ڪالم
-
اگست- 2011 -17 اگست
پاڪستان ريلوي
پاڪستان ريلوي جي تباھي جي شروعات ان ڏينھن ٿي ھئي جڏھن اڳوڻي حڪومت جي ھڪ ريلوي وزير نومبر 2001ع ۾ 96 ڊيزل اليڪٽرڪ انجڻن جي خريداري ۽ تياري جو معاھدو ڪيو. چين جي ھڪ ڪمپني سان ٿيل ان معاھدي تحت 51 ريلوي انجڻيون مڪمل تيار ٿيل حالت ۾ پاڪستان کي مليون جڏھن تھ 45 ريلوي انجڻيون لوڪو موٽيو فيڪٽري رسالپور ۾ اسمبل ڪيون ويون اھي ريلوي انجڻيون پاڪستاني حالتن سان مطابقت نھ پيون رکن ريلوي ٽريڪ ۽ پليٽ فارم جي مطابقت سان بھ اھي انجڻيون مخصوص نوعيت جون ھيون. ان جي ڪري نھ صرف پوري ملڪ جا ريلوي پليٽ فارم ٽوڙڻا پيا ھئا پر ريلوي پٽڙيون بھ انھن انجڻن جي مطابقت سان بڻيل نھ ھيون
وڌيڪ پڙھو -
15 اگست
برسات، بدين ضلعي ۾ ٿيل بربادي ۽ لاتعلق بڻيل سرڪار
هاڻي ته اهي سمورا فصل پاڻي هيٺ اچي ٻڏي ويا آهن، جن جي پوکڻ مهل لاڙ جي هارين اهو ضرور سوچيو هوندو ته هيلوڪي فصل مان زميندار جو قرض به لاهبو، نياڻي به اٿاربي ۽ اڪيلي پٽ جو وڏو وهانءُ به ڪبو، مگر اکڙين جي پنبڻين ۾ کڻي گهمندڙ اهڙا خواب سندن گذريل ٽن ڏينهن جي برسات ٽوڙي ڇڏيا. لاڙ جي پٽي، گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اهڙين قدرتي آفتن کي منهن ڏيندي آئي آهي، سو هنن پڊن تي هيلوڪا مينهن ڪا نئين ڳالهه ناهن. 1964ع جو طوفان، 1974ع جي ٻوڏ، 1979ع جي ٻوڏ، 1994ع جي ٻوڏ، 1999ع جو طوفان، 2003ع جي ٻوڏ جي ڪري هي علائقا هر چوٿين پنجين سال ڪنهن نه ڪنهن مصيبت کي منهن ڏيندا آيا آهن، مگر هيلوڪي برسات هن علائقي واسين جي اندازي کان به وڌيڪ ٿي آهي، جتي سنڌ حڪومت دريائي بند ٻڌڻ ۾ مصروف عمل هئي ۽ اسان سڀني جون نظرون به دريا بادشاهه جي دهشت تي هيون، مگر هي سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿيو. سومر، اڱاري جي وچ واري رات کان شروع ٿيل برسات جمع جي ڏينهن تائين وسندي رهي، جنهن ۾ ڪوبه وقفو نه هو
وڌيڪ پڙھو -
15 اگست
غدارن جي لسٽ ڊگهي ٿيندي پئي وڃي
محترما ساره زمان عوامي عوامي آواز سنڊي ميگزين 31 جولاءِ 2011ع ۾ سنڌ جي غدارن جي ڊگهي لسٽ جي عنوان سان جيڪي ڪجهه لکيو آهي آئون نه رڳو ان سان سهمت آهيان پر سندس موقف کي اڳتي وڌائيندي ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون عرض رکڻ چاهيندس . هڪ ته پاڪستان جي شوق ۾ سنڌ اسيمبلي مان جن ماڻهن ٺهراءَ پاس ڪرايو انهن کي اسان ڪهڙي خاني ۾ فٽ ڪنداسين .
وڌيڪ پڙھو -
8 اگست
هي ڪهڙو تماشو آهي؟! واحد پارس هيسباڻي
سمورن دهلن، دمامن، ناچ گانن ۽ هوجمالن مٿان دانگي ڦري چڪي، پ پ اهو ئي ڪيو جنهن جو خدشو هو. مفاهمتي راڳ جي روايتي پلٽن ذريعي هن ڪجهه هفتا اڳ پنهنجي ئي ڪيل فيصلي مٿان منڌيئڙو ڦيري ڇڏيو. ڪمشنري نظام، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اڳوڻي حيثيت ۾ بحالي واري آرڊيننس کانپوءِ پنهنجن/ پراين ۾ جيڪي به خوشفهميون پيدا ٿيون هيون، پ پ رات جي اونداهيءَ ۾ انهن مٿان ڪمال ڪاريگريءَ سان پاڻي ڦيري ڇڏيو. ڪير ٿو چوي ته رات جي اونداهيءَ ۾ رڳو ڊڪٽيٽر ئي عوامي مينڊيٽ جي ڪک ۾ خنجر هڻندا آهن؟ پاڻ وارا جمهوريت پسنديءَ جا دعويدار ان معاملي ۾ ڪهڙا گهٽ آهن؟ انهن ڪهڙي ڪسر ڇڏي آهي! جيڪڏهن جمهوريت پسندي ان کي چوندا آهن، عوام دوستي ان کي چوندا آهن ته اهڙي جمهوريت پسندي ۽ اهڙي عوام دوستي اسان کي نه ٿي گهرجي. عوام پ پ کي مينڊيٽ ڏئي ان لاءِ ايوانن ۾ نه موڪليو هو ته اها ڏينهن رات سندن مينڊيٽ جو ائين تماشو ڪندي. شهيد بينظير ڀٽو راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ پنهنجي جان ان لاءِ نه گهوري هئي ته کانئس پوءِ سندس پارٽي اقتداري مزن ۾ سمورا آدرش ۽ اصول وساري ڇڏي. حرام ۽ حلال جو فرق ختم ڪري ’جيڪو آيو سو اگهيو‘ جا…
وڌيڪ پڙھو -
2 اگست
ڪراچيءَ ۾ رت جي راند آخر ڪيستائين جاري رهندي ؟
ڪراچي ۾ صرف گذريل جولاءِ جي هڪ ميهني دوران ٽي سو کان وڌيڪ ماڻهو دهشتگردي جو نشانو بڻيا.وزير اعظم ۽ گهرو وزير جي ڪراچي ۾ موجودگي ۾ ڪالهه جڏهن حڪومتي ڇٽيءَ هيٺ امن ريلي نڪري رهي هئي ته ان ساڳئي ڏينهن تي پندرنهن ماڻهن کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو.اڄوڪي اخبارن ۾ ڇپيل قوم پرست اڳواڻ سيد جلال محمود شاهه جي ان بيان ۾ وڏو وزن آهي ته امن اڇن جهنڊن کي لهرائڻ يا نمائشي بيانن سان نه پر اخلاص۽ عملي قدم کڻڻ سان ئي ايندو آهي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت ۾ اتحادي جماعتن جي گڏيل ريلي ڏيکاءَ ۽ عوام جي زخمن مٿان لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. اهڙي طرح جي خبر 18 کان وڌيڪ ديني جماعتن طرفان جڙندڙ علماءَ امن ڪونسل هڪ پريس ڪانفرنس ذريعي پڻ سوال اٿاريو آهي ته حڪومت آخر ڪنهن کان امن گهري ٿي؟
وڌيڪ پڙھو -
جولائی- 2011 -30 جولائی
قوم سان مڪالمو
وزيراعظم جو قوم سان مڪالمو پنھنجي نوعيت جو پھريون قدم آھي، پاڪستان ۾ اھڙو سلسلو پھرين ڪڏھن نھ ٿيو آھي، اھو مڪالمو ڪنھن سياسي رھنماءَ طرفان اھم سماجي معاملن تي ڳالھين جو پھريون منفرد قدم آھي، وزيراعظم مختلف شعبن جي اھم شخصيتن سان مشاورت جي سلسلي جي ابتدا معاشري جي سڀ کان معتبر طبقي اديبن، شاعرن ۽ ڏاھن سان ڪئي آھي. ان مڪالمي تحت فنڪارن، تعليمي ماھرن، سماجي ڪارڪنن ۽ صحافين سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ معروف شخصيتن سان وزيراعظم جون ڪُل چار گڏجاڻيون ٿينديون. وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ ڪوٺايل ان تقريب ۾ وزيراعظم جيڪو مڪالمو ڪيو ان ۾ اديبن، ڏاھن کليل دل سان پنھنجي دل جون ڳالھيون بيان ڪيون.
وڌيڪ پڙھو -
21 جولائی
امن جي بحالي
ڪراچي ۾ دھشتگردن ۽ شرپسندن جي خلاف ڪارروائي جي شروعات ٿي چڪي آھي، رينجرز ۽ پوليس جا دستا ڪٽي پھاڙي، قصبھ ڪالوني، اورنگي ۽ ٻين متاثر ٿيل علائقن ۾ امن امان جي صورتحال بحال ڪري چڪا آھن، شرپسندن جا اھي سمورا مورچا ختم ڪيا ويا آھن، جتان ٿيندڙ لڳاتار فائرنگ سان انھن علائقن جا ھزارين معصوم ۽ بيگناھھ ٻار، عورتون، پوڙھا ۽ جوان محصور ٿي چڪا ھئا. پنجن ڏينھن دوران ڪراچي ۾ شرپسندن بنا ڪنھن فرق عام شھرين کي نشانو بڻايو، ٽارگيٽ ڪلنگ، بسن تي فائرنگ ۽ مورچن مان ھڪٻئي جي ٺڪاڻن تي حملن جي ڪري ھڪ سئو کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون. مارجي ويلن ۾ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ اھي ماڻھو ھئا جن جو شرپسندي، دھشتگردي، نفرت ۽ تشدد جي ڪاروبار سان ڪوبھ تعلق نھ آھي. پاڪستان جي دل چورائيندڙ شھر ڪراچي ملڪ دشمن قوتن جي اکين ۾ ڪنڊي وانگر چُڀجي رھيو آھي، ھن ساحلي شھر جي آبادي 2 ڪروڙ مان ٽپي چڪي آھي، ھتي پاڪستان جي سمورين ثقافتن جا رنگ نظر اچن ٿا
وڌيڪ پڙھو -
16 جولائی
بدعنواني
سياسي ليڊرشپ کي ھڪٻئي تي الزام لڳائڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو. حڪومت تي بدعنواني، رشوت وٺڻ ۽ نوازڻ جا الزام لڳائڻ پاڪستان جھڙي ملڪن ۾ گويا ھڪ فيشن ھوندو آھي، جنھن ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ زندگي فوجي آمريتن جي دور مان گذري ھجي اُتي سياستدانن تي بدعنواني جا الزام لڳائڻ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ چئي سگھجي ٿي، يقيني طور تي سياستدان رشوت وٺڻ ۽ بدعنواني مان آجا نھ آھن پر محض ڪجھھ ماڻھن جي بدعنواني جي بنياد تي سياسي ليڊرشپ تي الزام لڳائڻ جمھوريت کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر ئي سمجھو ويندو. پاڪستاني سياستدانن کي ھيستائين ھڪ ڳالھھ سمجھھ ۾ ناھي آئي تھ جيڪڏھن اھي ھڪ حڪومت کي گرينڊ الائينس بڻائي ڪمزور ڪندا تھ سڀاڻي کين بھ انھيءَ صورتحال جو منھن ڪرڻو پوندو. اِھو ئي اُھو نازڪ نڪتو آھي جنھن مان پاڪستان جون جمھوريت دشمن قوتون فائدو وٺن ٿيون. ڪرپشن ۽ بدعنواني مان دنيا جو ڪوبھ ملڪ آجو ناھي، آمريڪا ۽ برطانيا جھڙن قانون تي عملدرآمد ڪندڙ معتبر ملڪن ۾ بھ رشوت ۽ بدعنواني جا معاملا سامھون ايندا رھن ٿا ۽ اھڙي طرح رياست جو ڪوبھ ادارو بدعنواني ۽ رشوت وٺڻ مان مڪمل طور تي پاڪ ناھي ھوندو ۽ 100 سيڪڙو شفافيت ڪٿي بھ ممڪن ناھي ھوندي. صدر مملڪت…
وڌيڪ پڙھو -
13 جولائی
گرينڊ الائينس
پاڪستان ۾ حڪومت جي خلاف گرينڊ الائينس جو قيام ڪا حيرت واري ڳالھھ نھ آھي پر ھڪ سياسي روايت بڻجي چڪي آھي. عام طور تي گرينڊ الائينس طاقتور ڳجھن ھٿن جي زور تي بڻجندي ھئي، جنھن ۾ وقت جي حڪومت خلاف سمورين سياسي قوتن کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ويندو ھو، حڪومت جي خاتمي کان پوءِ يا تھ عام چونڊون ٿينديون ھيون يا پوءِ گرينڊ الائينس جي پويان ڪار فرما قوتون پاڻ اقتدار سنڀالي وٺنديون ھيون. ائين ھڪ ڀيرو ناھي ٿيو ڪئين ڀيرا ٿيو آھي. پاڪستان جي سياسي قوتن کي سڀ ڪجھھ سمجھھ ۾ اچي ٿو پر اھا ڳالھھ سمجھھ ۾ نھ ٿي اچي تھ ھو غير جمھوري طريقا اختيار ڪري ان شاخ کي ڇو ڪٽيندا آھن جنھن تي خود انھن جو آکيرو ھوندو آھي، ميثاق جمھوريت ھڪ اھڙو دستاويز آھي جنھن تي اڄ بھ عمل ڪيو وڃي تھ ملڪ جا گھڻا مسئلا حل ڪري سگھجن ٿا.
وڌيڪ پڙھو -
13 جولائی
فيصلا
ڪراچي ۾ ڪمشنري نظام جي بحالي موثر انتظاميا جي لاءِ ضروري آھي. اڳوڻي صدر پرويز مشرف ڪراچي سميت پوري ملڪ ۾ جيڪو بلدياتي نظام متعارف ڪرايو ھو، ان جا مثبت نتيجا ڪٿي بھ ڏسڻ ۾ نھ آيا آھن، پرپوءِ شھري حڪومتن ۾ ناظمن جي ڪرپشن ۽ بدعنواني جي کليل داستانن جي قيمت ملڪ ۽ قوم کي اربين رپين جي صورت ۾ چڪائڻي پئي ھئي. ضلعي حڪومتون حقيقت ۾ فوجي آمرن جي ھڪ پناھگاھھ ھوندي آھي، ھر فوجي آمر بلدياتي نظام کي پنھنجي مقصدن جي لاءِ موم جو نڪ بڻائي وٺي ٿو. صدر ايوب بنيادي جمھوريتن جو نظام سياستدانن کي عملي سياست کان ٻاھر ڪڍڻ ۽ پنھنجون جڙون ھيٺين سطح تائين کڻي وڃڻ جي لاءِ متعارف ڪرايو ھُيو. جنرل ضياءَ الحق جي طرفان جيڪو بلدياتي نظام متعارف ڪرايو ويو ھو ان جو بنيادي مقصد بھ غير قانوني ۽ غير آئيني حڪومت کي سھارو ڏيڻ ھُيو. اڳوڻي صدر پرويز مشرف بھ ان ئي روايت تي عمل ڪندي ضلعي حڪومتن جو جيڪو نظام متعارف ڪرايو
وڌيڪ پڙھو