آرٽيڪل

بدعنواني

ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
corruption in pakistanسياسي ليڊرشپ کي ھڪٻئي تي الزام لڳائڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو. حڪومت تي بدعنواني، رشوت وٺڻ ۽ نوازڻ جا الزام لڳائڻ پاڪستان جھڙي ملڪن ۾ گويا ھڪ فيشن ھوندو آھي، جنھن ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ زندگي فوجي آمريتن جي دور مان گذري ھجي اُتي سياستدانن تي بدعنواني جا الزام لڳائڻ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ چئي سگھجي ٿي، يقيني طور تي سياستدان رشوت وٺڻ ۽ بدعنواني مان آجا نھ آھن پر محض ڪجھھ ماڻھن جي بدعنواني جي بنياد تي سياسي ليڊرشپ تي الزام لڳائڻ جمھوريت کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر ئي سمجھو ويندو. پاڪستاني سياستدانن کي ھيستائين ھڪ ڳالھھ سمجھھ ۾ ناھي آئي تھ جيڪڏھن اھي ھڪ حڪومت کي گرينڊ الائينس بڻائي ڪمزور ڪندا تھ سڀاڻي کين بھ انھيءَ صورتحال جو منھن ڪرڻو پوندو. اِھو ئي اُھو نازڪ نڪتو آھي جنھن مان پاڪستان جون جمھوريت دشمن قوتون فائدو وٺن ٿيون. ڪرپشن ۽ بدعنواني مان دنيا جو ڪوبھ ملڪ آجو ناھي، آمريڪا ۽ برطانيا جھڙن قانون تي عملدرآمد ڪندڙ معتبر ملڪن ۾ بھ رشوت ۽ بدعنواني جا معاملا سامھون ايندا رھن ٿا ۽ اھڙي طرح رياست جو ڪوبھ ادارو بدعنواني ۽ رشوت وٺڻ مان مڪمل طور تي پاڪ ناھي ھوندو ۽ 100 سيڪڙو شفافيت ڪٿي بھ ممڪن ناھي ھوندي. صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني، نون ليگ جي سربراھھ ميان نواز شريف سوڌو پاڪستان جا ڪافي سياستدان بنا ڏوھھ جي سزا ڀُڳتي چڪا آھن. شھيد محترمھ بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف جي وچ ۾ ٿيل ميثاق جمھوريت جو معاھدو حقيقت ۾ پاڪستان ۾ جمھوريت جي استحڪام جو معاھدو ھو، ان معاھدي جي اڃا لکائي بھ خشڪ نھ ٿي ھئي تھ ميان نواز شريف لنڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي کي باءِ پاس ڪندي لنڊن ڪانفرنس ڪوٺائي ورتي ھئي، پاڪستان ۾ سياستدانن جي سرخيل سمجھندڙ نوابزادي نصر الل. خان مرحوم جو اھو جملو سندس پوري زندگي جي سياست جو نچوڙ ھو تھ ))مون جڏھن بھ سياستدانن سان معاملا ڪيا مون کي ڪاميابي حاصل ٿي مون پھريون ڀيرو ھڪ واپاري سان معاملو طئي ڪيو ۽ مون کي شرمندگي جو منھن ڪرڻو پيو(( نوابزادي اھو تاريخي جملو ھڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ ان وقت چيو ھو جڏھن ميان نواز شريف جو پنھنجي گھروارن سان گڏجي سعودي عرب روانگي متعلق کانئس پڇو ويو ھو. مخدوم جاويد ھاشمي بھ اڄ ان ظلم جي جيئري جاڳندي تصوير آھي، جنھن ۾ کيس محض سياستدان ھجڻ جي سزا ڏني وئي ھئي، مخدوم جاويد ھاشمي کي ان لحاظ کان بھ ھڪ اھڙو سياستدان چورائي سگھجي ٿو جنھن قربانيون ڏنيون پر منزل انھن کي ملي وئي جيڪي شريڪِ سفر نھ ھئا، جنھن پارٽي ۾ انصاف نھ ھجي ۽ اندروني خوف جي ڪري معتبر ماڻھن جو رستو روڪيو وڃي اُتي انصاف جي اميد نھ ٿي ڪري سگھجي.
سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عملدرآمد جا واويلا ڪندڙ سياستدان شايد اھو وساري چڪا ھجن تھ ڪڏھن سپريم ڪورٽ تي حملو بھ ڪيو ويو ھو ۽ پنھنجي پسند جا فيصلا بھ حاصل ڪيا ويا ھئا پر عوام جي يادگيري ھميشھ جاڳندي رھي ٿي، پاڪستان پيپلزپارٽي نامنصفاڻا فيصلن جي باوجود ھميشھ انصاف جي لاءِ اعليٰ عدالتن سان ئي رابطو ڪيو ۽ اعليٰ عدالتن کان ئي انصاف گھريو ويو آھي. پاڪستان جي سياستدانن کي اڃا ميچور ٿيڻ ۾ نھ ڄاڻي ڪيترو وقت لڳندو. جڏھن آمراڻا حڪومت اچي ٿي تھ ان کي پنجن سالن تائين تھ گرم ھوا ڇُھي بھ نھ ٿي عام طور تي ستن اٺن سالن کان پوءِ آمراڻا حڪومت جي خلاف جدوجھد جي شروعات ٿئي ٿي پر چونڊيل سياسي حڪومتن جي خلاف ))جدوجھد(( جي شروعات پھرين ئي سال ڪئي وڃي ٿي، ٻئي يا ٽئين سال ۾ ان جدوجھد کي پنھنجي انجام تائين پھچايو وڃي ٿو. .991ع جي ڏھاڪي ۾ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف جون چار حڪومتون ان جون جيئريون جاڳنديون مثال آھن، پاڪستان پيپلزپارٽي جي موجودھھ چونڊيل حڪومت اھا پھرين حڪومت آھي جيڪا .9 جي ڏھاڪي کان پوءِ ڪاميابي سان پنھنجون چار بجيٽون پيش ڪري چڪي آھي ۽ ساڍن ٽن سالن جو مدو بھ مڪمل ٿي چڪو آھي اِھو بھ ان جي ڪري ٿيو جو پاڪستان پيپلزپارٽي قومي اتفاق راءِ جي ان رسي کي مضبوطيءَ سان پڪڙي رکيو آھي جيڪا شھيد محترمھ بينظير ڀٽو پنھنجي پارٽي جي ھٿ ۾ ڏني ھئي. مخالفاڻا بيانن، بي پناھھ پروپئگنڊا، ڪوڙي ۽ بي بنياد الزامن جي باوجود ميان نواز شريف سان پنجاب ۾ علحدگي اختيار نھ ڪئي وئي ھئي ۽ نون ليگ جي وفاقي ڪابينا کان علحدگي کان پوءِ ھميشھ کيس واپس گھرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ان جي لاءِ پارٽي ليڊرشپ کي بھ زبان بندي جو حڪم ھو تھ نون ليگ جي قيادت جي خلاف بيان بازي نھ ڪجو، جمعيت علماءِ اسلام، عوامي نيشنل پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي ملائي حڪومت جوڙي وئي ھئي. گرينڊ الائينس جا خواب ڏسندڙ سياستدانن کي اھي ڳالھيون يقينن ياد رکڻيون پونديون…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button