪنھن بھ رياست جي لاءِ ۽ عوام جي فلاح بھبود جي لاءِ ناڻي جي اھميت کان انڪار نھ ٿو ڪري سگھجي. انساني تاريخ ۾ جڏھن رياست ۽ حڪومت جو تصور آيو تھ ان وقت جي بادشاھھ يا امير سڀ کان پھريان جيڪو کاتو يا ادارو بڻايو اھو ان جو بيت المال ھو يا جديد لفظن ۾ ناڻي وارو کاتو ھو. ان جي قيام جو مقصد اھو ھو تھ ملڪي ضرورتن جي لاءِ جيڪي وسيلا درڪار آھن ان ناڻي سان پورا ڪيا وڃن. اھو ئي سبب آھي جو جڏھن پراڻي زماني ۾ملڪي ناڻو بادشاھھ جي اشاري تي ونڊيو ويندو ھو ۽ بادشاھھ کي اختيار ھوندو ھو تھ اھو جنھن کي چاھي لک دينار ڏئي ڇڏي يا ڪنھن کي منڊي لاھڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي، اھو سڀ ڪجھھ بادشاھھ جي مرضي تي ٻڌل ھوندو ھو. جيئن جيئن انسان شعور جي بلندين تائين پھچڻ لڳو سندس سوجھھ بوجھھ ۾ اضافو ٿيندو ويو ۽ اھا ڳالھھ محسوس ڪئي تھ رياست صرف ھڪ شخص جي مرضي ۽ منشا سان نھ ٿي ھلائي سگھجي. ان ۾ ماڻھن جي صحت جا مسئلا ھوندا آھن، تعليم ضروري ھوندي آھي، ماڻھن جي آمدو رفت جي لاءِ رستن جي ضرروت ھوندي آھي، آبادين جي صفائي ۽ درياھن…

    وڌيڪ پڙھو
  • 5 اپریل

    ڀٽو جو ڪيس

    ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل جي ڪيس ۾ ڏنل ڦاسي واري سزا کي بين الاقوامي سطح تي ھميشھ ھڪ عدالتي قتل سمجھو ويو، جڏھن تھ ان ڪيس کي ڪنھن بھ عدالتي نظير جي طور تي بھ قانون جي ڪتابن ۾ شامل نھ ڪيو ويو ۽ نھ ئي ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي کان پوءِ اھڙي ڪنھن ڪيس ۾ دنيا جي ڪنھن وڪيل پاڪستان جي عدالت جي فيصلي کي حوالي جي طور تي پنھنجي دليلن ۾ شامل ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽو جھڙا ماڻھو قومن ۽ ملڪن جي تاريخ ۾ گھٽ پيدا ٿيندا آھن. ھو عالمِ اسلام کي ھڪ لَڙھي ۾ پوئڻ چاھي پيو ۽ ان جي لاءِ درڪار قوت، صلاحيت، عزم ۽ ڏاھپ بھ رکي پيو. ھو اولھھ قوتن جي اجارا دارين ۽ طاقت کان خائف نھ ھو پر اسلامي دنيا جي قوت کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري اُمت مسلمھ جي ترقي ۽ خوشحالي جو خواب ڏسندو ھو پيو، ذوالفقار علي ڀٽو شاھھ فيصل سان گڏجي اُمت مسلمھ جي اتحاد جي جنھن خواب کي ڏٺو ۽ ان جي تعبير جي لاءِ جيڪي عملي ڪوششون ڪيون اھي اسلام مخالف قوتن کي اک ۾ ڪنڊي وانگر چُڀجي رھيون ھيون، نيٺ اھا ئي ھوا لڳي جنھن جو خدشو…

    وڌيڪ پڙھو
  • 4 اپریل

    قائد عوام، ھڪ انقلابي ليڊر

    ليکڪ: نذير ڍوڪي قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪھاڻي ڪا روايتي لوڪ داستان نھ آھي، پر ھڪ اھڙي عظيم انسان جي تاريخ آھي جيڪو پنھنجي ملڪ جي غريب عوام سان چاھھ رکندو ھو جنھن ھن ڌرتي امڙ جي آزادي ۽ خودمختياري کي حقيقت جو روپ ڏنو ھو، جنھن ڌرتي جي واسين کي سوچڻ جي لاءِ شعور، ڳالھائڻ جي لاءِ زبان ۽ ڪنڌ کڻي جيئڻ جو ڍنگ سيکاريو. کيس خبر ھئي تھ ان عمل جي قيمت ڇا ھوندي؟ اڄ ڪلھھ جي زماني ۾ گھڻا ماڻھو ڀٽو جي آھل ڪري پاڻ ئي تصور ڪري وٺن ٿا تھ ھو ڀٽو آھن پر اُھي ان حقيقت کان بلڪل بي خبر آھن تھ ڀُٽي مقتل گاھھ جي رستي جي پھرين چونڊ ڪئي ۽ بعد ۾ سياست ۾ قدم رکيو. معروف ڏاھي جناب عباس اطھر جو چوڻ آھي تھ ڀٽو ھڪ آسماني راز آھي. صديون اڳ جي شاعر حضرت پير وارث شاھھ کي ڪنھن ٻڌايو تھ سنڌ جو ھڪ پٽ حڪمران ھوندو جيڪو ناانصافي جو شڪار ٿي قتل ٿي ويندو. قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ جي تمام وڏي نواب خاندان ۾ جنم ورتو. تقريبن ٻھ صديون اڳ سنڌو درياھھ جي پاسي نئون ديرو لاڙڪاڻي جي مقام تي مير خدابخش خان ڀُٽي ڳڙھي…

    وڌيڪ پڙھو
  • 4 اپریل

    ھڪ عظيم عوامي اڳواڻ

    ليکڪ: فردوس عاشق اعواڻ (سڌ سماءَ واري وفاقي وزير) اھو تاريخ جو منحوس ترين ڏينھن ھو، ان ڏينھن ڪروڙين عوام کان سندن محبوب ۽ مخلص اڳواڻ کسيو ويو. مان اڄ تائين اھو ڏينھن ان جي لاءِ نھ وساري سگھي آھيان جو ان ڏينھن اسان جي گھر ۾ بھ ماتم متل ھو، منھنجي والد کي انتھائي گھرو صدمو پھتو ھو، ماڻھو دلاسو ڏيڻ اسان جي گھر اچي رھيا ھئا ۽ رنڀو رڙيون ڪري روئي رھيا ھئا، ڄڻ کانئن زبردستي ڪا ناياب شيءِ کسي وئي ھجي. ڪوبھ شڪ نھ آھي تھ قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀڱو ھڪ بي مثال ۽ ناياب شخصيت ھئي، پاڻ ھن خطي جو واحد سياستدان ھو جنھن جو عوام سان ۽ عوام جو اُن سان درد جو رشتو ھو. ماڻھو سڀ نھ سھڻا، پکي سڀ نھ ھنج ڪنھن ڪنھن ماڻھو منجھھ، اچي بوءِ بھار جي قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀڱو واقعي ھن سرزمين جي لاءِ بھار ۽ خلقِ خدا جي دعائن جو نتيجو ۽ خلقِ خدا جي دعائن جو ثمر ھو جيڪي مدتن کان ھڪ ھمدرد، غمخوار ۽ مسيحي جا منتظر ھئا. قدرت جو اھو ڪرشمو بھ عجيب آھي تھ بر صغير ))ھنڌ ۽ سنڌ(( جي تمام وڏي جاگيردار خاندان ۾ ھڪ اھڙي چشم وچراغ جنم…

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button