ڪالم

  • جون- 2011 -
    29 جون

    پائيدار ترقي لاءِ زرعي سڌارن لاءِ چند حڪمتي عمليون

    ڪلتار گل پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي جنهن جي ٽوٽل آبادي جو 73 سيڪڙو آبادي زراعت سان سلهاڙيل آهي جيڪو مسلسل ايندڙ قدرتي آفتن ، وسيلن جي کوٽ ، زمينن جو ناڪاره ٿيڻ، مناسب پيداواري صلاحيتن جي ڄاڻ نه هجڻ ۽ ٻج، ڀاڻ ۽ دوا جي بهتر ۽ مناسب نه هجڻ جي ڪري اسان پنهنجي ملڪي ضرورت جيترو به کاڌ خوراڪ جي پيداوار نه پيا ڪري سگهون ۽ ٻئي طرف وڌندڙ آبادي جي ڪري اسان پنهنجي ضرورت جون شيون پيدا ڪرڻ ۾ پڻ قاصر اهيون جنهن جي ڪري اسان کي ٻين ملڪن کان پنهنجي ضرورت لاءِ ايندڙ شين جهرڙوڪ کنڊ ، داليون، مصالحا ، ڀاڄيون ، بصر، چانور ۽ ڪڻڪ وغيرا پڻ ٻين ملڪن مان گهرائڻا پون ٿا جنهن سان اسان جي خزاني تي به بار پوي ٿو ۽ نتيجي ۾ بين ترقياتي ڪم به نه پيا ٿي سگهن انهن مڙني مسئلن کي نظر ۾ رکندي ڪجهه زرعي سدارن لاءِ حڪمت عملين جي صلاح رکجي ٿي جنهن تي مختلف وقتن تي ماهرن انهي ضرورت کي اجاگر ڪري چڪا آهن ۽ سڏريلن ملڪن ۾ عمل درآمد پڻ ڪيترن ئي سالن کان ٿي چڪو آهي هاري ڪارڊ: ملڪ جي آبادگارن جي گهڻي آبادي ننڊن ابادگارن تي مشتمل آهي جيڪا پنهنجي زمين تي…

    وڌيڪ پڙھو
  • 28 جون

    واجب القتل

    سياست ۾ شائستگي ۽ تھذيب جو دامن ھٿان نھ ڇڏڻ گھرجي، سياست ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ جو ھٿ آھي، ان ۾ دروازا ڪڏھن بھ بند نھ ڪيا ويندا آھن، معاملن کي مفاھمت ۽ صلاح مشوري سان حل ڪيو ويندو آھي، سياستدان بدترين مخالفت جي باوجود ھڪٻئي کي واجب القتل يا غدار قرار نھ ڏيندا آھن ۽ نھ ئي اختلافن کي پوائنٽ آف ريٽرن تائين پھچايو ويندو آھي. نون ليگ عام چونڊن کان پوءِ ۽ ان کان پھريان بھ جيڪي سياست اختيار ڪئي ان تي پاڪستان جي باشعور ماڻھن کي ھميشھ تحفظات رھيا، پاڪستان جا جمھوريت دوست حلقا نون ليگ جي طرز سياست تي تنقيد ڪندا آيا آھن. نون ليگ جي قيادت اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ ثابت قدم رھندڙ پنھنجي ھڪ سياستدان ۽ سياسي ڪارڪن راڻا ثناءالله کي گويا سڀ ڪجھھ چوڻ جي کُلي اجازت ڏئي رکي آھي. ھن پنجاب جي اڳوڻي گورنر سليمان تاثير کي واجب القتل قرار ڏنو ھو ۽ ھو ھڪ جنوني ھٿان اسلام آباد ۾ پنھنجي جان تان ھٿ ڌوئي ويٺو، ھاڻي ھن قانون واري اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر بابر اعواڻ کي واجب القتل قرار ڏنو آھي. سينيٽ ۾ نون ليگ جي صوبائي رھنما* جي ان بيوقوفاڻي ۽ ٻاراڻي طرز عمل جي خلاف ھڪ…

    وڌيڪ پڙھو
  • 25 جون

    گھرج ۽ پھچ

    پاڪستان ۾ پيٽرول جو ھاڻوڪو بحران ٽن سببن جي ڪري سامھون آيو ھو، ھاڻي ان بحران تي ضابطو آندو ويو آھي ۽ گذريل ٽن ھفتن جي دوران 58 ھزار ٽن پيٽرول پاڪستان پھچي چڪو آھي. پيٽرول جي کوٽ جي سببن جو تجزيو ڪيو وڃي تھ ھڪ ڳالھھ واضح طور تي سامھون اچي ٿي تھ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيز قانونن تحت پيٽروليم مصنوعات جا .2 ڏينھن جا ذخيرا نھ رکيا ھئا. پيٽروليم جي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين جڏھن آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيز جي طرفان رولز ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي جو نوٽيس ورتو تھ اھا حقيقت سامھون آئي تھ ڪيترين ئي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين .2 ڏينھن جا ذخيرا نھ رکيا ھئا، وزارت جي حڪمن تي آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ پنج ڪمپنين کي پھرين اظھار وجوھھ جا نوٽيس ڏنا پوءِ انھن جا لائسنس روڪيا ويا

    وڌيڪ پڙھو
  • 24 جون

    اناج کي ٻورين ۾ ذخيرو ڪري رکڻ جو طريقو

    اسان جي ملڪ ۾ اناج گڏ ڪرڻ ۽ ان جو بهتر طريقي سارسنڀال ڪري ذخيرو ڪري رکڻ هميشه کان هڪ وڏو مسئلو رهيو آهي جنهن ۾ هتي مختلف قسمن جي جيتن کان وٺي موسمي تبديلڻ ، آفتن ۽ اناج کي ذخيرو ڪرڻ جي مختلف طريقن بابت اڻچاڻائي به هڪ اھم مسئول رھيو آھي ان کي نظر ۾ رکندي زرعي ماھر، تحقيق ڪندڙ ادارا ھميشه ھن ڪوشش ۾ رڌل رھيا ته اناج کي گڏ ڪرڻ ۽ ان کي مناسب طريقي سان ذخيرو ڪرڻ جو آسان ترين طريقو هجي جيئڻ هاري ڀاءِ پنجهنجي ان جي سارسنڀال ڪري سگهجي

    وڌيڪ پڙھو
  • 23 جون

    الزامن مٿان الزام

    نون ليگ جي سربراھھ ميان نواز شريف ھڪ ڀيرو ٻيھر صدر مملڪت آصف علي زرداري کي تنقيد جو نشانو بڻايو آھي. الزامن جي ان سلسلي جي شروعات عام چونڊن جي فورن بعد ئي ٿي وئي ھئي ان کان پوءِ اھو سلسلو ايترو تسلسل سان ھليو آھي جو عام ماڻھو ميان نواز شريف جي قدمن کي اھميت ڏيڻ جي لاءِ تيار ئي ناھن، پاڪستان کي پيش ايندڙ چيلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ قومي اتحاد ۽ يڪجھتي جي جنھن ماحول جي ضرورت آھي اُھو ڪٿي بھ نظر نھ ٿو اچي، پارليامينٽ ۾ قائد حزب اختلاف چوڌري نثار علي خان پنھنجي اعليٰ قيادت جي ھُڇي تي صدر ۽ وزيراعظم کي پنھنجي تنقيد جو نشانو بڻائي رکي ٿو ۽ عام طور تي پنھنجي الزامن سان ڀريل تقرير کان پوءِ ايوان مان ھليو وڃي ٿو ۽ حڪومت جو جواب ٻڌڻ جي زحمت نھ ٿو ڪري. اھو ئي حال پنجاب ۾ ميان نواز شريف ۽ سندس ڪجھھ پسنديدا وزيرن جو آھي، پنجاب ۾ نون ليگ جڏھن پاڪستان پيپلزپارٽي کي مخلوط حڪومت کان الڳ ڪيو ھو تھ اُھا اقليتي حڪومت بڻجي وئي ھئي

    وڌيڪ پڙھو
  • 22 جون

    شھيد راڻي بينظير …. منھنجي عظيم اڳواڻ

    شھيد راڻي محترمھ بينظير ڀٽو پاڪستان جي اُھا واحد شخصيت آھي جنھن تي سڀ کان وڌيڪ لکيو ويو آھي. اُھا جيستائين حيات رھي ميڊيا جي زينت رھي ۽ ماڻھن جي توجھھ جو مرڪز رھي. عوام جي بي لوث محبت ۽ شاندار عقيدت قلم وارن کي مجبور ڪري ڇڏيو تھ اُھي اِھو لکن تھ اُن ھستي ۾ ڪھڙي اُھا شيءِ يا ڳالھھ آھي جو ھر ننڍو وڏو، ٻار ۽ پوڙھو، مرد توڙي عورت ۽ خاص وعام کيس پنھنجي اميد جو مرڪز مڃي ٿو تھ اسان کي ھڪ ئي شيءِ نظر اچي ٿي ۽ اُھا آھي عوام سان محبت ۽ انھيءَ مضبوط رشتي سان ٻڌل اھا ھستي ڪڏھن بھ پنھنجي عوام کان پري نھ ٿي سگھي، مشڪل ترين حالتن ان رشتي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. کيس جڏھن بھ عوام کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي چاھي اُھا قيد جي صورت ھجي يا جلاوطني جي عوام ۽ محبوب اڳواڻ وچ ۾ اھو رشتو پھرين کان وڌيڪ مضبوط ٿيو

    وڌيڪ پڙھو
  • 20 جون

    شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاران جمهوريت لاءِ وهايل رت ۽ سنڌ واسين پاران ان جي ڀيٽا.

    سنڌ جي راڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جهڙي طرح پنهنجي وطن ۽ وطن واسين جي حقن لاءِ ويڙهه وڙهي جهڙي طرح ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي ۽ جمهوريت جي بحالي خاطر قيد، جلاوطني جون صحبوتون سٺيون ۽ جهڙي طرح وطن جي ويرين سان وڙهندي وڙهندي پنهنجي جان جون نذارنو پيش ڪيوان جو مثال سواءِ سندس والد محترم قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان علاوه تاريخ ۾ ڪٿي به نٿو ملي. جيتوڻيڪ وطن ۽ عوام سان محبت ۽ جمهوريت جي ان ٻوٽي جي پيوندڪاري قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئي ۽ ان جي اوسر لاءِ پنهنجي رت جو ريج ڏنو پر ان ٻوٽي کي وڻ جي حيثيت ۾ پهچائڻ ، ان کي ڦلدار بنائڻ ۽ سنڌ جي غريب ماڻهن کي ان جي ٿڌي ڇانو هيٺ ويهارڻ لاءِ جيڪي جدوجهد ۽ پگهر ۽ رت شهيد محترمه بينظير ڀٽو وهايو ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي _ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪرڻ کانپوءِ ظالمن اهو سمجهيو هو ته هاڻ هن ملڪ جا ماڻهو لاوارث ، بي سهارا ۽ هيڻان ٿي رهندا ۽ هو انهن جي ا ستحصال سان پنهنجابِڀَ ڀريندا ، عيش ۽ عشرت ڪندا پر قائد عوام جو نعرو طاقت جو سرچشمو عوام آهي واري شعور کان…

    وڌيڪ پڙھو
  • 20 جون

    سنڌ جووڏو وزير جيڪو مدبر سياسي صلاحيت جو مالڪ آھي

    سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ چيو آھي ته ٻوڏ جي خطري کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي، دريا بادشاھ سان مقابلو ناھي انشاء الله ھن ڀيري ان کي سمنڊ جو رستو ڏيکارينداسين.ھن اھا ڳالھھ شڪارپور جي دوري دوران ڪئي. ھن ان موقعي تي آبپاشي کاتي جي عملدارن کي سختي سان ھدايت جندي چيو تھ بندن جو ڪم مقرر وقت تائين مڪمل ڪيو وڃي، ڪابه ڪوتاھي برداشت نه ڪئي ويندي، لاپرواھي ڪندڙ عملي ۽ ٺيڪيدارن کي جيل موڪليندس. ھن چيو ته 67 ۾ ٻوڏ آئي ته شھيد ڀٽو وزيرن کي بندن جي نگراني جو حڪم ڏنو ان ڪري ھاڻ به سنڌ جا سمورا چونڊيل نمائندا 51 جولاءِ کان پوءِ پنھنجن پنھنجن علائقن ۾ وڃي عوام کي بچائڻ لاءِ بندن جي نگراني ڪن. گذريل ٻوڏ ۾ اسان سڀني سخت محنت ڪئي، ٽوري بند ٽٽڻ جي ڪري ساڄي پاسي تمام گھڻو نقصان ٿيو، اسان کي اڳ ۾ ئي تياريون ڪرڻ گھرجن

    وڌيڪ پڙھو
  • 19 جون

    عدالت جو فيصلو

    ترڪي جي اعليٰ عدالت حڪومت جو تختو ڪَلٽي ڪرڻ جي الزام ۾ حاضر سروس ايئر چيف مارشل کي گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو. مارشل بلگين بالانلي استنبول جي وار اڪيڊمي ۾ ڪمانڊر جا فرض سرانجام ڏئي رھيو ھو ۽ سندس شمار ملڪ جي سينئر ترين فوجي عھديدارن ۾ ٿيندو ھو، ايئر چيف جي آفيس ۽ ٻين ھنڌان ملندڙ دستاويزن جي روشني ۾ کيس جمھوري حڪومت جي خلاف سازشون ڪرڻ ۽ تختو ڪَلٽي ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي ملزم قرار ڏنو ويو آھي، ان الزام ۾ 211 اعليٰ فوجي آفيسر پھريان ئي گرفتار ٿي چڪا آھن ۽ جيلن ۾ سزائون ڀوڳي رھيا آھن. ايئر چيف جي گرفتاري سبب ملڪي قانونن جي تحت ھو ھاڻي ڪنھن بھ صورت ھوائي فوج جو سربراھھ مقرر نھ ٿو ڪري سگھجي، چاھي عدالت جي حتمي فيصلي ۾ کيس آزاد ئي ڇونھ ڪيو وڃي. ترڪ فوج جي ڪيترن ئي اعليٰ آفيسرن تي حڪومت جو تختو ڪَلٽي ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ انتشار ڦھلائڻ جي الزام ۾ پھرين کان ڪيس ھلي رھيو آھي

    وڌيڪ پڙھو
  • 17 جون

    ڏکڻ ايشيا جا شيدي

    2009ع تي امريڪا جي صدارتي چونڊن جي نتيجي ۾ جڏهن مارٽن لوٿر ڪنگ جي خواب ساڀيان ماڻي ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت امريڪا جو ڪاري نسل مان پهريون صدر چونڊجي ويو، تڏهن ڪاري نسل وارن جي دنيا ۾ ڄڻ ته انقلاب اچي ويو ۽ واقعي اهو انقلاب کان گهٽ به نه هو. ڪاري نسل وارا انسان جن کي اسين شيدي چئون ٿا، تن کي رڳو سندن رنگ ۽ شڪل جي بنياد تي تاريخ ۾ انتهائي گهٽ درجي وارن انسانن واري حيثيت حاصل رهي، جنهن ڪري هو دنيا ۾ ڪا خاص ترقي نه ڪري سگهيا ۽ اڄ به بک، بيماريون ۽ بدحالي سندن مقدر آهي. ڪن اسريل ۽ سڌريل سڏجندڙ ملڪن ۾ ڀلي کڻي ڪن شيدين کي اتان جي قانون موجب ڪي سهولتون مليل هجن پر باوجود ان جي کين سندن رنگ ۽ شڪل جي ڪري وري به ڪٿي نه ڪٿي گهٽتائي ۽ محروميءَ جو احساس ضرور ٿيڻ لڳي ٿو. جيتوڻيڪ اسلام چٽي نموني ڪنهن انسان جي سٺي ۽ خراب جي پرک رنگ، نسل ۽ ننڍ وڏائي جي بنياد تي ڪرڻ کي رد ڪري ٿو ۽ انهن جي سٺائيءَ جو رڳو هڪ ئي معيار رکيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button