ڪالم
-
جنوری- 2012 -11 جنوری
سيد شاھھ مردان شاھھ پير پاڳاري جو وڇوڙو برصغير جو عظيم روحاني ۽ سياسي رھبر..!
ورھاڱي کان اڳ برصغير ۾ وطن جي آزادي ۽ انگريزن جي ڪاري قانون خلاف جيڪڏھن ڀرپور جدوجھد ھلائي عظيم قربانيون ڏنيون تھ اھو شخص سورھيھ بادشاھھ سيد صبغت الله شاھھ راشدي پڻ ھيو، ھو انگريز سرڪار خلاف ڪيتري عرصي تائين وڙھيو ۽ آخرڪار وڙھندي وڙھندي شھادت جي عظيم رتبي تي پھچي ويو، سورھيھ بادشاھھ عظيم سپھھ سالار ۽ برصغير جي لکين مريدن جو مرشد ھيو، جن مريدن کي ھند ۽ سنڌ ۾ حرن جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، سورھيھ بادشاھھ کي انگريزن گرفتاريءَ بعد شھيد ڪيو، پر ان باوجود حر تحريڪ ۾ ڪنھن بھ قسم جي گھٽتائي نھ آئي، ھن خاندان جو ٻيو وڏو تعارف اسلامي گاديءَ طور آھي، روضي ڌڻي جي گادي کي ھند ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڄاتو، سڃاتو وڃي ٿو، حضرت محمد راشد روضي ڌڻي سنڌ جو سورھيھ مرشد ھيو، جنھن ڄمڻ سان ئي ماءُ جي ٿڃ ۾ روضي جي عبادت شروع ڪئي ۽ روضي رکڻ جو وقت پورو ٿيڻ کان پوءِ ان وقت تائين والدھ جي ٿڃ نھ وٺندو ھو، جيستائين افطاري جو وقت نھ ٿيندو ھو، محمد راشد روضي ڌڻي جي راشدي گادي سنڌ جي تمام گادين جو مرشد گھراڻو آھي، پير پاڳاري جي ھن عظيم گادي تان سنڌ جي تمام مرشدن…
وڌيڪ پڙھو -
دسمبر- 2011 -21 دسمبر
ٺري ميرواھ تعلقي ۾ علاج جي سهولتن جي کوٽ.
دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ صحت ۽ تعليم تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو ۽ انهن ملڪن ۾ بجيٽ جو ڳج حصو صحت ۽ تعليم تي خرچ ڪيو وڃي پر ان جي ابتڙ اسان جي ملڪ ۾ صحت ۽ تعليم تي بجيٽ ته رکي وڃي ٿئي پر اها رقم ڪامورن جي ڪريپشن چونديل نمائيندن جي بي ڌياني ۽ ڪن لاٽار سبب صحيح نموني سان خرچ نه ٿي ٿئي جنهن سبب غريب، مسڪين ماڻهو علاج جي سهولتن لاءَ سخت پريشان هجن ٿا. اهڙي طرح ضلعي خيرپور جي ٺري ميرواھ تعلقي جي هيڊ ڪواٽرواري شهر ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ قائم اسپتال کي 60 سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود تعلقه اسپتال جو درجو ناهي ملي سگھيو ۽ نه وري 1963 ۾ ٺهيل اسپتال جي عمارت جي ڪا نئين سر تعمير ٿي سگھي آهي ۽ تازو آيل برساتن سبب رورل هيلٿ سينٽر ٺري ميرواھ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي. ۽ ڪيترو عرصو گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
21 دسمبر
پاڪستان ۾ اليڪشن جي عمل کي شفاف بڻائڻ ۾ حلقه تعلقاتي گروپ جو ڪردار
فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽورڪ پاڪستان ۾ ٽرسٽ فار ڊيموڪريٽڪ ايجوڪيشن اينڊ اڪائونٽيبلٽي جي تحت ڪم ڪندڙ سول سوسائٽي جي تنظيمن جو هڪ نيٽورڪ آهي جيڪو 42 ميمبر تنظيمن سان گڏ ملڪ ۾ هرقسم جي جمهوري احتساب جي واڌاري لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ماڻهن کي متحرڪ ڪرڻ ۾ 2008 جي عام چونڊن کان پوءِ هر پهلو جي جامع مشاهدي سان ڪم ڪندڙ هن اتحاد آگسٽ 2009 کان پاڪستان جي 96 ضلعن جي قومي اسيمبلي جي 150 حلقن ۾ ڊيموڪريٽڪ گورننس پروگرام تي عمل ڪرائڻ شروع ڪيو. سال 2010ع ۾ آيل مهاٻوڏ کانپوءِ ڪجهه وقت هي عمل رڪجي ويو ڇوته سڄي دنيا جون نظرون ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي کتل هيون تنهن ڪري ڊونر ايجنسين به پنهنجا رخ تبديل ڪري ڇڏيا هئا.
وڌيڪ پڙھو -
3 دسمبر
نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ انٽرويو ڏيڻ جا 20 ڪامياب طريقا
موجوده دور ۾ بيروزگاري هڪ وڏو مسئلو آهي، جيتوڻيڪ اهو مسئلو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهي پر هتي به صورتحال ڪا ٺيڪ ناهي، ملازمتون به ڪافي مشڪل سان ملن ٿيون، جيڪڏهن ڪنهن اداري ۾ جايون خالي هونديون به آهن ته سفارش ۽ رشوت جهڙا فارمولا استعمال ڪيا ويندا آهن، جنهن سبب اهل ۽ اعليٰ تعليم يافته نوجوان مايوسي جو شڪار ٿي ويندو آهي ۽ مسئلي جو حل قسمت تي ڇڏي ڏيندو آهي، پر ان سڀني مسئلن باوجود پاڪستان اندر ڪيترائي اهڙا ادارا موجود آهن، جيڪي بلڪل ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ کي وڌيڪ فوقيت ڏيندا آهن، جن ۾ اڪثر ڪري ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ اهل نوجوانن کي ئي اهميت ڏني ويندي آهي، هيومن ريسورس ڊپارٽمنٽ ريڪروئٽمينٽ ڪندو آهي
وڌيڪ پڙھو -
نومبر- 2011 -24 نومبر
سنڌ وڏو واپار او سائين..!
اڪثر ڪري اسان وٽ برادرين ۾ ائين ٿيندو آهي، ته ڪو هڪ ماڻهو ڪا چڱي ڳالهه/روايت وجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته انهي ۾ڪجهه منفي سوچ رکندڙ ماڻهو پنهنجي حصي جو ڪردار ضرور نڀائيندا آهن، جيئن هينئر به سنڌ ۾ ثقافت ۽ ايڪتا جي نالي ۾ اسان سان پنهنجن ئي مذاق ڪيو آهي، جڏهن ته اسين اهو چوندي ڪڏهن به ڪونه ڍاپندا آهيون ته اسان سنڌ واسين جو هڪ ئي مقصد آهي خوشحال ۽ خودمختيار سنڌ ته پوءِ انهي ۾ اهڙا پروگرا۾ ۽ ڏيهاڙا ٻن ڏينهن ۾ هڪ ثقافت جي نالي ۾ ٻيو وري ايڪتا جي نالي ۾ ڇو پيا ملهايون!؟. اي سنڌ وطن سان پنهنهجي ازلي عشقن جا عهد وچن ڪندڙ ۽ تبدلي پسندن جا رول ماڊل دانشورو!اسان جي سٻاجهڙن سنڌين کي ڏسو جيڪي توهان جي انهن ٻنهي سڏن کي دل جي گهراين سان لبيڪ چئي ميدان ۾ لٿا ۽ انهن پاڻ ملهايو
وڌيڪ پڙھو -
23 نومبر
عورتن جا حق
قومي اسيمبليءَ عورتن جي حقن جي تحفظ جي ھڪ بل جي منظوري ڏني آھي، جنھن تحت عورتن کي وراثت کان محروم ڪرڻ تي .1 سال قيد جي سزا ڏني ويندي، جڏھن تھ بدلي، ٺاھھ، وني يا قرآن پاڪ سان شادي تي عورتن کي مجبور ڪندڙ ماڻھن کي .1 سال قيد ۽ .1 لک تائين ڏنڊ جي سزا ڏئي سگھبي. اھي ڏوھھ ناقابل ضمانت ھوندا. معاشري ۾ صدين کان ڦھليل عورت دشمن روايتن جي خاتمي جو اھو بل فوري طور تي لاڳو ھوندو. پرائيويٽ ميمبر ڊي جي موقعي تي قاف ليگ جي ڊاڪٽر دونيا عزيز جي طرفان پيش ڪيل ان بل جي متفقھ طور تي منظوري ڏني وئي. حڪومتي ميمبرن صدر ۽ وزيراعظم جي ھدايت تي ان بل جي منظوري جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، جڏھن تھ حڪومت جي حليف پارٽين ايم ڪيو ايم ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي طرفان بھ بل جي منظوري ۾ حڪومت جو ساٿ ڏنو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
21 نومبر
بندَ رَ مُون ڏوُرِ ٿيا
سنڌ ٽن تهذيبن کي پاڻ ۾ سمايو آهي، اُهي درياهي، سامونڊي ۽ جابلو تهذيبون آهن. ان ڪري اوائلي سنڌ کي تهذيبن جو مادرِ وطن سمجهو ويندو آهي ۽ کيس دنيا ۾ ممتاز حيثيت حاصل آهي. سنڌو ماٿر تي تحقيق ڪندڙ دنيا جِي اعليٰ يونيورسٽين جَي مڃيل اسڪالرن، سنڌو ماٿر تي سوين تحقيقي مقالا، مضمونَ ۽ ڪتابَ لکي چڪا آهن. بنيادي طور سمجهيو ويو آهي ته، سنڌو تهذيب جا اولين وارثَ زرعي ۽ واپاري سماجن سان لاڳاپو رکندا هئا. سنڌو جو سماج زرعي به هو ته گڏوگڏ واپاري سماج به هو. هن سماج ، متمدن شهري زندگيءَ جو آغاز ڪندي، ترقي پسند معاشري جو پايو وڌو هو. سنڌو ماٿر جي تهذيب کي سمجهڻ لاءِ ضروري هوندو
وڌيڪ پڙھو -
20 نومبر
ڌرڻن سان حڪومت ناھي ويندي
سرڪاري انتظام ۾ ڪيل احتجاجي ريلين، جلسن جلوسن ۽ ڌرڻن سان چونڊيل جمھوري حڪومتن جو خاتمو نھ ٿو ڪري سگھجي، اھا ئي پاڪستان جي سياسي تاريخ آھي ۽ پارلياماني جمھوريت جو اھو ئي نتيجو آھي جيڪڏھن جمھوريت کي قائم رکڻو آھي تھ آمراڻا حڪومتن جو رستو روڪڻو پوندو ۽ پارليامينٽ کي بااختيار بڻائڻو آھي تھ ان جي لاءِ آئين ۽ قانون ۾ واضح رستا موجود آھن. مخالف سياسي حڪومت جي اقتدار کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ ۾ پنھنجي اڪثريت ظاھر ڪريو ۽ تحريڪ عدم اعتماد جي ذريعي حڪومت ختم ڪري ڇڏيو. ان کان علاوھ ڪنھن بھ جمھوري حڪومت جي خاتمي جي لاءِ ڪوبھ طريقو اختيار ڪيو ويو تھ اھو ملڪ کي وڌيڪ عدم استحڪام جو شڪار ڪري سگھي ٿو، پارليامينٽ کي ڪمزور بھ ڪري سگھي ٿو، جمھوريت جي ٻوٽي کي مُرجھائي سگھي ٿو
وڌيڪ پڙھو -
1 نومبر
پري انٽري ٽيسٽ 2011 جو اکين ڏٺو احوال
انسان صدين کان وٺي اڻٿڪ محنت ڪندو رھيو آھي ڪو بھ سائنسدان ھجي يا مصنف يا جج ھجي يا مزدور ھجي يا ڪي شاگرد ھجن، ھر ھڪ کي پنھنجي دنيا سان منھن ڏيڻو پوي ٿو. ۽ ھڪ فرد کي ٻئي جو مسئلو تمام ننڍو نظر اچي ٿو پر پاڻ جڏھن ان جاءِ تي اچي ڏسن تھ خبر پئجي وڃين تھ گھڻي ويھين سئو آھي؟.. ڪنھن بھ شاگرد جو سورنھن سورنھن ڪلاڪ پڙھڻ جي باوجود پنھنجي ڊيڊي سان موبائل فون تي ڳالھائيندي ھاسٽل مان چيائين ڊيڊي!.. ھي ڪتاب کٽڻ جا نھ آھن، ڄڻ تھ سمنڊ جي ڇولين مان ھڪ لوٽي بھ نھ ڀري آھي...!!
وڌيڪ پڙھو -
اکتوبر- 2011 -26 اکتوبر
ماروئڙن کي اڪيلو نه ڇڏبو!
امير جماعت اسلامي سيد منور حسن گذريل هفتي بارش متاثره ضلعي بدين جو تفصلي دورو ڪيو.جتي هن الخدمت فائونڊيشن تحت بدين،کوسڪي،شادي لارج سميت ٻين هنڌ تي قائم خيمه وسندين ۽ ميڊيڪل ڪئمپن جو دورو ڪيو.صبح ستين وڳي اسان جو قافلو ڪراچي کان روانو ٿيو جيڪو ڏهين وڳي بدين پهتو،بدين ٻاهران ضلعي امير سيد دائود شاهه جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن مرڪزي امير جو ڀرپور استقبال ڪيو.ان دوري ۾ جماعت اسلامي سنڌ جو امير مولانا اسدالله ڀٽو،نائب امير ممتاز حسين سهتو،الخدمت فائونڊيشن سنڌ جو صدر ڊاڪٽر تبسم جعفري سميت ڪيترائي صوبائي ۽ مقامي و مرڪزي اڳواڻ هن دوري ۾ گڏ هئا.
وڌيڪ پڙھو