سائنس، صحت ۽ زراعت
-
گرڪڻو واهه جي ٽن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ جي ڪري واهه جي پورجي وڃڻ خلاف مظاھرو
گرڪڻو واهه جي ٽن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ جي ڪري واهه جي پورجي وڃڻ ۽ پڇڙي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف آبادگار ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سوين آبادگارن جو پنجين ڏهاڙي به سڳيون ڀرسان لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ، ڌرڻو ، ٽائرن کي باهيون
وڌيڪ پڙھو -
ايڇ آر ڊي ايس پاران شهدادڪوٽ ۾ڳورھاري ڳوٺاڻن عورتن ۾ ڊليوري ڪٽس جي مفت ورهاست
شهدادڪوٽ ۾ ايڇ آر ڊي ايس ۽ پئمان يُو ايس ايڊ پاران مختلف ڳوٺن جهڙوڪ مير جي نري،غيباڻا،چنگل پانڌا ۽ قمبراڻي ۾ ڪلين اسٽار ڊليوري ڪٽس ورهايون ويون. ان موقعي تي ايڇ آر ڊي ايس جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينٽر جاويد شيخ ۽ ٻين اڳواڻن ناديه وڌو ۽ اسلام بوزدار ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ هر سال ويم دؤران هزارين عورتون فوت ٿي وڃن ٿيون.
وڌيڪ پڙھو -
شھدادڪوٽ: ڳوٺ مهربان پٺاڻ ۾ ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي
شهدادڪوٽ ۾ ايڇ آر ڊي ايس ۽ سائيٽ سيورز اسلام آباد پاران ڳوٺ مهربان پٺاڻ ۾ ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي،اکين جي ماهر ڊاڪٽر عبدالستار وڌو ڪئمپ دؤران مختلف ڳوٺن جي ماڻهن جي اکين جي چڪاس ڪئي ۽ مريضن کي مفت علاج پڻ ڏنو
وڌيڪ پڙھو -
ايس ڊي او اريگيشن ڪنڊيارو خلاف ڳوٺاڻن جو مظاھرو
ايس ڊي او اريگيشن ڪنڊيارو پاران نولکي واهه مان نڪرندڙ واٽر ڪورس کي بند ڪرڻ ۽ اريگيشن جي ريسٽ هائوس جو لوهه ۽ ڪاٺ وڪرو ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو ايس ڊي او خلاف پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان
وڌيڪ پڙھو -
سکر: ٽريڪٽر اسڪيم ڪامورن جي نظر ٿي وئي
پيپلزپارٽي پاران زراعت جي ترقي ۽ آبادگارن کي خوشحال بڻائڻ لاءِ شروع ڪيل ٽريڪٽر اسڪيم ڪامورن جي نظر ٿي وئي، ڪيترائي آبادگار ڪڻا نڪرڻ توڙي پئسا جمع ڪرائڻ باوجود روزانو آفيسن ٻاهران قطارن ۾ بيهي بيهي واپس موٽڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
ماحوليات جي تحفظ واري اداري حيدرآباد جي ريجنل آفيس پاران 22 اپريل 2013 تي زمين جو عالمي ڏهاڙو ملھايو ويندو
ماحوليات جي تحفظ واري اداري حيدرآباد جي ريجنل آفيس پاران 22 اپريل 2013 تي زمين جو عالمي ڏهاڙو شاندار نموني سان ملهائڻ لاءِ ماڊل اسڪول حيدآباد ، اِي پي اَي (EPA) جي آفيس ۽ شهر جي تعليمي ۽ صنعتي ادارن ۾ مختلف آگاهي جا پروگرام ترتيب ڏنا ويا آهن
وڌيڪ پڙھو -
بارداني جي حوالي سان آباگارن جي شڪايت کي ختم ڪيو وڃي، ڊاڪٽر نياز عباسي
ڪمشنر سکر ڊويزن ڊاڪٽر نياز عباسي چيو آهي ته خوراڪ کاتو عوام کي رليف پهچائڻ لاءِ ڪڻڪ ۽ بارداڻي جي فراهمي کي صاف ۽ شفاف ڪن ته جيئن ننڍن کاتيدارن کي فائدو ملي ۽ بارداڻي جي بي قاعدگي جي درستگي جي عمل کي يقيني بڻائن ڪڻڪ جي خريداري ۽ بارداڻي جي تقسيم کي صاف شفاف بڻائن
وڌيڪ پڙھو -
صوبي اندر ڪڻڪ جي پيدوار تمام گهڻي بهتر ٿي آهي، صوبائي وزير خوراڪ
نگران صوبائي وزير خوراڪ اقبال دائود پاڪ والا چيو آهي ته ڪڻڪ جي خريداري جي مقرر هدف جي خريداري لاءِ صوبي جي مختلف ريجنن ۾ هدف موجب باردانو فراهم ڪيو ويو آهي جڏهن ته بارداني جي شفاف ورهاست ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولرس (ڊي ايف سيز) کي سختي سان هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ ۾ وونئڻن جي پوک ڏاکڻي سنڌ ۾ 15 کان 20 سيڪڙو ۽ اتر سنڌ ۾ هڪ کان ٻه سيڪڙو ٿي چڪي
سنڌ ۾ وونئڻن جي پوک ڏاکڻي سنڌ ۾ 15 کان 20 سيڪڙو ۽ اتر سنڌ ۾ هڪ کان ٻه سيڪڙو ٿي چڪي آهي جڏهن ته ڪڻڪ جو لابارو جاري آهي جيڪو ڏاکڻي سنڌ ۾ 70 کان 80 سيڪڙو ۽ اتر سنڌ ۾ 50 سيڪڙو تائين ٿي چڪو آهي اهڙي طرح اٽڪل سڄي سنڌ ۾ 50 سيڪڙو تائين ڪڻڪ جي ٿريشنگ ٿي چڪي آهي
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا ۾ ڪڻڪ خريداري اڃا شروع نه ٿي
هنڱورجا ۾ ڪڻڪ خريداري اڃا شروع نه ٿي خوراڪ کاتي جو مقرر فوڊ انسپيڪٽر واپارين کي باردانو 150 کان 200 روپيه في ٻوري وڪرو ڪرڻ لڳو، باردانو نه ملڻ تي آبادگارن جو فوڊ انسپيڪٽر خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان
وڌيڪ پڙھو