آرٽيڪل

قوم سان مڪالمو

ليکڪ: موسيٰ رضا
Gilaniوزيراعظم جو قوم سان مڪالمو پنھنجي نوعيت جو پھريون قدم آھي، پاڪستان ۾ اھڙو سلسلو پھرين ڪڏھن نھ ٿيو آھي، اھو مڪالمو ڪنھن سياسي رھنماءَ طرفان اھم سماجي معاملن تي ڳالھين جو پھريون منفرد قدم آھي، وزيراعظم مختلف شعبن جي اھم شخصيتن سان مشاورت جي سلسلي جي ابتدا معاشري جي سڀ کان معتبر طبقي اديبن، شاعرن ۽ ڏاھن سان ڪئي آھي. ان مڪالمي تحت فنڪارن، تعليمي ماھرن، سماجي ڪارڪنن ۽ صحافين سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ معروف شخصيتن سان وزيراعظم جون ڪُل چار گڏجاڻيون ٿينديون. وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ ڪوٺايل ان تقريب ۾ وزيراعظم جيڪو مڪالمو ڪيو ان ۾ اديبن، ڏاھن کليل دل سان پنھنجي دل جون ڳالھيون بيان ڪيون. وزيراعظم کي بلوچستان سان تعلق رکندڙ ھڪ اديب چيو تھ اڳوڻي صدر ضياءَ الحق ڪنھن ڳالھھ تي کيس اجلاس مان ٻاھر وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ھو پر ھو ھڪ چونڊيل وزيراعظم جو شڪرگذار آھي جنھن سندس ڳالھين کي برداشتڪيو تحمل سان ٻڌو ۽ تحفظات ختم ڪرڻ جي خاطري بھ ڪرائي. وزيراعظم ان سخت مڪالمي تي نرم لھجي ۾ چيو تھ ھو ھڪ سياستدان آھي، محرومين مان جنم وٺندڙ سخت لھجي کي سمجھون ٿا، حڪومت ملڪ جي مختلف حصن ۾ ڏٺي ويندڙ احساس محرومي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ لڳاتار ڪوششون ڪري رھي آھي. سيد يوسف رضا گيلاني اھو بھ چيو تھ اسان ھڪ مضبوط ۽ مستحڪم رياست جي طور تي ملڪي ۽ عالمي امن جي لاءِ پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪنداسين، داخلي چيلينجن سان منھن ڏيڻ وڌيڪ مشڪل آھي ۽ ان جي لاءِ پوري قوم کي مضبوط ڪوششون ڪرڻيون پونديون. مڪالمي ۾ پيش ڪيل تجويزون 41 آگسٽ جي خطاب ۾ شامل ڪيون وينديون. اھي تجويزون دھشتگردي، انتھاپسندي ۽ شدت پسندي جي خاتمي جي لاءِ مجموعي پاليسي جو حصو بڻبيون. مڪالمي جا شريڪ ٿيل حڪومت جي قومي اتفاق راءِ جي پاليسي کي اڳتي وڌائن ۽ ملڪ وقوم جي خاطر پنھنجو ڪردار ادا ڪن، نامور شاعر امجد اسلام امجد چين جي عظيم رھنماءَ مازوي تنگ جو حوالو ڏنو، جنھن ھڪ سياسي رھنماءَ کي اھو مشورو ڏنو ھو تھ ھو عوام وٽ وڃي کين سيکارڻ جي ڪوشش نھ ڪري پر انھن کان سمجھي ۽ سکي. اديبن ڏاھن ملڪ جي چئني صوبن جي لاءِ ھڪجھڙي تعليمي نصاب جي جوڙجڪ، ادبي مرڪزن جي قيام ۽ آن لائن لائبريرين جي قيام جون تجويزون بھ پيش ڪيون، مڪالمي ۾ ان ڳالھھ تي اتفاق راءِ سامھون آئي تھ ھڪجھڙي تعليمي نصاب جي تصور تي ڳالھائڻ جي لاءِ گڏيل مفادات ڪائونسل ھڪ بھترين پليٽ فارم آھي جنھن ۾ ان خيال تي ڳالھايو ويندو. وزيراعظم پنھنجي خطاب ۾ فيض احمد فيض، حبيب جالب ۽ احمد فراز سميت آمريت جي خلاف قلم ذريعي ڪردار ادا ڪندڙ شاعرن جو خاص طور تي ذڪر ڪندي چيو تھ پاڪستان جي قيام جو تصور بھ ھڪ شاعر جي خواب سان جڙيل آھي، علامھ اقبال ۽ سندس شاعري جي متعلق قائداعظم جا خيال بھ ھڪ ادبي ورثو ئي آھن. ڪنھن قوم جا تھذيبي قدر شاعري ۽ ادب ۾ زندھھ رھن ٿا. شاعر وطن جي مٽي ۾ پنھنجي دل پوکي وٺي ٿو ۽ سندس شاعري عوام جي امنگن مان توانائي حاصل ڪري ٿي، پيپلزپارٽي ادب ۽ ثقافت کي ھميشھ مقدم رکيو آھي. شھيد راڻي محترمھ بينظير ڀٽو جا ڪتاب پاڪستان جي تاريخ ۾ ھميشھ زندھھ رھندا. مڪالمو ايترو دلچسپ ھو جو مقرر ٿيل وقت کان پوءِ بھ جاري رھيو. وزيراعظم وڏي تحمل سان معاشري جي معتبر طبقي جا خيال ۽ تجويزون ٻڌندو رھيو، اھو سلسلو ان لحاظ کان بھ تمام سٺو آھي تھ ان سان معاشري جي باشعور ۽ نبض کي سمجھندڙ ماڻھن سان وزيراعظم کي براھ راست پنھنجن خيالن کان آگاھھ ٿيڻ جو موقعو ملندو ۽ انھن جي زرين ۽ قيمتي خيالن ۽ تجويزن کي قومي مسئلن جي حل جي حڪمت عملي ۾ شامل ڪرڻ جو موقعو ملندو.
وزيراعظم قوم سان مڪالمي ۾ چيو تھ معاشري ۾ برداشت، رواداري، محبت ۽ ڀائيچاري جي ماحول کي وڌائڻ جي لاءِ اديبن، ڏاھن ۽ شاعرن جو اھم ڪردار آھي، اندرين ۽ ٻاھرين چيلينجن سان منھن ڏيڻ جي لاءِ مڪالمي ۾ ڏنل تجويزن تي ٻڌل قومي حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي. پاڪستان سمورن ملڪن سان گڏيل احترام ۽ مفادن تي ٻڌل سٺن لاڳاپن جو خواھشمند آھي، خطي ۾ ڪنھن جي بالادستي کي قبول نھ ڪندو. ڀارتي وزيراعظم ڊاڪٽر منموھن سنگھھ ۽ افغان صدر حامد ڪرزئي سان پنھنجي ملاقاتن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم گيلاني چيو تھ اھي ٻطرفا لاڳاپن کي بھتر بڻائڻ ۾ مدد ڏينديون. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو 3791ع جو آئين ڏنو جڏھن تھ موجودھ حڪومت ان آئين کي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو ۽ اھا حڪومت جي لاءِ ھڪ اعزاز جي ڳالھھ آھي، جيڪڏھن صوبائي خودمختياري پھرين ڏني وڃي ھا تھ پاڪستان نھ ورھائجي ھا، پاڪستان پيپلزپارٽي آئين ۽ ملڪ جو ھر قيمت تي تحفظ ڪندي چاھي اھا حڪومت ۾ ھجي يا حڪومت کان ٻاھر ھجي. وزيراعظم اختيار پارليامينٽ کي منتقل ڪرڻ تي صدر آصف علي زرداري جي ڪردار کي ساراھيو. ھن چيو تھ موجودھھ حڪومت رياستي ادارن جو ھميشھ احترام ڪيو، عدليا کي بحال ڪيو، عدليا جي فيصلن کي تسليم ڪندي ان تي عملدرآمد ڪيو، مستقبل ۾ بھ اھا ئي پاليسي جاري رھندي، ادارن جي وچ ۾ ڪنھن بھ ٽڪراءَ جي تاثر کي رد ڪندي وزيراعظم چيو تھ اسان ارتقائي مرحلي مان گذري رھيا آھيون، عالمي تنگي جي ڪري روز مرھھ جي شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آھي، پاڪستان کي معاشي مشڪلات کان علاوھ بھ گھڻن چيليجن جو منھن آھي، دھشتگردي ۽ انتھاپسندي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان تمام وڏي قيمت ادا ڪئي آھي ۽ اھا قيمت ھاڻي بھ ادا ڪئي پئي وڃي. .9 ڏينھن جي مختصر عرصي ۾ اندروني طور تي لڏ پلاڻ ڪندڙ 92 لک بي گھر ماڻھن کي بحال ڪيو ويو آھي، گذريل گرمي جي موسم ۾ ٻوڏ سان .1 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو، حڪومت ان چيلينج جو بھ مقابلو ڪيو. وزيراعظم ڏاھن کي خاطري ڪرائي تھ صوبائي حڪومتن جي مدد سان ذخيرو ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، غذائي شين جي ھٿراڌو کوٽ پيدا ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو. ھن ملڪ ۾ ادبي مرڪزن جي قيام، علائقائي زبانن ۽ ادب جي واڌاري آرٽ، ڊرامن ۽ فلمن جي حوصلا افزائي جي تجويزن کي ساراھيو ۽ چيو تھ ان سان معاشري ۾ برداشت ۽ تحمل جو ماحول پيدا ٿيندو. ھن چيو تھ ڪراچي جي مسئلي کي سياسي رنگ نھ ڏيڻ گھرجي ۽ امن بحال ٿيڻ گھرجي…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button