ڪالم

  • اکتوبر- 2011 -
    20 اکتوبر

    سياسي بالغ نظري

    ملڪي مسئلن جي حل ۽ جمھوريت جي استحڪام جي لاءِ پاڪستاني سياستدانن جيڪو ڪردار ادا ڪيو آھي اھو يقينن ھميشھ ياد رکيو ويندو. دھشتگردي جي خلاف جنگ، معاشي بحران، اندروني ۽ بيروني خطرن جي باوجود پاڪستان ۾ جمھوريت مستحڪم آھي ۽ چونڊيل جمھوري حڪومت جو اقتدار وارو عرصو ساڍن ٽن سالن کان وڌي چڪو آھي، صدر مملڪت آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي چار ڀيرا خطاب ڪري چڪو آھي، جڏھن تھ جمھوري حڪومت چار بجيٽ بھ پيش ڪري چڪي آھي

    وڌيڪ پڙھو
  • 9 اکتوبر

    سنڌ ۾ برساتن جا هاڃا ۽ الخدمت جو ڪردار

    ملڪ ۾ جڏهن به انسانيت مٿان ڪا مشڪل گهڙي آئي جماعت اسلامي ۽ ان جي فلاحي اداري رنگ،نسل،پارٽي ۽ مذهب جي مت ڀيدکان مٿاهون ٿي ڪري انسانيت جي خدمت واري جذبي هيٺ مصيبت جي ماريل عوام جي خدمت ڪئي آهي،پوءِ کڻي اهو ڪشمير ۾ زلزلو هجي،ٿر ۾ ڏڪر يا سنڌ ۾ ٻوڏ توڙي برساتون هجن الخدمت جا رضاڪار هميشه اڳ کان اڳرا رهيا آهن.تازو سنڌ خاص طور اترين ضلعن ۾ طوفاني برساتن جي موقعي تي پڻ الخدمت پهرين ڏينهن کان وٺي هيل تائين سرگرم عمل آهي.برسات الله جي طرفان نعمت هوندي آهي پر حڪمرانن جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب انسانن لاءِ اها زحمت بڻجي ويندي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 5 اکتوبر

    برسات سبب جانورن جي بچاءِ لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جون ڪوششون

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام سنڌ جي واحد زرعي تدريسي مادرعلمي آهي، جيڪا سنڌ ۾ زرعي تدريس، تحقيق سان گڏ، آبادگارن جي تربيت، بک بدحالي ۽ غربت جي خاتمي بابت منصوبا هلائڻ سان گڏ، دنيا جي تدريسي، تحقيقي ادارن جي تعاون سان مختلف شعبن تي لڳاتار ڪم جاري رکيو پئي اچي، ۽ هتان جا ماهر، تعليمدان ۽ محقق هن اداري جي توسط سان زراعت، لائيواسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالوجي، فوڊ ٽيڪنالوجي، اينيمل پراڊڪٽ ٽيڪنالوجيز، زرعي انجنيئرنگ، فصلن جي پيداوار، آبپاشي،سميت لاتعداد شعبن تي پنهنجي ڳوڙهي تحقيق ڪري سنڌ پرڳڻي ۽ ملڪ لاءِ افرداي قوت ۽ ايجادات وارو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام صوبي جي اڪيلي مادرعلمي آهي، جيڪا هڪ ئي وقت آزاد ڄمون ڪشمير سميت پاڪستان جي ڪيترن علائقن جي شاگردن ۽ ٻاهرين ملڪن جي شاگردن کي تدريسي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته سندس استاد به دنيا جي ڪيترين يونيورسٽين مان تعليم حاصل ڪري رهيا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • ستمبر- 2011 -
    17 ستمبر

    قلندر جي نگري

    صدين جي تاريخ رکندڙ سنڌ جو قديم شهرسيوهڻ شريف،جتي لعل قلندر شهبازکانسواءِ ڪيترن ئي اولياء الله جون آخريآرامگاهون آهن،هتي هر روز هر قسم،هر رنگ و نسل جا ماڻھون سڄي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ اچي لعل شهباز قلندر تي حاضري ڀري عقيدت جا گل نڇاور ڪن ٿا جيڪڏهن سيوهڻ شهر کي تاريخ جي آئيني ۾ ڏسجي ته؛ سيوهڻ جو گذشته ماضي ڏسبو ته پڌري پٽ ظاهر ٿيندو ته سنڌو تهذيب جي پراچين کنڊراتي طبقي بعد، سيوهڻ جو درجو اچي ٿو. يعني سنڌ جي موجوده آباد شهرن ۾ سڀ کان قديم سيوهڻ آهي. هن شهر جو ذڪر فارسي قديم تاريخن خواھ تذڪرن جي ڪتابن ۾ آيل آهي. تاريخ سنڌ جي قديم سرچشمي، ”چچنامي“ ۾ ڄاڻايل آهي ته راءِ سهيرس بن ساهسي راءِ جي ڏينهن ۾ سنڌ ملڪ تي چارحڪمران مقرر ٿيل هئا. انهن مان هڪ سيوستان جي ”قصبه“ تي به حاڪم هو، جنهن جي هٿ ۾ ٻڌبه، جنگان، روجھاڻ، ڪوه پايه،ويندي مڪران جي حد تائين ملڪ هو

    وڌيڪ پڙھو
  • 5 ستمبر

    تو ڪيئن ٻوڙي سنڌڙي: ستار پيرزادو

    برسات جو پوڻ، بُٺ ڌرتتي ڌرتيءَ جي آس جي پڄاڻي يا ڌرتيءَ جي سپني جي ساڀيا سڏبي آهي. ڌرتيءَ کي ريج ايندو، سندس تتل سينو سيراب ٿيڻ کان پوءِ سک جو ساهه کڻندو آهي، ته فضا ۾ گرميءَ جو پد هيٺ ڪري پوندو آهي ۽ سنڌ جي ڌرتي سائي چهچ شال اوڍيندي آهي جنهن تي ڪي پيلا گل، ڪي گلابي گل، ڪي سفيد، ڪي واڱڻائي ۽ نه ڄاڻ ڪهڙا ڪهڙا کنهنبا کلي پوندا اٿس جو ڌرتيءَ تي انساني نظر پوندي ئي جسم ٺنڊا ٺار ٿي ويندا آهن پر هن موسم جي چؤماسي جي آخر ۾ يعني آگسٽ يا بڊي جي آخري ڏهي کان پوءِ جيڪو برساتن جو سلسلو شروع ٿيو آهي، تنهن کان ته يا خدا پناهه! هن سال جي چؤماسي جي برساتن جو مارو سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ تي ٿيو آهي، جيڪا ڪراچيءَ کان وٺي بدين جي ڇيڙي يعني زيرو پوائنٽ تائين ڦهليل آهي. اها سنڌ جي سموري پٽي قدرتي طور تي جر کارو ۽ سم ۽ ڪلر جھجھو هئڻ ڪري سدائين آلي رهندي آهي. هلڪي قسم جي ماڪ پوڻ سان به گپلو ٿي ويندو آهي ۽ سج جو تکو تاءُ به ان ڌرتيءَ تان اهو پاڻي سڪائي نه سگھندو آهي. ويتر وسي مينهن! پوءِ ته رات ۽ ڏينهن…

    وڌيڪ پڙھو
  • اگست- 2011 -
    27 اگست

    قومي اعزاز

    رياست جي طرفان نمايان خدمتن تي قومي اعزاز ڏيڻ غير معمولي ڳالھھ آھي ۽ نھ ئي اھو پھريون ڀيرو ٿيو آھي، دنيا جو ھر ملڪ مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتن جو مظاھرو ڪرڻ تي پنھنجي شھرين جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ۽ کين مختلف طرح سان عزت ۽ احترام ڏئي ٿو ۽ ان جي ذريعي رياست جي وقار ۽ استحڪام جي لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. آمريڪا، برطانيا، جرمني، چين، روس ۽ جاپان سميت سمورا ترقي يافتا ۽ سمورا ترقي پذير ملڪ پنھنجي انھن شھرين کي قومي اعزاز ڏين ٿا، جن ڪنھن بھ شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون ھجن ۽ ملڪ وقوم جو وقار بلند ڪيو ھجي. پاڪستان کي بھ ان مان ڪا استثنيٰ ناھي. 14 آگسٽ جي موقعي تي حڪومت جي طرفان مختلف نمايان شخصيتن کي معمول موجب اعزاز ڏنا ويا آھن. گذريل سال بھ اعزاز ڏنا ويا ھئا. ان روايت تي عمل ڪيو ويو ھو ۽ ان کان پھريان بھ ائين ئي ٿيندو ھو.

    وڌيڪ پڙھو
  • 24 اگست

    برسات، بدين ضلعي ۾ ٿيل بربادي ۽ لاتعلق بڻيل سرڪار

    هاڻي ته اهي سمورا فصل پاڻي هيٺ اچي ٻڏي ويا آهن، جن جي پوکڻ مهل لاڙ جي هارين اهو ضرور سوچيو هوندو ته هيلوڪي فصل مان زميندار جو قرض به لاهبو، نياڻي به اٿاربي ۽ اڪيلي پٽ جو وڏو وهانءُ به ڪبو، مگر اکڙين جي پنبڻين ۾ کڻي گهمندڙ اهڙا خواب سندن گذريل ٽن ڏينهن جي برسات ٽوڙي ڇڏيا. لاڙ جي پٽي، گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اهڙين قدرتي آفتن کي منهن ڏيندي آئي آهي، سو هنن پڊن تي هيلوڪا مينهن ڪا نئين ڳالهه ناهن. 1964ع جو طوفان، 1974ع جي ٻوڏ، 1979ع جي ٻوڏ، 1994ع جي ٻوڏ، 1999ع جو طوفان، 2003ع جي ٻوڏ جي ڪري هي علائقا هر چوٿين پنجين سال ڪنهن نه ڪنهن مصيبت کي منهن ڏيندا آيا آهن، مگر هيلوڪي برسات هن علائقي واسين جي اندازي کان به وڌيڪ ٿي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 21 اگست

    سياسي بصيرت

    جنھن سياسي بصيرت، تحمل ۽ برداشت جو مظاھرو گذريل ساڍن ٽن سالن کان ڪيو پيو وڃي، ائين پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ڪڏھن ناھي ٿيو. ملڪ اڄ جنھن بحران جو شڪار آھي، اھڙو بحران بھ ڪڏھن پيدا ناھي ٿيو، پاڪستان جي سياسي قيادت اڄ جنھن ڪردار جو مظاھرو ڪري رھي آھي، ان جي واکاڻ تھ مستقبل جو سياسي مورخ ڪندو پر سياسي قيادت جي بالغ نظري سبب پاڪستان نھ صرف دھشتگردي ۽ انتھاپسندي جي خلاف جنگ ۾ پنھنجي پوري قد سان بيٺو آھي پر توانائي جي گھرج ۽ پھچ ۾ شديد عدم توازن ۽ ملڪي معيشت جي شديد بحران جي باوجود سياسي قيادت عوام کي متحد ڪري رکيو آھي ۽ رياست تي عوام جو اعتماد متزلزل نھ ٿيڻ ڏنو. پاڪستان کي مسئلن جي جنھن طوفان جو منھن آھي

    وڌيڪ پڙھو
  • 19 اگست

    ڪراچي ۾ امن

    ڪراچي ۾ امن جي قيام لاءِ رڳو حڪومت کي ئي پنھنجو ڪردار ادا ناھي ڪرڻو پر سمورين سياسي قوتن جي اولين ذميواري اِھا ھجڻ کپي تھ اُھي ملڪ جي معيشت جو مرڪز چورائيندڙ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي جي حامل ھن شھر ۾ امن جي قيام لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن. مختلف لساني اڪائين ۽ قومن جي حامل ھن شھر ۾ ھڪ ننڍي چڙنگ باھھ بڻجي وڃي ٿي ۽ ان باھھ جو مشاھدو وطن وارن بار بار ڪيو آھي. ملڪ جي سياسي قوتن کي بھ ان حقيقت جو ادراڪ ڪرڻو پوندو تھ ڪراچي جھڙي ثقافتي شھر ۾ ڪا اھڙي چڙنگ نھ ڪيرائي سگھجي جيڪا باھھ بڻجي شھر ۾ امن کي تباھھ ڪري ڇڏي. ساحلي شھرن ۾ ھميشھ کان روزگار جي فراھمي جا مرڪز رھيا آھن ۽ انھن شھرن ۾ آبادي جو دٻاءُ بھ ڪنھن بھ ملڪ جي ٻين شھرن جي نسبت گھڻو ھوندو آھي. ساحلي شھر ڪڏھن بھ ڪنھن لساني يا قوميتي اڪائي جي ملڪيت ناھن ھوندا پر رياست جي انتظام ھيٺ ساحلي شھرن ۾ سمورين اڪائين ۽ قوميتن کي ڪاروبار ۽ روزگار جي فراھمي جا برابر موقعا حاصل ھوندا آھن،

    وڌيڪ پڙھو
  • 18 اگست

    پروپئگنڊا

    سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جي حوالي سان حڪومتي پارٽي ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ جا افواھھ اُھا ئي پروپئگنڊا آھي جيڪا پاڪستان ۾ سياسي پارٽي جو ڪردار ڪمزور ڪرڻ ۽ جمھوريت کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ لاءِ ھميشھ کان ڪئي پئي ويندي آھي. ايم ڪيو ايم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ صوبي جون واضح حقيقتون آھن. ايم ڪيو ايم کي ڪراچي ۾ بالخصوص ۽ حيدرآباد ۾ بالعموم اڪثريتي پارٽي سمجھو وڃي ٿو ۽ انھيءِ اڪثريت جي زور تي ايم ڪيو ايم حڪومت سان ڳالھائي ٿي، ان ڳالھھ ٻولھھ ۾ ايم ڪيو ايم جو پاسو ڳرو رکڻ جي لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پنھنجي اڪثريت کي برقرار رکڻ جي لاءِ سمورا درڪار قدم کنيا وڃن ٿا. انھن قدمن کي جيڪڏھن سياسي قدمن جي حوالي سان ڏٺو وڃي تھ انھن تي تنقيد نٿي ڪري سگھجي،

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button