سنڌي ادب

مورو ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران ”نوجوان، سينئر اديبن کان مايوس ڇو؟“ جي عنوان تي ٿيل مذاڪرو.

رپورٽ وحيد رزاق مستوئي

ادبي ميڙاڪو
ادبي ميڙاڪو
ادب اهو ڪارائتو هوندو آهي جيڪو سماج ۾ تبديلي آڻي ۽ تبديلي تڏهن ايندي آهي جڏهن وڌ کان وڌ مطالعي جو لاڙو پيدا ٿئي. اسان جي سماج ۾ اهو سوال ڪر کڻي بيٺو آهي ته نوجوانن ۾ مطالعي جو لاڙو بلڪل نه هجڻ جي برابر آهي جنهن ڪري جيڪو ڪجھ لکيو وڃي ٿو اهو ان قابل ناهي جنهن مان ڪا سماج ۾ تبديلي اچي سگهي. اهڙي لکيل ادب تي نوجوان ته فخر ڪري سگهن ٿا پر سينئر اديب ان کي پڙهڻ جي به لائق نه ٿا سمجهن ان ڪري اسان جي سماج ۾ نوجوان ۽ سينئر ڀاڱن ۾ ورهائجي ويا آهن انهي صورتحال جي ڪري مايوسي ڪر کڻي بيٺي آهي ۽ نوجوان ۽ سينئر اديبن ۾ هڪ قسم جي وڇوٽي موجود آهي انهن سڀني سوالن ۽ پيدا ٿيل صورتحال جي حل ۽ علمي ادبي ڄاڻ وڌائڻ جي لاءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو طرفان ادبي ڪچهرين جو سلسلو شروع ڪندي، مورو ۾ ”نوجوان ليکڪ سينئر اديبن کان مايوس ڇو؟“ جي عنوان هيٺ مذاڪرو ڪرايو ويو. جيڪو سنڌ جي باغي شاعر راشد مورائي جي اوطاق تي شام جو 4 وڳي ٿيو جنهن جي صدارت سنڌ جي باغي شاعر راشد مورائي کان ئي ڪرائي وئي هن مذاڪري واري تقريب ۾ نوجوان توڙي سينئر اديبن، شاعرن، محققن، ليکڪن، صحافين سميت مختلف مڪتب فڪر سان واسطو رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي نامياري سنڌ جي باغي شاعر راشد مورائي چيو ته مايوس نوجوان يا سينئر ٿي سگهي ٿو پر مايوسي ڪفر آهي سينئر اتساھ ڏيندڙ هجي ٿو ۽ نوجوان تي فخر ڪري سگهجي ٿو نظرياتي اختلافن جي ڪري وڇوٽي ٿي سگهي ٿي پر نظرياتي ڪڏهن به مايوس نه ٿيندا آهن اڪيلايون مايوسي جو بنياد آهن ان ڪري ميل ميلاپ سان حاصلات ٿيندي آهي ڪنهن جي زبان منڊڻي ناهي اصل ۾ تعليم جي کوٽ جي ڪري غلامي وارا تصور اسان ۾ مونجهارو پيدا ڪن ٿا هن وڌيڪ چيو ته اولاد مان وڏا مايوس نه ٿيندا آهن ۽ ننڍن کي به وڏن تي ائين فخر ۽ خوشيءَ ٿيندي آهي سنڌي ادب ۾ ترقي پسند سوچ وارا اديب ڪڏهن ڪنهن کي مايوس نه ڪندا آهن پر رجعت پسندن جا رويا مايوسي ڦهلائين ٿا هن چيو ته اڄوڪو موضوع ڪلاڪن ۾ ختم ڪرڻ جهڙو ناهي پر پوءِ به دوستن دل کولي ڳالهايو جنهن ڪري ڏاڍو ذهني سڪون حاصل ٿيو آهي، نامياري محقق رسول بخش گچيرائي چيو ته برداشت جو مادو گهٽ هجڻ جي ڪري اهڙا مسئلا ڪَر کڻن ٿا نئين ٽهي جو ڪجھ حصو مغربي مواد جا حوالا ڏئي اجايو ڊيگھ ۾ پئجي ويو آهي پر اهي سنڌ جي تاريخ کان پوري طرح واقف ناهن قدامت ۾ به جدت آهي سينئرن کي شفقت وارو رويو نئين ٽهي ڏانهن قائم رکڻ کپي ۽ نيئن ٽهي به ادب جي دائري ۾ رهي ڇو ته جنهن ۾ ادب ناهي اهو ڪجھ به ناهي جڏهن ته مطالعي جي گهڻي کوٽ آهي ان ڪري تنقيد کي خراب سمجهيو ٿو وڃي، نامياري شاعر منظور شاھ منظور چيو ته نوجوان اها حقيقت ظاهر ڪن ته سندن ڪهڙو حق کسيو ويو آهي وڏن لاءِ احترام ضروري آهي پر صداقت کي ترجيح ڏيندي هر ڪنهن کي اختلاف راءِ جو به حق آهي زبان مهذب هجي ته سينئر نوجوانن لاءِ ڇپر ڇانوَ آهن ڪو به مالهي جيئن گلستان مان بيزار نه ٿيندو آهي تيئن سينئر به هر وقت پنهنجي آئندي کي نظر انداز نه ڪيو آهي هن چيو ته هن موضوع مان ادبي ۽ آدابي نقصان جو انديشو آهي ان ڪري هن کي وڌائڻ نه کپي هي حقيقت آهي ته نوجوان ادب ۾ سُونهن ۽ وڏا عزت آهن، نامياري شاعر محبتي ملاح چيو ته اسان کي سينئر اديبن هميشھ همٿايو آهي ۽ انهن کان مايوسي نه ملي آهي راشد مورائي، استاد بخاري، سرڪش سنڌي، حافظ محمد بخش، ارشد، ادل، اياز گل، نواز رڪڻائي، ذوالفقار سيال سميت جنهن سان به مليا آهيون انهن اسان جي رهنمائي ڪئي آهي جيڪو اڄ ڳالهايون پيا اها زبان سينئرن کان ملي آهي جيڪي نوجوان مطالعو نه ٿا ڪن اهي مايوسي جو شڪار آهن، پروفيسر يوسف شيخ چيو ته گوڏا کوڙي پوءِ سکڻ وارو سلسلو ختم ٿي ويو آهي نوجوان سينئرن وٽ اصلاح لاءِ وڃن ئي نه ٿا اهي صرف سکڻيون ڳالهيون ڪن ٿا اديبن جو تعلق مڊل ڪلاس سان وڌيڪ آهي جيڪي نوڪري پيشا آهن اهي مصروفيتن جي ڪري ٻين وٽ پهچن ئي نه ٿا پوءِ شڪايت ڪرڻ اجائي ۽ مايوسي بي فائده آهي، نوجوان شاعر نجم سرهيو چيو ته سينئرن وٽ انا آهي نوجوانن وٽ ڄاڻ گهٽ آهي اهڙن لڇڻن جي ڪري مايوسي پکڙجي ٿي ۽ انهي ناراضگي سبب نوجوان اصلاح کان لوائن ٿا ۽ سينئرن جو رويو به تبديل هجي ٿو نوجوان مطالعو نه ٿا ڪن پر تنهن هوندي به هر جاءِ تي سينئر اديب سندن رهنمائي ڪندا آهن، نوجوان شاعر بابر مقدر ميمڻ چيو ته سينئر اديبن جا رويا اهڙا آهن جو نوجوانن کي مونجهارو ملي ٿو سينئر نوجوانن کي اتساھ ڏين ٿا پر ڪٿي انهن جي سخت روين جي ڪري نوجوان مايوس ٿين ٿا، نوجوان اديب شاهنواز بهراڻي چيو ته سينئر اديبن وٽ جيڪو پٽڻو پٽيون ٿا انهن زيادتين ۽ بي واجبين جو ڪو به ازالو نه ٿو ٿئي سينئر نوجوانن جي تربيت ڪن ته انسانيت ۽ حقن جي حاصلات جي خبر ملندي، نوجوان شاعر خالد ساحل ڪيريو چيو ته سينئر ماضي جو شاندار باب آهن ۽ نوجوان به بهتر ڪن پيا جنهن ڪري اهي اڳتي وڌي آيا آهن شاعري ۾ ته نوجوانن کي رهنمائي ملي آهي پر نثر نويسن کي ڪابه رهنمائي نه ٿي ملي جنهن ڪري سنڌ جا نوجوان نثر نويس سينئر اديبن مان مايوس آهن، نوجوان اديب سڪندر جروار چيو ته نوجوان اڄ ايڏي دعوى ٿا ڪن 1990ع کان اڳ جي شاعري کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن ۽ چون ٿا ته نوجوانن جي خيالن جي اُڏام بلندي تي آهي ۽ سينئرن روايتي شاعري ڪئي آهي انهي کانسواءِ انهن کي اچي به ڇا ٿو پر حقيقت اها آهي ته سينئرن وٽ گهڻو ڪجھ آهي ۽ نوجوانن جي گهڻي کان گهڻي رهنمائي ڪئي اٿن، نوجوان ڪهاڻيڪار اظهار مخدوم چيو ته سينئر اديبن سدائين عزت ڏني آهي جيڪا حقيقت آهي سينئر اديبن جو قد ڪاٺ علم ادب جي لحاظ کان مٿڀرو آهي عزت حق آهي سکڻ ضرورت آهي پر اهڙو عمل نه ڪجي جو ڪنهن جي دل آزاري ٿئي، وزير فرهاد سولنگي چيو ته هي موضوع متضاد آهي سينئر جونيئر جو سوال بي بنياد آهي ڇو ته سينئر اديبن وٽ نوجوانن جا ميڙا متل آهن ماڻهو جي اندروني خلل ۽ روين سبب ٽڪراءُ ٿي سگهي ٿو جيڪي نوجوان ٻه سٽون لکي پاڻ کي داناءُ سمجهن ٿا انهن جا افعال جائزي وٺڻ جهڙا آهن هڪ مخصوص ٽولو آهي جيڪو شراب ڏوڪڻ کانپوءِ سينئرن خلاف اجائي واويلا پيو ڪري هڪڙن ڏات وڪڻي ترقيون ماڻيون ڇا اهو ترقي جو اهڃاڻ آهي سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو جي سيڪريٽري رزاق مستوئي چيو ته هن موضوع تي مذاڪري ڪرائڻ جو مقصد ڪنهن جي تذليل ڪرڻ ناهي پر سينئرن جي سهپ ۽ نوجوانن جي موضوع سان نڀاءَ ڪرڻ وارو ماحول مهيا ڪرڻ آهي ڇو ته بحث مباحثن سان مطالعي جو شوق وڌندو جنهن سان فڪري تبديلي ايندي اسان سنڌي ادبي سنگت طرفان باقاعده مختلف موضوعن تي اهڙا پروگرام ڪنداسين جيڪي ادبي سرگرمين سان گڏ علم ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا ۽ ادب جي تاريخ ۾ نواڻ ثابت ٿيندا، ان کان علاوه اياز شاهاڻي، شمس الدين چنا، وحيد رزاق مستوئي، نياز پٺاڻ، مظفر گلاباڻي ۽ ٻين شرڪت ڪري مذاڪري ۾ حصو ورتو. هي مذاڪرو ٻن ڪلاڪن جي بحث مباحثي کانپوءِ پڄاڻي تي پهتو جڏهن ته سيڪريٽري رزاق مستوئي اهو پڻ اعلان ڪيو ته ايندڙ مذاڪرو ٻئي ڪنهن موضوع تي ڪنهن ٻئي سينئر اديب جي اوطاق تي ڪيو ويندو ۽ ٻهراڙين ۾ پڻ اهڙين ڪچهرين جا پروگرام ڪرايا ويندا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button