آرٽيڪل

ڀٽو جو ڪيس

ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل جي ڪيس ۾ ڏنل ڦاسي واري سزا کي بين الاقوامي سطح تي ھميشھ ھڪ عدالتي قتل سمجھو ويو، جڏھن تھ ان ڪيس کي ڪنھن بھ عدالتي نظير جي طور تي بھ قانون جي ڪتابن ۾ شامل نھ ڪيو ويو ۽ نھ ئي ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي کان پوءِ اھڙي ڪنھن ڪيس ۾ دنيا جي ڪنھن وڪيل پاڪستان جي عدالت جي فيصلي کي حوالي جي طور تي پنھنجي دليلن ۾ شامل ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽو جھڙا ماڻھو قومن ۽ ملڪن جي تاريخ ۾ گھٽ پيدا ٿيندا آھن. ھو عالمِ اسلام کي ھڪ لَڙھي ۾ پوئڻ چاھي پيو ۽ ان جي لاءِ درڪار قوت، صلاحيت، عزم ۽ ڏاھپ بھ رکي پيو. ھو اولھھ قوتن zulfiqar ali bhutto 0204 lجي اجارا دارين ۽ طاقت کان خائف نھ ھو پر اسلامي دنيا جي قوت کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري اُمت مسلمھ جي ترقي ۽ خوشحالي جو خواب ڏسندو ھو پيو، ذوالفقار علي ڀٽو شاھھ فيصل سان گڏجي اُمت مسلمھ جي اتحاد جي جنھن خواب کي ڏٺو ۽ ان جي تعبير جي لاءِ جيڪي عملي ڪوششون ڪيون اھي اسلام مخالف قوتن کي اک ۾ ڪنڊي وانگر چُڀجي رھيون ھيون، نيٺ اھا ئي ھوا لڳي جنھن جو خدشو ھو ٻنھي عظيم رھنمائن کي پنھنجن جي ھٿان ئي راھھ تان ھٽايو ويو. شاھھ فيصل پنھنجي ڀائيٽي ھٿان شھيد ٿيو، جڏھن تھ ذوالفقار علي ڀٽو پنھنجي عدالتن جي ھٿان موت جي گھاٽ لاٿو ويو، پاڪستاني عوام جو حافظو ڪمزور نھ آھي اُھو ان ناحق قتل تي ڪالھھ بھ پريشان ھو ۽ اڄ بھ پريشان آھي. آمريڪي پرڏيھي وزير پاڪستان جي ائٽمي پروگرام کي ختم ڪرڻ کان انڪار تي ذوالفقار علي ڀٽو کي عبرتناڪ انجام جي ڌمڪي ڏني ھئي ۽ ان ڌمڪي کي ھڪ فوجي آمر جي ذريعي عملي جامو بھ پھرائي ڇڏيو، يقينن جسماني طور تي ذوالفقار علي ڀٽو کي ختم ڪيو ويو پر ھو ھڪ نظريي جي صورت ۾ ھميشھ جي لاءِ زندھھ ٿي ويو، اھو ئي سبب آھي جو ھُو اڄ عوام جي دلين تي حڪمراني ڪري رھيو آھي. پاڪستان پيپلزپارٽي تي اھو تاريخ جو قرض ھو تھ اُھا پاڪستان جي عدالتن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي خلاف ھلايل ڪوڙي ۽ بي بنياد ڪيس کي ري اوپن ڪري ھا ۽ انصاف جي تقاضن کي پورو ڪيو وڃي ھا. ترڪي جي وزيراعظم عدنان ميندرس کي پاڪستان سان ملندڙ جلندڙ قوتن طرفان ڦاسي جي سزا ٻڌائي وئي ۽ ان تي عمل ڪيو ويو، جنھن جو نتيجو ترڪي ۾ وڏي پئماني تي ٿيل انتشار جي صورت ۾ نڪتو، پر ڪجھھ سال اڳ ترڪي جي عدالتن عدنان ميندرس تي ھلايل ڪيس کي ڪوڙو ۽ بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو ۽ ھو بيگناھھ ثابت ٿي ويو.
ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي ائٽمي پروگرام جو خالق ھو ھڪ سچي قوم پرست ليڊر وانگر ڀارت جي ائٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ ھن اعلان ڪيو تھ اسان گاھھ کائي وٺنداسين پر ائٽم بم بڻائينداسين. پنھنجي قوم، زمين ۽ پنھنجي ملڪ سان سندس بي پناھھ محبت ۽ جنون جي حد تائين چاھت کيس ڊاڪٽر عبدالقدير خان تائين وٺي وئي، دنيا ۾ واحد مسلمان ائٽمي سائنسدان جيڪو ھڪ اولھھ ملڪ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رھيو ھو، ذوالفقار علي ڀٽو ذاتي طور تي کانئس عرضي ڪئي تھ ھو پاڪستان اچي وڃي ۽ پاڪستان کي ائٽمي طاقت بڻائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري. ان دعوت کي ڊاڪٽر قدير ٿُڏي نھ سگھيو ۽ پاڪستان اچي ويو. 1791ع جي جنگ جي صدمي سان ذوالفقار علي ڀٽو بھ پريشان ھو ۽ ڊاڪٽر عبدالقدير بھ پاڪستان جي ائٽمي پروگرام جو بنياد رکي ڇڏيو ۽ پاڪستاني وزيراعظم جي حڪم تي ڊاڪٽر قدير کي سمورا درڪار وسيلا فراھم ڪرڻ جا حڪم بھ جاري ڪيا ويا. اھڙي ريت ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي ائٽمي پروگرام جو جيڪو ٻوٽو لڳايو ھو اھو اڄ ھڪ طاقتور وڻ بڻجي چڪو آھي ۽ دنيا جي ڪنھن بھ طاقت لاءِ پاڪستان کي نقصان پھچائڻ ممڪن نھ رھيو آھي. ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ ججن ۾ اختلاف راءِ ھو ۽ ججن جي اڪثريت نھ صرف ان ڪيس کي ڪوڙو ۽ بي بنياد سمجھي پئي پر ذوالفقار علي ڀٽو جھڙي ليڊر کي ان ڪوڙي ڪيس ۾ سزا ڏيڻ ملڪ ۽ قوم جي لاءِ ۽ اُمت مسلمھ جي لاءِ انتھائي خوفناڪ سمجھي پئي. اختلاف ڪندڙ ٻن ججن کي خاموشي ۽ مھارت سان ان ڪيس کان الڳ ڪيو ويو، ان جي باوجود جڏھن ان ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو ان ۾ چئن جي ڀيٽ ۾ ٽن ججن فيصلي کان اختلاف ڪيو. اختلاف ڪندڙ ھڪ جج جي ميٽرڪ جي ڊگري جعلي قرار ڏني وئي ۽ کيس جان بچائي پاڪستان مان فرار ٿيڻو پيو، باقي ٻن ججن سان بھ اھو ئي برتا/ ڪيو ويو، جنھن واعدو معاف شاھد مسعود محمود جي ذريعي ڀٽو کي ڦاسي ڏيڻ جو پروگرام جوڙيو ويو ھو اھو مسعود محمود ڀُٽو جي ڦاسي کان پوءِ اھڙي ريت غائب ٿيو جو ھيستائين سندس ڪا خبر نھ آھي.
سپريم ڪورٽ جي جنھن بينچ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي جي سزا جو حڪم ٻڌايو ھو ان بينچ جي ھڪ جج جسٽس نسيم حسن شاھھ سالن کان پوءِ ان ڳالھھ جو اعتراف ڪري چڪو آھي تھ ذوالفقار علي ڀٽو کي غلط طور تي ڦاسي ڏني وئي. اڄ پاڪستان پيپلزپارٽي ڀٽو جي ڪيس کي ري اوپن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي ۽ پاڪستاني قوم جي مٿان پيل ان قرض کي ادا ڪرڻ جو ارادو ڪري ورتو آھي. وفاقي ڪابينا وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جي ڪيس کي ري اوپن ڪرڻ جي لاءِ ريفرنس سپريم ڪورٽ موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، ان ريفرنس تي صدر مملڪت آصف علي زرداري عدالت عظميٰ ۾ موڪلڻ جي لاءِ صحيحون ڪري ڇڏيون. صدر مملڪت آصف علي زرداري اي پي اين ايس جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو تھ ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي ڪيس کي ٻيھر کولڻ ڪنھن کي سزا ڏيارڻ يا ان جي مذمت ڪرڻ جي لاءِ نھ پر تاريخ ۾ ان جو جائز مقام ڏيارڻ جي لاءِ آھي. ھن چيو تھ ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، سلمان تاثير ۽ شھباز ڀٽي جھڙن رھنمائن کي ھڪ مخصوص مائينڊ سيٽ وٺي ويو آھي، اھو مائينڊ سيٽ جمھوريت جو دشمن ۽ عوام مخالف آھي، ان مائينڊ سيٽ جي خلاف پاڪستان پيپلزپارٽي ڪالھھ بھ جدوجھد ڪئي اڄ بھ جدوجھد جاري آھي ۽ مستقبل ۾ بھ اھا جدوجھد جاري رھندي. ھڪ خوشحال ۽ ترقي يافتھ پاڪستان پاڪستاني عوام جو حق آھي ۽ اھو حق ڪنھن کي عوام کان کسڻ جي اجازت نھ ٿي ڏئي سگھجي. اھا ڳالھھ يقينن سچ آھي تھ ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جي ذريعي عوام جي حق تي ڌاڙي ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ عوام جي زبان کي ھميشھ جي لاءِ خاموش ڪرڻ جو ارادو ڪيو ويو، پر اھي ارادا ۽ ڪوششون پھرين بھ ناڪام ٿيون اڄ بھ ناڪام آھن ۽ آئيندھھ بھ ناڪام ٿينديون رھنديون. عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي رد نھ ڪيو آھي ۽ ھر شفاف چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏئي پارليامينٽ ۾ موڪليو آھي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button