آرٽيڪل

شھيد راڻي بينظير …. منھنجي عظيم اڳواڻ

ليکڪ: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير
benazir 3شھيد راڻي محترمھ بينظير ڀٽو پاڪستان جي اُھا واحد شخصيت آھي جنھن تي سڀ کان وڌيڪ لکيو ويو آھي. اُھا جيستائين حيات رھي ميڊيا جي زينت رھي ۽ ماڻھن جي توجھھ جو مرڪز رھي. عوام جي بي لوث محبت ۽ شاندار عقيدت قلم وارن کي مجبور ڪري ڇڏيو تھ اُھي اِھو لکن تھ اُن ھستي ۾ ڪھڙي اُھا شيءِ يا ڳالھھ آھي جو ھر ننڍو وڏو، ٻار ۽ پوڙھو، مرد توڙي عورت ۽ خاص وعام کيس پنھنجي اميد جو مرڪز مڃي ٿو تھ اسان کي ھڪ ئي شيءِ نظر اچي ٿي ۽ اُھا آھي عوام سان محبت ۽ انھيءَ مضبوط رشتي سان ٻڌل اھا ھستي ڪڏھن بھ پنھنجي عوام کان پري نھ ٿي سگھي، مشڪل ترين حالتن ان رشتي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. کيس جڏھن بھ عوام کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي چاھي اُھا قيد جي صورت ھجي يا جلاوطني جي عوام ۽ محبوب اڳواڻ وچ ۾ اھو رشتو پھرين کان وڌيڪ مضبوط ٿيو ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني جناب ذوالفقار علي ڀٽو جا اُھي لفظ اَمر ٿي ويا جيڪي ھُن سينٽرل جيل راولپنڊي مان جون 8791ع ۾ پنھنجي پياري نياڻي کي سندس 52ھين سالگرھھ جي موقعي تي ھڪ خط ۾ لکيا ھئا.
"مان ھن جيل جي ڪاري ڪوٺڙي مان توکي ڪھڙو تحفو ڏئي سگھان ٿو؟ مان عوام جو ھٿ توکي تحفي ۾ ڏيان ٿو”
بس اھي لفظ شھيد راڻي جي زندگي جو محور بڻجي ويا. ھڪ مجبور پيءُ سالگرھھ جو آخري تحفو جيڪو ڏنو ھو فرمانبردار نياڻي پوري زندگي ان انمول تحفي کي پنھنجي ڇاتي سان لڳائي رکيو ۽ ڪڏھن بھ غفلت کان ڪم نھ ورتو، پنھنجي آرام ۽ پُرسڪون واري زندگي کي پاسي تي رکيو ۽ پنھنجي شھيد پيءُ جي ڏنل ان عظيم تحفي يعني عوام سان جيئڻ ۽ مرڻ جو قسم کاڌو.
محترمھ پيءُ جي شھادت کان پوءِ پارٽي جي واڳ سنڀالي ۽ استحصالي قوتن جو مقابلو نھايت صبر وتحمل سان شروع ڪيو. ظلم وجبر واري ڪاري دور ۾ ھن قيد ڪاٽيو ۽ نظربند رھي، آخرڪار جلاوطني تي مجبور ڪيو ويو پر عوام جي محبت سبب گھڻي دير وطن کان پري نھ رھي سگھي ۽ .1 اپريل 6891ع تي وطن واپس وري جمھوريت جي لاءِ جدوجھد جي پُرامن شروعات ڪري ڏني ۽ 8891ع ۾ عوام جي طاقت سان مارشل لا جا ڪارا ڪَڪر ٽري ويا ۽ جمھوريت بحال ٿي وئي، محترمھ بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پھرين عورت حڪمران بڻجي وئي پر جمھوريت مخالف قوتون سازشن ۾ رُڌل رھيون لھذا صرف .2 مھينن بعد ئي اسيمبليون ٽوڙيون ويون ۽ جمھوري حڪومت ختم ڪئي وئي.
پيپلزپارٽي کي ھڪ ڀيرو ٻيھر آپوزيشن جي پارٽي بڻايو ويو ۽ محترمھ نصرت ڀٽو، شھيد راڻي ۽ جناب آصف علي زرداري تي ڪئين بي بنياد ڪيس قائم ڪيا ويا ۽ کين جيل موڪليو ويو. پر 3991ع جي چونڊن ۾ ڪاميابي سان محترمھ ٻيو ڀيرو وزيراعظم پاڪستان بڻي، ان کان پھريان ٻھ ڀيرا چونڊيل وزيراعظم پاڪستان جو اعزاز سندس پي/ کي ئي حاصل ھو ائين اھو اعزاز پيءُ کان پوءِ ڌيءُ جي حصي ۾ آيو اھڙي ريت عوام پنھنجي محبوب اڳواڻن سان محبت جو قرض ھر ھر چڪايو پر اھا حڪومت بھ پنھنجو مدو پورو نھ ڪري سگھي ۽ نومبر 6991ع ۾ اسيمبليون ٽوڙيون ويون. محترمھ ۽ سندس مڙس جناب آصف علي زرداري تي وري ڪئين ريفرنسز داخل ڪيا ويا ۽ بغير ثبوت جي جناب آصف علي زرداري کي ٻيھر قيد ڪيو ويو، سندس اھا اَسيري لڳاتار 8 سالن تائين رھي پر شھيد راڻي جي عزم کي ڪمزور نھ ڪري سگھيو ويو، ان دوران لاتعداد ڪيسن جو منھن ڪرڻ سان گڏوگڏ محترمھ جمھوريت جي بحالي جي لاءِ جدوجھد جو سلسلو بھ جاري رکيو، ڇوتھ ملڪ ۾ ھڪ ڀيرو وري آڪٽوبر 9991ع ۾ مارشل لا لاڳو ٿي چڪي ھئي.
مان پنھنجي پوري زندگي محترمھ جي ان لڳاتار جدوجھد مان متاثر رھيس، مون کي گھران ئي اھڙو ماحول مليو جتي جناب ذوالفقار علي ڀٽو سان گھري محبت ۽ عقيدت موجود ھئي. محترمھ جي جدوجھد ڏسي منھنجي اندر بھ عوام سان لڳاءُ ۽ محبت جو جذبو پيدا ٿي ويو حالانڪي ان جي شروعات مختلف ھئي، مون ڊاڪٽر بڻجي عوام جي خدمت ڪرڻ جو عزم ڪري ورتو. مون کي 6991ع جو اُھو ڏينھن چٽي ريت ياد آھي پر منھنجي زندگي جو ھڪ بھترين ڏينھن ھو جڏھن وزيراعظم شھيد محترمھ بينظير ڀٽو فاطمھ جناح ميڊيڪل ڪاليج لاھور ۾ منھنجي بطور پريذيڊنٽ آف اسٽوڊنٽ يونين دعوت تي ڪانووڪيشن ۾ شرڪت ڪئي ھئي. ان ڏينھن شھيد محترمھ اسان جي بطور شاگرد جرئت ۽ ھمت کي ساراھيو، ان وقت اھا ڳالھھ ھئي جو ڪاليج انتظاميا پنجاب صوبي ۾ مخالف حڪومت جي ڪري محترمھ کي خصوصي مھمان بڻائڻ ۾ لَھرائي رھي ھئي پر محترمھ صرف اسٽوڊنٽس کي اھميت ڏيندي منھنجي دعوت قبولي ھئي، يقينن ان جا اسان لاءِ چيل لفظ منھنجي زندگي جو سرمايو آھن ۽ مان عوامي خدمت جي لاءِ شھيد راڻي جي رستي تي ھلڻ جو عزم ڪري ورتو.
پوءِ 8..2ع جي چونڊن جي لاءِ جڏھن مون جنرل سيٽ تان چونڊ وڙھڻ جي لاءِ ٽڪيٽ جي درخواست ڏني تھ محترمھ منھنجي لاءِ جن جذبن ۽ لفظن جو اظھار ڪيو اُھي منھنجي لاءِ زندگي جي ھر ميدان ۾ ڪاميابي جو ضامن بڻجي ويا، ڇوتھ محترمھ جو خيال ھو تھ مان مخصوص سيٽ تان ميمبر چونڊجڻ جي لاءِ چوندس پر منھنجا خيال ٻڌڻ کان پوءِ محترمھ فرمايو تھ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ صاحبھ اوھان جنھن ھمت ۽ جرئت سان جنرل سيٽ تان چونڊ وڙھڻ جو عزم ڪيو آھي ان جي لاءِ مان توکي پيشگي ڪاميابي جون واڌايون ڏيان ٿي ۽ ائين محترمھ جي لفظن حقيقت جو روپ تھ ڌاري ورتو پر انھن لمحن کي ڏسڻ جي لاءِ شھيد راڻي اسان جي درميان موجود نھ ھئي. عوام محترمھ جي شھادت کان پوءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر حڪومتي واڳون پاڪستان پيپلزپارٽي کي ڏئي پنھنجي ان لازوال محبت جو ثبوت ڏئي ڇڏيو جيڪا باني چيئرمين کان شروع ٿي ھئي ۽ اڄ بھ قائم آھي پر ان جي لاءِ عوام سان ئي مرڻو پوي ٿو.
اڄ شھيد راڻي محترمھ بينظير ڀٽو جي شھادت کان پوءِ چوٿين سالگرھھ آھي سندس حڪومت ۽ عطا ڪيل جمھوريت ملڪ ۾ اچي چڪي آھي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت جناب آصف علي زرداري ۽ سيد يوسف رضا گيلاني جي اڳواڻي ۾ شھيد راڻي محترمھ بينظير ڀٽو جي مفاھمت واري پاليسي تحت ھلي رھي آھي، پوري ملڪ ۾ ڪوبھ سياسي قيدي نھ آھي، ميڊيا مڪمل طور تي آزاد آھي لکڻ ۽ ڳالھائڻ تي ڪابھ پابندي نھ آھي. جيتوڻيڪ ملڪ ۾ امن امان واري صورتحال ھڪ وڏو مسئلو آھي پر حڪومت پُر عزم آھي تھ انھيءَ ناسور کي ختم ڪري ڇڏيندي ۽ ملڪي معيشت کي بھتري ڏانھن روان دوان ڪري بيروزگاري، غربت ۽ مھانگائي جي چڪي ۾ پيسجندڙ عوام کي رليف ڏيندي تھ جيئن اسان سڀ شھيد راڻي جي روح سامھون سرخرو ٿي سگھون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button