خيرپور

بچاءُ بندن تي پوليس، رينجرز، روينيو ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن جي ڊيوٽي لڳائي پئي وڃي: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور

DC visits dykesخيرپور: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ چيو آهي ته بندن جي مرمتي ڪم ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجندڙ غير قانوني حد دخلين کي کي فوري طور تي هٽايوويندو ۽ کجين جو معاوضو ڏنو ويندو. جڏهن ته بچاءُ بندن تي پوليس، رينجرز، روينيو ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن جي ڊيوٽي لڳائي پئي وڃي ته جيئن بندن جو مرمتي ڪم وقت تي ٿي سگهي. هن اهڙو اظهار اربع ڏينهن بچاءُ بندن جي دوري دوران ڪيون. ڊي سي خيرپور چيو ته ڳڙهي پٺاڻ واري جڳهه ته پوليس پڪٽ قائم ڪئي ويندي جنهن ۾ پوليس، رينجرز ، روينيو ۽ آبپاشي کاتي جا عملدار هر وقت موجود هوندا. جڏهن ته مختلف بچاءُ بندن تي آبپاشي کاتي پاران هر ميل کانپوءِ هڪ لانڍي قائم ڪري اُتي آبپاشي کاتي جي بيلدارن ۽ پوليس جي عملدارن جي ڊيوٽي لڳائي ويندي. ان موقعي تي ڊي سي آبپاشي کاتي جي ايس.اِي ولي محمد نائچ کي ڏهن ڏينهن اندر زيرو پوائنٽ کان چار ميل تائين بچاءُ بند جو مرمتي ڪم پوري ڪرڻ ۽ بندن جي مرمتي ڪم ۾ رڪاوٽون پيدا ڪندڙ غير قانون حد دخلين کي هٽائڻ جو هدايتون جاري ڪيون جڏهن ته ايس ڊي ايم خيرپور عبدالقدير انصاري ۽ مختيارڪار ڪنگري کي زمينداري بندن جي حوالي رپورٽ پيش ڪرڻ حد دخلين کي هٽائڻ لاءِ آبپاشي کاتي سان سهڪار ڪرڻ جا پڻ حُڪم جاري ڪيا.DC visits dykes2 جڏهن ڊي سي خيرپور محمد عباس بلوچ، ايس اي اريگيشن ولي محمد نائچ، رينجرز جي ميجر شهباز ، ايس ڊي ايم خيرپور عبدالقدير انصاري، ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر ملڪ اقبال حسين ۽ ٻين عملدارن سان گڏجي بچاءُ بند جي زيرو پوائنٽ کان اُلرا بچاءُ بند تائين بچاءُ بندن جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو ۽ بندن جي مرمتي ڪم جو جائزو پڻ ورتو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button