آرٽيڪل

اناج کي ٻورين ۾ ذخيرو ڪري رکڻ جو طريقو

ڪلتار گل ميگ
Wheat1اسان جي ملڪ ۾ اناج گڏ ڪرڻ ۽ ان جو بهتر طريقي سارسنڀال ڪري ذخيرو ڪري رکڻ هميشه کان هڪ وڏو مسئلو رهيو آهي جنهن ۾ هتي  مختلف قسمن جي جيتن کان وٺي موسمي تبديلڻ ، آفتن ۽ اناج کي ذخيرو ڪرڻ جي مختلف طريقن بابت اڻچاڻائي به هڪ اھم مسئول رھيو آھي ان کي نظر ۾ رکندي زرعي ماھر، تحقيق ڪندڙ ادارا ھميشه ھن ڪوشش ۾ رڌل رھيا ته اناج کي گڏ ڪرڻ ۽ ان  کي مناسب طريقي سان ذخيرو ڪرڻ جو آسان ترين طريقو هجي جيئڻ هاري ڀاءِ پنجهنجي ان جي سارسنڀال ڪري سگهجي. انهيجي لاءِ پاڪستان جي زرعي تحقيقي ڪائونسل ڪراچي جسن جي مختلف تحقيقن ۽ تجربن کان پوءِ ڌوڻي ڏيڻ جو طريقو واضح ڪيو آھي جيڪو هڪ ئي وقت 10 ٻورين تي مشتمل جنسن يا ٻج وغيره لائ ڪارگر هوندو آهي. هن طريقي ۾ ٻورين کي هڪ خاص ترتيب ۾ پوليٿين جي لفافي ۾ هوا ۾ بند ڪرڻو آهي. جنهن لائ فاسفين گئس جي ڌوڻي موزون آهي ۽ اهڙي طرح ذخيرو ڪيل ان ٻاهر کان ايندڙ ڪيڙن، ڪوئن پکين جي نقصان کان بچي ويندو. ٻوريون به خاص ترتيب ۾ رکڻ سان جڳهه به تمام گھٽ گھيربي ۽ موجود خطرن کان به بچي سگھجي ٿو.

 

هن محفوظ طريقي سان 10 ٻوريون (هڪ ٽن) جنس رکڻ جي لاءِ هيٺئين شين جي ضرورت پوندي.

شيون تفصيل
1. پوليٿين يا پلاسٽڪ جي چادر 10 فٽ ڊگھائي، 8 فٽ ويڪرائي
2. چادر ٻن تهن واري شفاف چادر 2 ملي ميٽر ٿلهي
3. ڪاٺ جا هموار تختا 3 عدد، هر تختو 3 فٽ ڊگھو 8 انچ ويڪرو، 1 انچ ٿلهو
4. سرون 22 عدد
5. فاسفين گيس جون گوريون 2 عدد

جيڪڏھن احتياط سان استعمال ڪيو وڃي ته 2 ملي ميٽر ٿلهي تهه واري پوليٿين چادر کي ٻن سالن تائين استعمال ڪري سگھجي ٿي.

 

ٻورين جي ترتيب  وارو طريقو:

  1. سڀ کان پهرين 18 سرن کي شڪل نمبر 1 جي مطابق ملايو. سرن کي ترتيب ڏيڻ بعد ڪاٺ جا تختا  اهڙي طرح رکو جو اُهي ڪجهه ٻاهر نڪتل هجن اهڙي طرح ڪوئن کي مٿي چڙهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي، ٽن سرن  کي مٿي رکڻ جو مقصد ئي اهو آهي ته ڪوئن جي پهچ ۽ ان زمين جي آلاڻ ۽ پاڻي کان محفوظ رهي سگھي. جئين شڪل نمبر 2 ۾ ڏيکاريو ويو  آهي.

 

    Wheat2 

  1. پوليٿين جي چادر کي شڪل نمبر 3 جي مطابق لڳايو  جئين آساني سان کولي سگھجي.
  2. ٻورين رکڻ کان پوءِ پلاسٽڪ  کي ٻورين جي مٿان موڙجي جئين شڪل نمبر 4 ۾ ڏيکاريل آهي.
  3. پلاسٽڪ جي چادر کي ٻورين جي هيٺ ڌيئي ڇڏجي ۽ ٻورين کي ڪاٺ جي تختين جي رخ ۾ رکڻ گھرجي. جيئن تختا ڪرڻ کان محفوظ رهن.
  4. Wheat3

  5. باقي ٻوريون شڪل نمبر 6 ۾ ڏيکاريل ترتيب مطابق لڳائڻ گھرجن ٻوريون لڳائيندي پلاسٽڪ جي چادر کي مٿي ڪندو وڃجي ۽ سڀ ٻوريون رکڻ کان پوءِ فاسفين جون گوريون وجھي مٿان پلاسٽڪ جي چادر ويڙهي سرون رکي ڇڏجن
  6. جئين گئس ٻاهر ضايع نه ٿئي. جئين شڪل نمبر 7 ۾ ڏيکاريل آهي. مٿي بيان ڪيل طريقي ۾ اَنَ گهم، جيتن، جيوڙن ، ڪوئن  ۽ ڦڦوندي  لڳڻ کان بچي سگهي.

Wheat4

احتياطي تدبيرون

  1. ان گڌ ڪرڻ کان پهرين اَن کي سڪائجي.
  2. ٻورين کي پوليٿين چادر ۾ رکڻ وقت هر عمل ۾ احتياط سان رکڻ گھرجي ڇوته جيڪڌهن ڪٿان کان ڪو سوراخ يا چادر ڦاٽي ويئي ته گئس خارج ٿي ويندي.
  3. Wheat5

  4. ان کي اُن جڳهه تي رکجي جتي ست اٺ ڏينهن تاتين ڪير سمهندو نه هجي ڇوته گئس جي نڪرڻ سان ڪو نقصان  ٿي سگهي ٿو.
  5. معمولي گئس جي خارج ٿيڻ جي ڪري تيز بدبوءَ محسوس ٿيندي، ان صورت ۾ ڪمري جا دروازا ۽ دريون کولي ڇڏجن. هڪ ٻه ڏينهن  تائين ڪمري ۾ نه وڃجي. ان دوران مڪمل طرح گئس خارج ٿي ويندي.
  6. ان کي ٻارن، ڪڪڙن ۽ جانورن کان بچائجي ته جئين اهي اِن کي ڦاڙي نه سگھن.
  7. Wheat6

فائدا

  1. هن طريقي سان جيتن ڪيڙن جو حملو ڪونه ٿيندو ۽گڌ ڪيل ان محفوظ رهندو.
  2. ٻورين کي هن ترتيب ۾ رکڻ سان جڳهه گھٽ والاربي ۽ ان ڪوئن کان به محفوظ رهندو.
  3. فاسفين گئس جو اثر 10 کان 15 ڏينهن تائين هوندو آهي انهي لاءِ ان کي کولڻ نه گھرجي.
  4. پلاسٽڪ جي چادر ۾ بند هجڻ سبب برسات جي پاڻي ۽ سيلاب  کان به محفوظ رهندو.
  5. ٻج جي خاصيت بهتر رهندي ۽ اڳئين سال لاءِ ڪتب آڻي سگھجي ٿو.

نوٽ

ياد رهي ته هي طريقو 100 ڪلو ڳوڻ (جوٿ) واري ٻورين جي لاءِ تمام اهم آهي.

جيڪڌهن ان 50 ڪلو واري پروپلين جي ٻورين ۾ هجي ته اهڙي صورت ۾ ڪو تسلي بخش نتيجو حاصل ڪونه ٿيندو آهي.

Wheat7

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button