خيرپور

تازو ٿيل برساتن سبب جانورن جي پالنا واري کاتي پاران ڇهن متاثر ٿيل ضلعن ۾ جانورن جي علاج واسطي طبي مرڪز قائم

Badin rain6خيرپور: ڊائريڪٽر اينيمل هسبنڊري سنڌ حيدرآباد طرفان پڌرو ڪيو ويو آهي ته تازو ٿيل برساتن سبب جانورن جي پالنا واري کاتي پاران ڇهن متاثر ٿيل ضلعن جن ۾ بدين، ٽنڊو محمد خان، ميرپور خاص، عمر ڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ ٽنڊو الهيار شامل آهن انهن ۾ جانورن جي علاج ۽ جانورن کي بيمارين جي بچاءُ جا ٽڪا لڳرائڻ واسطي مختلف ضلعن ۾ 57 طبي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ مالدار ڀائرن کي گذارش ٿي ڪجي ته قائم ڪيل اهڙن مرڪزن تي عملي سان لهه وچڙ ۾ اچي پنهنجن جانورن کي وچڙندڙ بيمارين جي بچاءَ جا ٽڪا لڳرائين ۽ ڪنهن به بيماري جي صورت ۾ يڪدم ويجھي مرڪز يا ضلعي آفيس کي اطلاع ڪري پنهجن جانورن جو علاج ڪرائين. ان کان علاوه جانورن جي پالنا واري کاتي پاران ڊائريڪٽوريٽ آف اينيمل هسبنڊري شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ مرڪزي سيل قائم ڪيو ويو آهي، جنهنجو فون نمبر 0229200990 آهي، جتي مالدار ڀائر رابطو ڪري رهنمائي پڻ حاصل ڪري سگھن ٿا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button