خير پور

  • دسمبر- 2013 -
    29 دسمبر

    خيرپور: عدالت جو اي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو، ناحق باندي بازياب

    عدالت جو اي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو، ناحق باندي بازياب، ايس ايڇ او سومر ڏينهن عدالت ۾ طلب.

    وڌيڪ پڙھو
  • ستمبر- 2011 -
    15 ستمبر

    مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران تربيتي ورڪشاپ جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري اختتامي تقريب ٿي گذري

    مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران 5 ڏينهن واري ڪرايل آٽو ڪيڊ (ڪمپيوٽر ايڊيڊ ڊزائن) جي تربيتي ورڪشاپ جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري اختتامي تقريب ٿي گذري، تقريب کي خطاب ڪندي ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته جڏهن اسان پنهنجي روزاني زندگي ۾ چئون ٿا ته اسان گلوبل وليج ۾ رهون پيا ته پوءِ ڇا اسان ان ننڍڙي ڳوٺ جهڙي دنيا جي ترقين مان ڪو فائدو ورتو آهي؟ هن چيو ته اسان جهڙن ترقي پذير ملڪن لاءِ اهو اڄ جي دور جو وڏو سوال آهي. اڄوڪي هن ڪمپيوٽر جي دور ۾ هر انجنيئر کي مشينري کانسواءِ وقت جي حساب سان ايندڙ نون نون سافٽ ويئرز متعلق به پاڻ کي آگاهه رکڻ گهرجي، ان ضرورت کي محسوس ڪندي اسان اهڙا ورڪشاپ ۽ سيمينار ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 4 ستمبر

    واحد بخش ناريجو جا قاتل اڃان گرفتار نه ٿي سگھيا، وارثن جو احتجاج

    اٺ ڏينهن اڳ گمبٽ تعلقه جي ڳوٺ کرڙي ناريجه ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل واحد بخش ناريجو ۽ واقعي ۾ زخمي ٿيل سندس گهر ڀاتين جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا ناريجا برادري جي ماڻهن جو پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڌرڻو گمبٽ پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ان سلسلي ۾ احتجاج ڪندڙ محمد صديق ناريجو ، حبيب الله ناريجو ، علي محمد ناريجو ، مسمات عجيبان خاتون ۽ ٻين اخبار وارن کي ٻڌايو ته اٺ ڏينهن اڳ ڏهن کان وڌيڪ جوابدار جن ۾ علائقي جو بدنام ڌاڙيل اصغر ناريجو ، غلام مصطفي ناريجو ، غلام رسول ناريجو ، عبدالرحمٰن ناريجو ۽ ٻيا ڳوٺاڻي واحد بخش جي گهر ۾ داخل ٿي ننڊ ۾ ستل گهر ڀاتين مٿان لٺن ، ڪهاڙن ۽ لوهي سيخن جو وسڪارو لاهي ڏنو

    وڌيڪ پڙھو
  • 4 ستمبر

    ڪافي حد تائين ٽارگيٽ ڪلنز ۾ گهٽتائي آئي آهي ڪيترائي ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا آهن

    صوبائي صلاحڪار ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻ امتياز حسين شيخ چيو آهي ته ذوالفقار مرزا طرفان فاش ڪيل راض پيپلز پارٽي جو اندورني معاملو آهي پر جيڪي راز ان کوليا آهن انهن جو ازالو ضرورو ٿيڻ گهرجي ڇو ته ان ۾ ڪراچي سميت سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو فائدو ٿيندو. اهڙي ڳالهه هن اڳوڻي صوبائي وزير ۽ فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ ظفر اقبال ٻلال جي خيرپور واري رهائش گاهه تي آيل ڪارڪنن ۽ صحافن سان ڳالهائيندي ڪئي هن چيو ته ڪافي حد تائين ٽارگيٽ ڪلنز ۾ گهٽتائي آئي آهي ڪيترائي ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا آهن هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي عيد جي ڏينهن به پير صاحب پاڳاري جي حڪم تي بدين ۽ ٺٽي پهچي متاثر ماڻهن جي مدد ڪئي ۽ انهن سان عيد گڏ ڪئي

    وڌيڪ پڙھو
  • 4 ستمبر

    خيرپور سيوريج اسڪيم استعداد موجب فنڪشنل آهي ـ ترجمان نساسڪ

    نارٿ سنڌ اربن سروسز ڪارپوريشن (نساسڪ) چيو آهي ته گذريل ٽن ڏينهن جي لاڳيتي غير معمولي بارشن ۽ بجلي جي شديد بحران باوجود خيرپور شهر جي ڪنهن به مرڪزي علائقي ۾ بارش جو پاڻي غير معمولي طور تي بيٺل نه آهي ۽ نئين سيوريج اسڪيم سميت سمورو سرشتو ۽ ڊسپوزل اسٽيشنز پنهنجي استعداد موجب فنڪشنل آهن ۽ ڪم ڪري رهيا آهن. بارش جي اڳڪٿي کي مد نظر رکندي نساسڪ جي آفيسرن سميت اضافي عملو به عيد ۽ بارش وارن ڏينهن ۾ ايمرجنسي ڊيوٽين تي موجود آهي. گذريل ڏينهن جاري ٿيل هڪ پڌرائي ۾ نساسڪ وضاحت ڪندي چيو آهي ته 19 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل ڊرينيج اسڪيم پنهنجي مڪمل استعداد موجب ڪري پئي. نساسڪ ترجمان حسن علي شاهه چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ مجموعي طور پوندڙ غير معمولي بارشن جي نتيجي ۾ خيرپور شهر ۾ نئين تعمير ٿيل ڊرينيج اسڪيم مٿان تعمير ٿيل روڊ ٽن هنڌن کان ويهجي ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • اگست- 2011 -
    26 اگست

    صحت ۽ تعليم جي ٻنهن شعبن ۾ ضلعي خيرپور اندر وڌ ۾ وڌ ڪم ڪيو پيو وڃي: ڊي سي او خيرپور

    ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ سچل آڊيٽوريم ۾ پوليو جي بيماري کان بچاءُ جي آگاهي واري مهم جي حوالي سان صحت کاتي خيرپور پاران منعقد ڪرايل هڪ ڏينهن واري سيمينار ۾ خطاب ڪندي چيو ته پوليو جي موذي مرض کان بچڻ لاءِ بچاءُ جي اپائن کي وڌ ۾ وڌ هٿي ڏني پئي وڃي جنهن ۾ پوليو جي بيماري کان بچاءُ جا ڦُڙا ضلعي جي هر ڳوٺ ۾ پياريا پيا وڃن. هن چيو ته پوليو مهم۾ ضلعي جي صحت کاتي، پي پي ايڇ آءِ، صحت جي نيشنل پروگرام۽ عالمي ادارن جو وڏو ڪردار آهي پر انهن عملي کي وڌيڪ موثر ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته صحت ۽ تعليم جي ٻنهن شعبن ۾ ضلعي خيرپور اندر وڌ ۾ وڌ ڪم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته عوام جي اعتماد کي بحال ڪرڻ لاءِ سرڪاري اسڪولن ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 26 اگست

    تازو ٿيل برساتن سبب جانورن جي پالنا واري کاتي پاران ڇهن متاثر ٿيل ضلعن ۾ جانورن جي علاج واسطي طبي مرڪز قائم

    ڊائريڪٽر اينيمل هسبنڊري سنڌ حيدرآباد طرفان پڌرو ڪيو ويو آهي ته تازو ٿيل برساتن سبب جانورن جي پالنا واري کاتي پاران ڇهن متاثر ٿيل ضلعن جن ۾ بدين، ٽنڊو محمد خان، ميرپور خاص، عمر ڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ ٽنڊو الهيار شامل آهن انهن ۾ جانورن جي علاج ۽ جانورن کي بيمارين جي بچاءُ جا ٽڪا لڳرائڻ واسطي مختلف ضلعن ۾ 57 طبي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ مالدار ڀائرن کي گذارش ٿي ڪجي ته قائم ڪيل اهڙن مرڪزن تي عملي سان لهه وچڙ ۾ اچي پنهنجن جانورن کي وچڙندڙ بيمارين جي بچاءَ جا ٽڪا لڳرائين ۽ ڪنهن به بيماري جي صورت ۾ يڪدم ويجھي مرڪز يا ضلعي آفيس کي اطلاع ڪري پنهجن جانورن جو علاج ڪرائين.

    وڌيڪ پڙھو
  • 20 اگست

    ڊاڪٽر سيد نجف علي شاهه نيشنل پروگرام فار فيملي پلاننگ اينڊ پرائمري هيلٿ ڪيئر جي چارج وٺي ڪم شروع ڪري ڏنو

    ڊاڪٽر سيد نجف علي شاهه نيشنل پروگرام فار فيملي پلاننگ اينڊ پرائمري هيلٿ ڪيئر ۾ ضلعي خيرپور جي لاءِ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر جي مقرري ٿيڻ کانپوءِ چارج وٺي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • جولائی- 2011 -
    22 جولائی

    ڊپٽي ڪمشنر خيرپور مختلف شڪايتن جو نوٽيس وٺندي راڻيپور پهچي ويو

    ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ميڊيا تي راڻيپور شهر اندر ڊرينيج، صفائي ۽ سُٿرائي جي حوالي سان مختلف شڪايتن جو نوٽيس وٺندي راڻيپور پهچي ويو. جتي ڊي سي خيرپور شهرين، لاڳاپيل عملدارن ۽ صحافين سان راڻيپور شهر جي مختلف مسئلن جي حل جي حوالي سان ٽائون ڪاميٽي راڻيپور ۾ هڪ گڏجاڻي ڪئي. ان موقعي تي پگهار نه ملڻ تي ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن احتجاج ختم ڪرائي کين شهر اندر صفائي ۽ سُٿرائي لا۽ ڪم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. جڏهن ته ملازمن پاران اڳوڻن تعلقه ايڊمنسٽريٽرس جي خلاف مختلف شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ڊي سي خيرپور سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ علي احمد لُنڊ سان فون ملازمن جي مسئلن جي باري ۾ آگاهي ڏني جڏهن ڊي سي خيرپور اڳوڻن ٽي ايم ايز خلاف انڪوائري ڪرڻ لاءِ سيڪريٽري کي گُذارش ڪئي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 14 جولائی

    بچاءُ بندن تي پوليس، رينجرز، روينيو ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن جي ڊيوٽي لڳائي پئي وڃي: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور

    ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ چيو آهي ته بندن جي مرمتي ڪم ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجندڙ غير قانوني حد دخلين کي کي فوري طور تي هٽايوويندو ۽ کجين جو معاوضو ڏنو ويندو. جڏهن ته بچاءُ بندن تي پوليس، رينجرز، روينيو ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن جي ڊيوٽي لڳائي پئي وڃي ته جيئن بندن جو مرمتي ڪم وقت تي ٿي سگهي. هن اهڙو اظهار اربع ڏينهن بچاءُ بندن جي دوري دوران ڪيون. ڊي سي خيرپور چيو ته ڳڙهي پٺاڻ واري جڳهه ته پوليس پڪٽ قائم ڪئي ويندي جنهن ۾ پوليس، رينجرز ، روينيو ۽ آبپاشي کاتي جا عملدار هر وقت موجود هوندا. جڏهن ته مختلف بچاءُ بندن تي آبپاشي کاتي پاران هر ميل کانپوءِ هڪ لانڍي قائم ڪري اُتي آبپاشي کاتي جي بيلدارن ۽ پوليس جي عملدارن جي ڊيوٽي لڳائي ويندي. ان موقعي تي ڊي سي آبپاشي کاتي جي ايس.اِي ولي محمد نائچ کي ڏهن ڏينهن اندر زيرو پوائنٽ کان چار ميل تائين بچاءُ بند جو مرمتي ڪم پوري ڪرڻ ۽ بندن جي مرمتي ڪم ۾ رڪاوٽون پيدا ڪندڙ غير قانون حد دخلين کي هٽائڻ جو هدايتون جاري ڪيون

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button