آرٽيڪل

عورتن جا حق

ليکڪ: عابد مختار خٽڪ
violence womenقومي اسيمبليءَ عورتن جي حقن جي تحفظ جي ھڪ بل جي منظوري ڏني آھي، جنھن تحت عورتن کي وراثت کان محروم ڪرڻ تي .1 سال قيد جي سزا ڏني ويندي، جڏھن تھ بدلي، ٺاھھ، وني يا قرآن پاڪ سان شادي تي عورتن کي مجبور ڪندڙ ماڻھن کي .1 سال قيد ۽ .1 لک تائين ڏنڊ جي سزا ڏئي سگھبي. اھي ڏوھھ ناقابل ضمانت ھوندا. معاشري ۾ صدين کان ڦھليل عورت دشمن روايتن جي خاتمي جو اھو بل فوري طور تي لاڳو ھوندو. پرائيويٽ ميمبر ڊي جي موقعي تي قاف ليگ جي ڊاڪٽر دونيا عزيز جي طرفان پيش ڪيل ان بل جي متفقھ طور تي منظوري ڏني وئي. حڪومتي ميمبرن صدر ۽ وزيراعظم جي ھدايت تي ان بل جي منظوري جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، جڏھن تھ حڪومت جي حليف پارٽين ايم ڪيو ايم ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي طرفان بھ بل جي منظوري ۾ حڪومت جو ساٿ ڏنو ويو. آپوزيشن ميمبرن بھ عورتن جي حقن جي تحفظ جي ان اھم ترين بل جي مخالفت ناھي ڪئي. قومي اسيمبلي جي گذريل اجلاس ۾ ان بل جي ڪجھھ شقن جي منظوري ڏني وئي ھئي، جڏھن تھ باقي شقون اٽاري جي ڏينھن قومي اسيمبلي اسپيڪر ڊاڪٽر فھميدا مرزا جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ منظور ڪيون ويون. جسٽس ريٽائرڊ فخر النسا کوکر جي طرفان ان بل تي ڪجھھ ترميمون پيش ڪيون ويون، جن کي ايوان اتفاق راءِ سان رد ڪري ڇڏيو، جڏھن تھ دونيا عزيز جو اھو موقف ھو جيڪڏھن بل جي زبان بھتر بڻائڻ جي لاءِ ۽ ان جي دائري ڪار ۾ واڌ جي لاءِ ترميمون پيش ڪيون وڃن ھا تھ کيس ڪوبھ اعتراض نھ ٿئي ھا پر جيڪي ترميمون پيش ڪيون ويون آھن، انھن ۾ لفظن جي اسپيلنگ تي اعتراض ڪيو ويو آھي.
ان بل جي منظوري سان پاڪستان ۾ عورتن جي خلاف ڏوھن جي عنوان سان تعزيرات پاڪستان ۾ ھڪ نئين باب جي واڌ ڪئي وئي آھي، جنھن تحت جيڪو بھ ڌوڪي، غير قانوني ۽ دٻاءَ جي ذريعي ڪنھن عورت کي شريعت جي مطابق ڏنل ان جي وراثت جي حق کان محروم ڪندو، ان کي .1 سال يا گھٽ ۾ گھٽ پنج سال قيد جي سزا يا .1 لک ڏنڊ يا ٻئي سزائون گڏي ڏئي سگھبيون. ان بل جي ھڪ ٻي شق جي تحت جيڪڏھن جھڳڙن کي اُڪلائڻ يا قتل معاف ڪرائڻ جي لاءِ ڪنھن عورت کي بدلي ۾ شادي تي مجبور ڪيو ويندو تھ ان جي لاءِ بھ وڌ کان وڌ 7 سال قيد جي سزا ۽ 5 لک رپين تائين ڏنڊ ڪري سگھبو يا ٻئي سزائون گڏي ڏئي سگھبيون. خانداني جائيداد کي بچائڻ جي لاءِ ڪٽنب جي نياڻي، ڀيڻ يا ڪنھن ٻي رشتيدار کي قرآن پاڪ تي قسم جي ذريعي شادي شدھ زندگي کان محروم ڪرڻ يا وراثت کان محروم ڪرڻ تي گھٽ ۾ گھٽ ٽي سال قيد جي سزا ۽ 5 لک رپين تائين ڏنڊ ھوندو ۽ ان ڏوھھ کي قرآن پاڪ سان شادي تصور ڪيو ويندو. بل تحت صوبائي حڪومت زنا جي سزائن ۾ مداخلت نھ ڪندي ۽ اھڙين سزائن کي معاف ڪرڻ يا گھٽائڻ جو بھ اختيار نھ ھوندو. سيشن جج ۽ درجي اول جو مئجسٽريٽ ڪيس اڪلائيندا ۽ ڪنھن کي بغير وارنٽ جي گرفتار نھ ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي جنھن بل جي منظوري ڏني آھي، ان سان ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي جي حقن جو تحفظ ٿي سگھندو. پاڪستاني معاشري ۾ صدين کان ڦھليل ساڙ، گھٽ علمي، جھالت ۽ عورتن کي گھٽ سمجھڻ جي روايتن عورتن جو ھميشھ استحصال ڪيو آھي ۽ اھو عمومي رويو آھي تھ نياڻين جي پرڻي وقت کين جيڪو جھيز ڏنو وڃي ٿو ان کي سندن وراثت تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ ڀا/، پي/ يا ما/ نياڻين مان اميد رکن ٿا تھ اھا وراثت ۾ پنھنجي حق تان ھٿ کڻي ويندي ۽ عمومي طور تي اھا دستبرداري ڀائرن جي حق ۾ ھوندي آھي. قبائلي جھڳڙن ۾ ٺاھھ جي عيوض ڇوڪرين جو رشتو ڏيڻ بھ معاشري جي مڪروھ روايتن جو ھڪ حصو بڻجي چڪو آھي، جنھن تحت وني ڪيل عورتون پوري زندگي ڊڄندي ڊڄندي گذاري ڇڏن ٿيون ۽ کين پنھنجي خاندان يا معاشري ۾ عزت ۽ احترام بھ حاصل نٿو ٿئي. قرآن پاڪ سان شادي عام طور تي عورتن کي خانداني جائيداد ۾ سندن حق کان محروم ڪرڻ جي لاءِ ڪئي وڃي ٿي ۽ ظالماڻا انداز ۾ عورتن کي غير فطري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. عورتن جي تحفظ ۽ سندن حقن جي فراھمي جي لاءِ رڳو قانون ئي ڪافي نھ آھن، پر معاشري جي اجتماعي شعور کي پيدا ڪرڻ جي بھ ضرورت آھي. حڪومت تھ پنھنجو ڪم ڪري ڇڏيو آھي ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قانون سازي بھ ڪئي وئي آھي، ھاڻي اِھو نئين نسل جو ڪم آھي تھ اھي فرسودا روايتن جون پاڙون پٽي ڇڏن ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button