آرٽيڪل

قيادت جو فرض

ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
پاڪستان جي سياسي قيادت عالمي ڪرڪيٽ ڪپ جي پاڪ ڀارت سيمي فائنل ميچ جي دوران ٻنھي ملڪن جي عوام ۾ جنگي جنون پيدا ڪرڻ جي ڪوششن کي وڏي ڏاھپ ۽ تحمل سان ناڪام بڻايو آھي. وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ڀارتي وزيراعظم منموھن سنگھھ جي ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ واري دعوت قبول ڪري پاڪستان جي ان عزم جو ارادو ڪيو جنھن تحت خطي ۾ امن استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ پاڪستان پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ ھميشھ تيار رھي ٿو، ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ ميچ صرف ھڪ راند ھئي ٻيو ڪجھھ نھ پر روايتي حريف ملڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ ان ميچ سان ٻنھي پاسن جي عوام جا جذبا جڙيل ھئا، انھن جذبن مان فائدو ورتو پئي ويو ۽ پنھنجي ))پروڊڪٽس(( وڪرو ڪرڻ Cricketجي لاءِ ھڪ مخصوص رنگ ڍنگ سان ماحول قائم ڪيو پيو وڃي، پاڪستان جي سياسي قيادت ان ماحول کي ناڪام بڻائڻ ۽ ٻنھي پاسن جي عوام جي جذبن کي ٿڌو ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. ميڊيا جي ذريعي جيڪو ماحول قائم ڪيو ويو ھو ان ماحول ۾ يقينن ھارڻ واري ملڪ ۾ سوڳ جي ڪيفيت پيدا ٿيڻي ھئي ۽ کٽندڙ ملڪ ۾ جشن ٿيڻو ھو ۽ اھي ٻئي ڪم ٿيا بھ پاڪستان جي ھار سان پوري ملڪ ۾ غم جي ڪيفيت ۽ سوڳ جو ماحول ڇائجي ويو جڏھن تھ ڀارت جي شھرن ۾ جشن ملھايا ويا، اھڙي عالم ۾ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ڀارت جو دورو ڪيو ۽ ڪرڪيٽ ميچ ڏٺي. پاڪستاني وزيراعظم جي طرفان ڀارتي وزيراعظم جي ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ واري دعوت قبولڻ جو ھڪ مقصد تھ پاڪستاني ٽيم سان يڪجھتي جو اظھار ۽ سندن حوصلا افزائي ھئي ۽ ٻيو مقصد بنيادي مسئلي ڪشمير سميت ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ حل طلب تڪرارن جي نبيري جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظھار ھو. پاڪستاني وزيراعظم جي وفد ۾ پارلياماني پارٽين جي رھنمائن جي شموليت بھ پارلياماني جمھوريت جي استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي سياسي قيادت جي عزم جواظھار ھو، ٻنھي ملڪن جي وزراءِ اعظم گڏ ويھي سيمي فائنل ڏٺي ۽ ميچ جي دوران سائيڊ لائن ۾ ڳالھيون بھ ڪيون اھي ڳالھيون تڪرار ۽ ڇڪتاڻ جي جنھن ماحول ۾ ٿي رھيون ھيون ان ماحول کي ختم ڪرڻ ٻنھي ملڪن جي قيادت جي ذميواري ھئي، ممبئي حملن بعد پاڪ ڀارت ڳالھين جو عمل رڪاوٽ جو شڪار ٿي ويو ھو، انھن ڳالھين سان ان رڪاوٽ کي ختم ڪرڻ جو موقعو بھ پيدا ٿيو. عالمي ڪرڪيٽ ڪپ جي پاڪ ڀارت سيمي فائنل جي دوران ٿيل پاڪ ڀارت وزراءِ اعظم ملاقات کان پوءِ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني بجاطور تي اھو چيو تھ کٽڻ ھارائڻ جي گھڻي اھميت نھ آھي، سيمي فائنل پاڪستان ۽ ڀارت کي گڏ ڪري ڇڏيو. وزيراعظم ڀارتي ٽيم جي فتح تي منموھن سنگھھ ۽ ڀارتي عوام کي واڌايون ڏيندي چيو تھ پاڪستان ڀارت سان سٺن لاڳاپن جو خواھشمند آھي، مسئلن جي حل جي لاءِ پراڻي دشمني کي ختم ڪرڻ چاھيون ٿا. ھن سيمي فائنل ۾ معياري راند پيش ڪرڻ ۽ اسپورٽ مين شپ جو مظاھرو ڪرڻ تي ٻنھي ڪرڪيٽ ٽيمن کي واڌايون ڏنيون. وزيراعظم گيلاني چيو تھ ڏکڻ ايشيا جي خطي مان غربت، جھالت، بيروزگاري جھڙي گڏيل دشمن سان مقابلي جي لاءِ امن ئي ھڪ واحد رستو آھي. وزيراعظم ميچ کان پوءِ پنھنجي پيغام ۾ چيو تھ پاڪستاني ٽيم بھ سٺي کيڏي پر اھو ان جو ڏينھن نھ ھو، ميچ کٽڻ يا ھارائڻ راند جي معيار ۽ ٽيم جي جذبي کان وڌيڪ اھميت نھ ٿو رکي. ھن خاطري ظاھر ڪئي تھ اھڙا موقعا ٻيھر ايندا، جڏھن ٻنھي ملڪن جون ٽيمون ٻنھي ملڪن ۾ ٻيھر کيڏنديون. ڀارتي وزيراعظم بھ ميڊيا سان ڳالھائيندي پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ ميچ کي تمام اھم قرار ڏنو ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي تسليم ڪيو. موھالي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ .3 ھزار تماشائين جي سامھون پھرين پاڪستان جو قومي ترانو وڄايو ويو ان کان پوءِ ڀارت جو ان موقعي تي ڪانگريس جي صدر سونيا گانڌي ۽ سندس پٽ راھول گانڌي بھ موجود ھئا. ميچ جي دوران وزيراعظم گيلاني ڪانگريس جي رھنما* سونيا گانڌي سان ملاقات ڪئي جڏھن تھ ڀارتي وزيراعظم ۽ پاڪستاني وزيراعظم الڳ ويٺا ھئا جنھن کي ون آن ون ملاقات بھ چئي سگھجي ٿو، ٻنھي وزراءِ اعظم ٻنھي ملڪن جي جيلن ۾ بند پاڪستاني ۽ ڀارتي باشندن جي رھائي، پاسپورٽ جي فراھمي، دھشتگردي جي خاتمي ۽ ٻين تڪراري معاملن تي ڳالھايو. ورلڊ ڪپ ميچ جي اھميت ان لاءِ بھ وڌيڪ ھئي جو ٻنھي ملڪن جا وزيراعظم اھا ميچ ڏسڻ آيا ۽ انھن ڳالھين ۾ ڪئين معاملن تي بريڪ ٿرو بھ ٿيو.
پاڪستان جي سياسي قيادت پاڪ ڀارت امن جي قيام ۽ خطي کي دھشتگردي جي ڄار مان ڪڍڻ جي لاءِ بجاطور تي پنھنجي عزم جو اظھار ڪيو آھي. سُڌ سما* واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو تھ کٽڻ ھارائڻ راند جو حصو آھي، پاڪ ڀارت ڳالھيون جاري رھڻ گھرجن، ڪرڪيٽ ڊپلوميسي جي ذريعي ٻئي ملڪ ويجھو آيا، پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جدوجھد ۽ اسپورٽ مين شپ جو مظاھرو ڪيو. ڪرڪيٽ ٻنھي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطي جو ذريعو آھي. دوستاڻو ماحول مرحلي وار اڳتي وڌڻ سان حل طلب تڪرارن کي نبيري سگھجي ٿو. وفاقي گھرو وزير رحمان ملڪ چيو تھ منموھن سنگھھ جي طرفان صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني کي عالمي ڪرڪيٽ ڪپ جي پاڪ ڀارت سيمي فائنل ڏسڻ جي دعوت ڏيڻ تمام خوشي جھڙي ڳالھھ آھي. اسان کي ھڪٻئي کي دشمن جي بدران دوست سمجھڻ جي ضرورت آھي، اسان دوستن کي تھ تبديل ڪري سگھون ٿا پر پاڙيسري تبديل نھ ٿا ڪري سگھجن، سمورن مسئلن جو حل ڳالھين ۾ ئي آھي، ٻئي قومون راند جي ميدان ۾ جيڪي جذبا رکن ٿيون انھن کي ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ بھتر لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ گھرجي. پرڏيھي معاملن جي مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو تھ صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پاڪ ڀارت تڪرار کي ڳالھين جي ذريعي حل ڪرڻ چاھن ٿا، ٻنھي ملڪن ۾ واپار کي ھٿي ملڻ سان امن قائم ٿيندو، جيڪو خطي جي مفاد ۾ آھي. وزيراعظم جي وفد ۾ شامل ايم ڪيو ايم جي پارلياماني رھنما* ڊاڪٽر فاروق ستار چيو تھ پاڪستان ھميشھ پاڙيسري ملڪن سان بھتر لاڳاپن جو خواھشمند آھي، ٻنھي ملڪن کي پراڻن مسئلن جي حل لاءِ اعتماد بحال ڪرڻو پوندو ۽ گڏيل ڳالھين جي عمل کي اڳتي وڌائڻو پوندو. پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو تھ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڳالھين جي راھھ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آھي. اھڙي ريت پاڪستان جي سياسي قيادت پاڪ ڀارت امن جي قيام لاءِ پنھنجي عزم جو ارادو ڪيو…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button