جسمم
-
اکتوبر- 2013 -30 اکتوبر
شھدادڪوٽ: جسمم جي سڏ تي مڪمل شٽربند ھڙتال رھي
شهدادڪوٽ ۾ به جسمم جي سڏ تي تحفظ پاڪستان آرڊيننس خلاف مڪمل شٽربند هڙتال رهي، هڙتال سبب شاهي بازار، ريشم گھٽي، ڪوٽو موٽو چوڪ، جمع کرل چوڪ ،شوز بازار، سميت شهر جا ننڍا،وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا
وڌيڪ پڙھو -
30 اکتوبر
جيئي سنڌ محتده محاذ (جسمم) جي مرڪزي سڏ تي باڊھ ۾ مڪمل ھڙتال رھي
جيئي سنڌ محتده محاذ (جسمم) جي مرڪزي سڏ تي تحفظ پاڪستان آرڊيننسس ڪاري قانوني جي خلاف اعلاڻيل هڙتال جي موٽ ۾ باڊهه شهر مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جنهن ڪري سڄي شهر جو ڪاروبار بند رهيو
وڌيڪ پڙھو -
27 اکتوبر
باڊھ: جسمم جي مرڪزي اڳواڻ برڪت چانڊيو کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ميڙاڪو
جيئي سنڌ متحده محاذ (جسمم) جي مرڪزي اڳواڻ شهيد برڪت چانڊيو (عرف پريم ديوان جي ياد ۾ کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ باڊهه ۾ جسمم پاران تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن کي جسمم لاڙڪاڻي ضلعي جي صدر احمد علي ڪانڌڙو، ايس يو پي جي اسد گوپانگ، جسمم لاڙڪاڻي ضلعي جي سيڪريٽري شڪيل کونهارو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
جولائی- 2013 -18 جولائی
جسمم ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ رسول آباد ۾ مظاھرو
رسول آباد ۾ جسمم جي ڪارڪنن جو هٽڙي باءِ پاس حيدرآباد تي لڳل ڪارڪنن جي ڌرڻي تي پوليس جي وحشياڻي تشدد واري واقعي جي خلاف راجا ڏاهر ڀنڀرو ، هيمو ڪالاڻي، منٺار سنڌي ، نور الله جونيئر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري جي ايم سيد چوڪ وٽ ڌرڻو هني نعريبازي ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
جون- 2013 -8 جون
شهدادڪوٽ: جسمم ڪارڪنن جي گمشدگي خلاف احتجاجي مظاھرو
شهدادڪوٽ ۾جسمم پاران ساگر سنڌي ۽ الاهي بخش مرکنڊ جي گمشدگي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي،جسمم ڪارڪنن آصف مگسي،آصف لاشاري،فياض مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي بک هڙتال ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
مئی- 2013 -29 مئی
لطيف يونيورسٽي جي انتظاميه يونيورسٽي جي اندر هٿ سان جهيڙا ڪرائي تعليم کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿي، جسمم
جسمم جي مرڪزي اڳواڻ خالد احمد شر ، ڊويزنل آرگنائيزر نورالله تنيو چيو آهي ته لطيف يونيورسٽي جي انتظاميه يونيورسٽي جي اندر هٿ سان جهيڙا ڪرائي تعليم کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿي شاگردن کي پاڻ ۾ ويڙهائي پنهنجا مقصد ۽ يونيورسٽي جو ماحول خراب ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي پر يونيورسٽي انتظاميه جي سڀني سازشن کي ناڪام بڻايو ويندو.
وڌيڪ پڙھو -
اپریل- 2013 -29 اپریل
جسمم جي سڏ تي ٻئي ڏينهن به دادو ۾ مڪمل شٽر بند هڙٿال
جسمم جي سڏ تي ٻئي ڏينهن به دادو ۾ مڪمل شٽر بند هڙٿال ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ٽائرن کي باهيون پريس ڪلب ٻاهران ۽ بس اسٽاپ وٽ ڪريڪرن جا ڌماڪا شهر ۾ خوف حراس ڇائجي ويو پوليس جا وڏا اٽالا مختلف عمارتن ٻاهران مقرر پوليس موبائلون شهر جو گشت ڪرڻ ۾ پوريون نامعلوم جوابدارن پريس ڪلب ٻاهران ڪريڪر جو ڌ،اڪو ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
28 اپریل
جسمم جي ٻن ڪارڪنن جي قتل خلاف مظاھرو
جوھي: جسمم جي ٻن ڪارڪنن جي قتل خلاف جسمم ڪارڪنن جو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو، ڌرڻو، جسمم ڪارڪنن انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ سان ڳالھائيندي چيوته جسمم ڪارڪنن کي قتل ڪندڙ اسان جي آزادي واري تحريڪ تان ھٽائڻ ٿا چاھين.
وڌيڪ پڙھو -
3 اپریل
جيئي سنڌ متحده محاذ تي پابندي خلاف احتجاجي مظاھرو
جيئي سنڌ متحده محاذ (جسمم) ۽ جي ايس او (آزاد) تي هنيل پابندي خلاف باڊهه ۾ جسمم پاران شهر جي درگاهه شريف چوڪ کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن اڪبر ڍڪڻ، غفور ساريو، اسلم گوپانگ ۽ ٻين چيو ته پاڪستان جي رياست دنيا ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسند طور سڃاڻپ رکي ٿي
وڌيڪ پڙھو -
مارچ- 2013 -28 مارچ
هنڱورجا: جسمم پاران ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف مظاھرو
جسمم جي ڪارڪنن پاران سنڌ يونيورسٽي مان گرفتار ڪيل جسمم ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو، تفصيل موجب جيئي سنڌ متحدا محاذ يونٽ شهيد سميع الله ڪلهوڙو جي ڪارڪنن سنڌ يونيورسٽي مان گرفتار ڪيل جسمم ۽ جساف ڪارڪنن جي آزادي لاءِ فياض ڏاهري، نورالله تنيو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو
وڌيڪ پڙھو