ادب
-
دسمبر- 2015 -6 دسمبرسنڌي ادب
لاڙڪاڻو: ڪتابن سان چاهه رکندڙن لاءِ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران لاڙڪاڻي ۾ ٽن ڏينهن لاءِ ڪتابي ميلو لڳايو ويو
لاڙڪاڻو:ڪتابن سان چاهه رکندڙن لاءِ سنڌيڪا اڪيڊمي لاڙڪاڻي ۾ ٽن ڏينهن لاءِ ڪتابي ميلو لڳايو آهي.ڪالهه ڪتابي ميلي جو افتتاح پيپلز پارٽي جي باني ميمبر ۽ جهوني سياستدان عبدالرزاق سومرو ۽ پ پ پ جي ايم پي اي غزاله سيال ڪيو. جنهن ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي جي چيئرمين نور احمد ميمڻ سميت اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪتابي ميلي ۾ سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي ثقافت، ٻولي، تهذيب ۽ تمدن، تصوف، تعليم، بائيو گرامي، فلسفي، سائنسي معلومات، راندين، ٻارڙن، ڪهاڻين سميت زندگي جي مختلف شعبن بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ جا ڪتاب رکيا ويا آهن. جتي شاگردن سميت مختلف مڪتبه فڪر جا ماڻهو ڪتابي ميلي ۾ اچي ڪتابن جي خريداري ڪري رهيا آهن. ڪتابي ميلي ۾ ملڪي توڙي غير ملڪي مشهور ليکڪن، اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ سماجي اڳواڻن جا لکيل ڪتاب رکيا ويا آهن. ڪتابي ميلي ۾ احسان دانش، سجاد ميراڻي، رضوان گل، روشن شيخ، بشير احمد شاد، ڊاڪٽر حافظ سڪندر تنيو، استاد خالد چانڊيو شرڪت ڪندي چيو ته اڄڪلهه جي جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ ڪتاب جي اهميت اڃان به برقرار آهي ڇاڪاڻ جو ڪتاب بهترين دوست آهن جن مان وڏي ڄاڻ حاصل ڪرڻ سان گڏ ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾…
وڌيڪ پڙھو -
دسمبر- 2014 -23 دسمبر
سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو پاران هاءِ اسڪول مورو ٽائون ڪئمپس ۾ هڪ دستوري گڏجاڻي ٿي
سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو پاران هاءِ اسڪول مورو ٽائون ڪئمپس ۾ هڪ دستوري گڏجاڻي سابقه سيڪريٽري اديب شاعر عظيم سنڌي جي صدارت ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ادب سان تعلق رکندڙ دوستن شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
اکتوبر- 2013 -27 اکتوبر
سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي جي اهميت جي عنوان هيٺ ٿيل مذاڪري جو اکين ڏٺو احوال
سنڌي ادبي سنگت سنڌ سميت ايشيا جي اديبن جي وڏي ۾ وڏي ۾ تنظيم آهي جنهن جي وسيلي سنڌي ادب ٻولي توڙي ثقافت کي اجاگر ڪيو وڃي ٿو جتي مرڪز ۽ ٻيون شاخون پنهنجي وت وس آهر ڪم ڪن پيون اتي سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو سنڌ ۾ انتهائي سرگرم ۽ متحرڪ شاخ آهي
وڌيڪ پڙھو -
12 اکتوبر
مورو ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران ”نوجوان، سينئر اديبن کان مايوس ڇو؟“ جي عنوان تي ٿيل مذاڪرو.
ادب اهو ڪارائتو هوندو آهي جيڪو سماج ۾ تبديلي آڻي ۽ تبديلي تڏهن ايندي آهي جڏهن وڌ کان وڌ مطالعي جو لاڙو پيدا ٿئي. اسان جي سماج ۾ اهو سوال ڪر کڻي بيٺو آهي ته نوجوانن ۾ مطالعي جو لاڙو بلڪل نه هجڻ جي برابر آهي
وڌيڪ پڙھو